• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو؟

نثارابڙو

نائب منتظم
شيخ اياز ۔۔۔ سنڌ جو شاعر ۔۔۔ سنڌ جو عاشق ۔۔۔ سنڌين جي دلين تي راڄ ڪندڙ شاعر ۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=9EGv-Xs8UNo

هيٺ ڏنل ڪافي ته سندس سنڌ سان عشق جو بي بها ثبوت آهي

سهنــــدو ڪيـــر ميـــار، او يـار!
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ،
ڪرندا ڪنـــڌ هـــزار، او يـــــار،
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

نيــــٺ وڍينـــدڙ وڍجــــي وينــــدا،
ڪٽبــــي نيــــٺ ڪٽـار، او يار!
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي،
دوکـــــي جــــــي ديـــــوار، او يــــــار!
سنڌڙيءَ کي ســـر ڪير نه ڏيندو!

گهڙا کڻي گهڙنديون، سَوَ سهڻيون،
مرنــــــدا سَـــــوَ ميهـــــار، او يــــــار!
سنڌڙيءَ کـــي سر ڪير نه ڏيندو!

سر جي سين هڻـــي ڏس چـــارڻ،
ٻيـــجــــل ٿـــــي ٻيهــــار، او يــــار!
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

هي گيت به ٻڌڻ وٽان آهي
http://www.youtube.com/watch?v=uPqxI7EqSOI
 
جواب: سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو؟

سنڌ جي هن شاعر جي سالگره جو پروگرام ٿوڙي دير پهريان ڪي ٽي اين تان آن ائير ٿيو
لائيو پروگرام

جي دوست، ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔

ڪنهن ماڻهونءَ جي مرڻ يا ڄمڻ جو ڏهاڙو اهم آهي يا نه ۔۔۔ ها! اهم آهن ته ماڻهونءَ جا عمل، ڪو قدر آهي ته ماڻهونءَ جي نظرين جو ۔۔۔ محترم شيخ اياز، سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو تارو هو جنهنجي روشنيءَ سان سڄي سنڌ چمڪڻ لڳندي هئي ۔۔۔ هو پنهنجو ڪلام اسان وٽ ڇڏي ويو آهي ۔۔۔ ان پيغام جا ڪيترائي رنگ آهن ۔۔۔ پر سندس حب الوطني ۽ انسانيت وارو رنگ تمام سهڻو، نيارو ۽ گهرو آهي ۔۔۔

رب العالمين سندس مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
sindhsalamatsaathsal
 
آمين ثم آمين
سائين عرض اهو ته ڇا محترم مرحوم شيخ اياز جي سڀني ڪتابن جي فهرست ۽ جي انٽرنيت تي ان جو ڪلام هجي ته مهرباني ڪنداshal judy hujeen
 
جواب: سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو؟

واه سائين واه مزو اچي ويو​

هن ڌاڳي ۾ شايد اهو گيت ناهي ڏنل ۔۔۔ ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“، ڪنهن دوست وٽ هجي ته هن ڌاڳي ۾ ونڊ ڪري ته مزو اچي وڃي ۔۔۔ ادو ممتاز ، اوهان به کوجي آهيو، عرض آهي ته اها سڪ به سڪايل جي پوري ٿئي ۔۔۔
 
جواب: سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو؟

هن ڌاڳي ۾ شايد اهو گيت ناهي ڏنل ۔۔۔ ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“، ڪنهن دوست وٽ هجي ته هن ڌاڳي ۾ ونڊ ڪري ته مزو اچي وڃي ۔۔۔ ادو ممتاز ، اوهان به کوجي آهيو، عرض آهي ته اها سڪ به سڪايل جي پوري ٿئي ۔۔۔

سائين اها فرمائش ادو ممتاز ئي پوري ڪري سگهي ٿو
مولا آباد ڪرين
 
Back
Top