انسان طويل عرصي کان ڪڏهن بادام ۽ اخروٽ کائي، ڪڏهن ذهني آزمائش جون ورزشون ڪري ۽ ڪڏهن مختلف دوائون ۽ طريقن سان پنهنجي دماغي صلاحيت وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. پر ٻئي پاسي ڪو هوريان هوريان سندس دماغ کائي ٿو، هوريان هوريان جيئن ڪوئو شئيون کائي ٿو. اسانجو دماغ پنهنجا سمورا ڪم ۽ عمل پنهنجن خلين ذريعي جن کي نيوراڪ چئبو آهي، مڪمل ڪري ٿو، هڪ اندازي موجب انساني دماغ ۾ نيوران جو انگ اوترو آهي جيترو هن ڪائنات ۾ موجود سيارا ۽ ستارا يعني هڪ کرب کان وڌيڪ آهن. اسانجو دماغ هڪ ڪمپيوٽر چپ وانگر آهي جنهن ۾ ڪروڙين سرڪٽ آهن جيڪي بجلي سان ڪم ڪندا آهن. دماغ گهربل بجلي پاڻ پيدا ڪري ٿو. اسانجي دماغ ۾ موجود برقي قوت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اِها مقدار 10 کان 23 واٽ جو بلب روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. دماغ کي پنهنجا ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گلوڪوز ۽ آڪسيجن گهرجي، انساني رت ٻئي شئيون ميسر ڪري ٿو. اسانجي رت جو 20 سيڪڙو وهڪرو دماغ ڏانهن وڃي ٿو. اسانجو بدن خوراڪ ذريعي گلوڪوز جي جيتري مقدار پيدا ڪري ٿو اسانجو ذهن هن مان 20 سيڪڙو مقدار خرچ ڪري ٿو ۽ اسانجا ڦڦڙ پنهنجي اندر جيتري آڪسيجن جذب ڪندا آهن اسانجو دماغ هن مان به 20 سيڪڙو حصو ڪتب آڻي ٿو. سڀ کان اهم سوال اِهو آهي ته اسانجو دماغ ڪير کائي رهيو آهي؟ سائنسدانن موجب اسانجي دماغ جي خلين کي ڪير ٻيو نه پر اسانجو ئي دماغ کائي رهيو آهي. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانجو ذهن پنهنجي بُک کانسواءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪري ٿو. جيستائين اسانجي دماغ کي مختصر عرصي تائين خوراڪ نٿي ملي اوستائين اسانجو دماغ پنهنجا خليا کائڻ شروع ڪري ٿو. اسانجو معدو اسانکي بُک جو احساس ڏياري ٿو، پر دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته بُک معدي کي نه پر دماغ کي محسوس ٿيندي آهي. جڏهن گلوڪوز جي سطح گهٽجڻ لڳي ٿي ته ذهن معدي کي پيغام موڪلي ٿو، ۽ معدي جي حرڪت اسانکي بُک جو احساس ڏيارڻ شروع ڪري ٿي. انڪري ڪيترا ئي ڀيرا معدو ڀريل هجڻ باوجود اسانکي بُک جو احساس ٿيندو آهي ۽ ڪيترا ئي ڀيرا خالي پيٽ هجڻ باوجود بُک جو احساس ڪونه ٿيندو آهي. دماغ لاءِ گلوڪوز جي ساڳئي اهميت آهي جيڪا گاڏي لاءِ پيٽرول جي آهي. هن کان پهريان جو دماغ لاءِ ٻارڻ جي سوئي صفر تي پهچي، هو پنهنجا خليا کائي پنهنجي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو. فاڪس نيوز جي ويب سائٽ تي شايع ٿيل رپورٽ موجب نيويارڪ جي الرٽ آئن اسٽائن ڪاليج آف ميڊيسن جي سائنسدانن کي ڊائٽنگ تي ريسرچ ۾ خبر پئي ته نهايت بُک جي حالت ۾ ذهن جو هڪ مخصوص حصو ساڳيو ڪم ڪري ٿو جيڪو اسانجو بدن ڪري ٿو. اسانجو بدن خوراڪ نه ملڻ سبب پنهنجي چرٻي کائي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو. جنهن سان وزن گهٽ ۽ انسان ڏٻرو ٿئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ هو ته دماغ ائين هرگز نٿو ڪري سگهي، پر ڪوئن تي سلسليوار تجربن سان ظاهر ٿيو ته گلوڪوز نه ملڻ تي ذهن جو هڪ حصو، جيڪو ننڊ، جسم جو درجه حرارت، بُک ۽ اڃ جهڙا مختلف ڪم ڪري ٿو. پنهنجا ئي خليا کائڻ شروع ڪري ٿو. ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رجت سنگهه جو چوڻ هو ته بُک جي سبب جي متعلق سائنسي ريسرچ جي نتيجن سان صحتمند زندگي گذارڻ ۽ پنهنجو وزن ڪنٽرول رکڻ ۾ مدد حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پنهنجي خوراڪ ۾ اهڙو توازن قائم ڪرڻ سان، جنهن سان دماغ جي قوت جون ضرورتون حاصل ٿينديون رهڻ، بدن جي اضافي چرٻي ساڙي سگهجي ٿي. انڪري ڊائٽنگ ڪندڙ ماڻهن کي خبردار رهڻ گهرجي ته ڊائٽنگ توڙي بدن جي اضافي چرٻي کائي يا نه کائي، پر هنن جو دماغ کائي سگهي ٿي.
