ڪم مڪمل ڪريو يا ننڊ

'صحت سرير جي' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    هڪ تازي سروي موجب 23 سيڪڙو آمريڪين کي اوجاڳي جي بيماري آهي جنهن سان آمريڪي معيشت کي ساليانو 63.2 بلين ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. تازو ئي آمريڪا جي اڪيڊمي آف سليپ ميڊيسن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ساليانو بنياد تي هر آمريڪي شهري کي اوجاڳي جي بيماري يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري جي ڪري 11.3 ڏينهن جو نقصان ٿئي ٿو.
    هاورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ۽ هن سروي ۾ شامل ڊاڪٽر رونلڊ ڪيسلر جو چوڻ آهي ته ”اسين انهن نتيجن جو جائزو وٺڻ بعد اچرج ۾ پئجي ويا سين ته ننڊ نه اچڻ يا وري گهٽ آرام ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي تي ڪيترو بُرو اثر پوي ٿو.
    ڊاڪٽر ڪيسلر وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته گهٽ سمهڻ سان آمريڪي شهري ڪم ڪونه ڪندا آهن. ان جي ابتڙ آمريڪي پنهنجي ملازمت واري جاين ڏانهن ويندا آهن پر ڪم تمام گهٽ ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر ڪيسلر موجب هن سروي ۾ آمريڪا جي 7 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي شامل ڪيو ويو.
    اِها رپورٽ ڊاڪٽر ڪيسلر جي هن سروي جو حصو هئي جنهن جو نالو American Insomnia Study رکيو ويو آهي. اِها ريسرچ سال 2008 جي شروعات ۾ ڪئي وئي. هن سروي موجب اِها بيماري ليڊيز ورڪرز ۾ مردن کان وڌيڪ آهي. هن سروي ۾ شامل 27.1 سيڪڙو عورتن کي اوجاڳي يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري آهي جڏهن ته مردن ۾ اِها شرح 19.7 سيڪڙو هئي.
    ڊاڪٽر ڪيسلر موجب کيس خبر آهي ته ننڊ نه اچڻ جي ڪري آمريڪي معيشت کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سروي موجب هن بيماري جي علاج لاءِ هر مريض ساليانو 200 ڊالر خرچ ڪري ٿو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو