• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قرب جا ڪُشتا.......

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
تنهنجي چهري کي ڏسڻ سان، هئه مزا ڏاڍا مليا
خاص خوراڪون مليون، ۽ خوبتر کاڌا مليا

ڇا ٻڌايان نيڻ تنهنجا ٻئي نشيلا ڇا مليا
شربتي شيشا مليا ۽ جام ڪوثر جا مليا

سڀ سوادي صوف، ڏاڙهون، انب ۽ گدرا مليا
جي به خلقيا ها خدا سي جنتي ميوا مليا

چاھ مان چاهي جڏهن تو ڪي چشم بادامي کنيا
ڪشمشون، اکڙوٽ، نيزا، پيار جا پستا مليا

اُڃ بيهي ڪيئن، بک بيهي ڪيئن، ڏک بيهي ڪيئن ان اڳيان
جنهن کي اي سعيد آهن قرب جا ڪشتا مليا۔
 
Back
Top