جاويد اختر جو لکيل هي ليک اڳ ئي ويچار سائيٽ تي پڙهيو هو۔۔۔ سائين نثارابڙو سان جڏهن گفتگو ٿيندي آهي ته هو به دماغ کي وڌائڻ لاءِ بادام ۽ اکروٽ ايتري تائين جو سعودي جون بادامن واريون کارڪون پڻ کائيندو آ۔۔۔ هاڻي کيس به تسليم ڪرڻ گهرجي ته دماغ کائڻ يا مٿو کائڻ وارا گهر ۾ نه پر پنهنجي جسم ۾ ئي موجود آهن۔۔۔ هاءِ هاءِ اهڙن جراثيمن کي ڪڍي ٻاهر ڪڍڻ به نه سولو آهي ۽ نه وري فائديمند۔۔
اڙي ابا رشيد! پاڻ دماغ جي صحتمندي کان ته هون تنگ آهيون، جو ايترو سوچي ٿو جو کيس لطيف جو هي بيت ياد ڏياري ٿڌو ڪندا رهونٿا ” الله ڏاهي مَ ٿيان“ ۔۔۔ باقي رهيا بادام، پستا، اکروٽ ۽ کارڪون اهي دماغ کان وڌيڪ ٻين ڪمن ۾ پڻ فائديمند آهن، جن جي ذڪر ڪرڻ سان ڪيترائي دوست ان ڪم ۾ لڳي ويندا، انڪري نه ڪبو ۔۔۔۔ هههههههه سائين عباس ڪوريجو جن جو ڪارائتو ۽ ڄاڻ وارو ونڊ ۔۔۔ لک قرب
ادا عباس۔۔فاڪس نيوز جي ان ويب سائيٽ جو لنڪ شيئر ڪندا ته مهرباني ٿيندي۔ منهنجي ڄاڻ موجب دماغ جا نيوران گلوڪوز گهٽ ٿي وڃڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي نه کائيندا آهن بلڪه اهي مرڻ لڳندا آهن ڇو جو انهن نيورانز جي خوراڪ صرف ۽ صرف گلوڪوز ئي آهي۔اهو ئي سبب آهي جو رت ۾ گلوڪوز جي مقدار نارمل رکڻ لا الله پاڪ کوڙ سارا حفاظتي سسٽم رکيا آهن۔ جسم جي ٻين حصن ۾ اگر گلوڪوز نه به پهچي ته نعم البدل ۾ محفوظ ٿيل چرٻي ۽ پروٽين استعمال ٿيڻ لڳندي آهي يعني مختلف قسم جي عملن سان چرٻي ۽ پروٽين مان گلوڪوز ٺهڻ لڳندو آهي ۽ اهڙي طرح رت ۾ گلوڪوز جي مقدار نارمل ٿيندي آهي۔ جڏهن چرٻي ۽ پروٽين به گلوڪوز ٺاهڻ لا موجود نه هجن ته پو سڀ کان پهرين دماغ جا نيوران ئي مُرده ٿيڻ لڳندا آهن۔ جسم ۾ گلوڪوز جو نارمل مقدار 80 کان 120 ملي گرام هوندو آهي۔ خدانخواسته جيڪڏهن گلوڪوز جي مقدار 50 ملي گرام کان به گهٽ ٿي وڃي ته انسان جي ذهن تي ان جا خراب اثر شروع ٿي ويندا آهن، انهن ۾ غنودگي، مڪمل بيهوشي ۽ ڪوما وغيره شامل آهن۔ جيئن جيئن گلوڪوز گهٽ ٿيندو ويندو آهي دماغ جا مختلف حصا مرندا ويندا آهن۔ باقي دماغ جا خليا گلوڪوز نه هئڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي کائڻ لڳن۔۔!! اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي۔ ڇو جو دماغ جا نيوران ان قابل ئي ناهن جو هڪ ٻئي کي ڳڙڪائي سگهن۔ اها قوت رت جي ڪجهه خلين ۾ ضرور آهي جيڪي جسم ۾ جراثيمن کي ۽ غير ضروري نقصانده مادن کي هضم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔ دماغ ۾ هڪ قسم جي حفاّظتي جهلي هوندي آهي۔ رت جا اهي مخصوص جزا ڪجهه حالتن ۾ ان جهلي مان گذري دماغ جي نيوران جي ويجهو پهچي پنهنجو اهو ساڳيو ڳڙڪائڻ واروڪم ڪري سگهن ٿا۔ جڏهن دماغ جا خليا گلوڪوز جي غير موجودگي جي ڪري مرڻ لڳندا آهن ته انهن مرده غير ضروري خلين کي اتان هٽائڻ ۾ رت جي انهن جزن جو اهم ڪردار ٿئي ٿو ۽ جڏهن اهي ان حصي جي صفائي ڪريو ڇڏين ته پو اهو حصو هڪ اهڙي فائبرس ٽشو سان ڀرجي ويندو آهي جيڪو نيورانز وارو ڪم ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي۔ يعني ڪرنٽ انهن جاين تان گذري نه سگهندو آهي۔ دماغ ۾ جسم جي هر عمل کي ڪنٽرول ڪرڻ جو هڪ مرڪز هوندو آهي۔ سمهڻ، جاڳڻ، کلڻ، روئڻ، بک لڳڻ، اُڃ لڳڻ مطلب تي هر هڪ ڪم دماغ جي اشارن جو محتاج آهي۔ جڏهن دماغ جا خليا گلوڪوز نه هئڻ ڪري مري ويندا آهن ته دماغ جي ان مرده حصي جو ڪم متاثر ٿيندو آهي۔
گهٽ کائڻ ۽ بُکيو رهڻ سان دماغ جا خليا پاڻ کي کائڻ لڳن ٿا۔۔!!!خوشقسمتي سان نيٽ تي سرچ ڪندي مون کي اهو آرٽيڪل ملي ويو آهي۔Dieting, Starvation Cause Brain Cells to Eat Themselves, New Research Claimهن آرٽيڪل ۾ ڊرامائي انداز ۾ دماغ جي هڪ حصي هائپو ٿيليمس (Hypothalamus) ۾ موجود بُک لڳائيندڙ خاص قسم جي نيورانس ۾ اها صلاحيت ٻُڌايل آهي۔ حالانڪه غور سان پڙهبو ته ڳالهه ساڳي ثابت ڪيل آهي جيڪا پهرين ئي ميڊيڪل جي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي ته بک واري حالت ۾ دماغ جا نيوران مرڻ لڳندا آهن۔ بس فرق اهو آهي ته هن ريسرچ ۾ نيورانس جي مرڻ جو مڪينزم واضع طريقي سان سمجهايو ويو آهي۔ جڏهن گلوڪوز جو مقدار گهٽ ٿي ويندو آهي ته سڀ کان پهرين اهي مخصوص بک لڳائيندڙ نيورانس ئي متاثر ٿينداآهن، دماغ جي ٻين حصن جو وارو بعد ۾ ايندو آهي۔ بُک جي حالت ۽ چرٻي جو ڳرڻبُک جي حالت ۾ جڏهن گلوڪوزجي مقدار رت مان گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي ته اسان جي جسم ۾ موجود محفوظ توانائي (Stored Energy) يعني چرٻي مختلف عملن جي نتيجي ۾ ڳرڻ لڳندي آهي۔ ان ئي چرٻي مان گلوڪوز ٺهي رت ۾ گهٽ ٿيل مقدار کي ٻيهر نارمل ڪري ڇڏيندو آهي۔ اهو عمل خاص طور تي ماني کائڻ جي وچ واري وقفي ۾ ٿئي ٿو۔ دماغ جو بُک کي محسوس ڪرڻاسان جي جسم جي اها ڳرندڙ چرٻي گلوڪوز ٺاهڻ جي عمل دوران رت ۾ به شامل ٿيندي آهي ۽ ان چرٻي جا ڪجهه جزا رت جي وهڪري ذريعي دماغ جي ان مرڪز ۾ به پهچندا آهن جنهن کي هائپو ٿيليمس چوندا آهن۔هائپوٿيليمس اسان جي دماغ جو هڪ تمام اهم مرڪز آهي جتي بُک، اُڃ، ننڊ ۽ سجاڳي وغيره ڪنٽرول ٿيندي آهي۔ جڏهن چرٻي جا اهي جزا هائپوٿيليمس جي بُک وارن نيورانس وٽ پهچندا آهن ته دماغ کي اها خبر پوندي آهي ته جسم کي هاڻ غذا جي ضرورت آهي۔ هن تحقيق مطابق اهي بُک محسوس ڪرائيندڙ نيورانس جن کي ( agouti-related peptide (AgRP) neurons) چوندا آهن، بک جي حالت ۾ سڀ کان پهرين ردعمل ظاهر ڪن ٿا ۽ازخود ڳري وڃن ٿا يا ٻين لفظن ۾ پاڻ کي کائڻ لڳن ٿا۔
اي انسان تون پاڻ کي ننڍڙو جراسيم خيال ڪرين ٿو تنهنجي اندر ته علامِ اڪبر سامايل آهي۔ بهترين تحقيقي سلسلو انشاءِ الله جاري رهندو۔ وسلام