• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چي گويرا پاڪستان جي دوري تي آيو هو

عباس ڪوريجو

سينيئر رڪن
12 جون 1959 تي چي گويرا ڪيوبا کان سندس باڊر گارڊ جوز آ گوڊن ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن عمر فرنينڊس ۽ فرانسسڪو گارشيا سان روانو ٿيو. قاهره ۾ هن وفد سان سيلواڊور ولاسڪا، هڪ رياضي دان به شامل ٿي ويو ۽ بعد ۾ اُهي هندستان پهتا جتي جوز پارڊو نالي هڪ صحافي پڻ شامل ٿي ويو.

هو يوگوسلاويه، مراڪو، مصر، سوڊان، سري لنڪا، هندستان، انڊونيشيا ۽ جاپان کان گذريو. هو پاڪستان به آيو ۽ 1965 ۾ چين ويندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان آيو.

سال 1959 اونهاري جي مُند ۾ چي گويرا جن ملڪن جو دورو ڪيو اُهي سياسي ۽ معاشي لحاظ سان ڪيوبا لاءِ اهم هئا. پر پاڪستان اچڻ جو مقصد ڪجهه مهينا اڳ سي آءِ اي جي مدد سان آيل آمريت ڏسڻ هو.
 
Back
Top