هڪ ننڍي عمر جو ڇوڪرو هڪ پي سي او تي ويو جتي ڪولڊ ڊرنڪس جي سروس پڻ موجود هئي۔۔۔ هن دڪاندار کان هڪ ننڍو پيپسي جو ٽِن ورتو ۽ فون ڪرڻ لاءِ ٽوڪن ورتو۔۔۔ هن فون بوٿ ۾ ٽوڪن وڌو ۽ 7 نمبر پريس ڪيا۔۔۔۔۔۔۔ جيسين اڳيان ڪال رسيو ٿئي هن پيپسي جي ٽِن کي رسيور تي رکيو۔۔۔
ٿوري ئي دير ۾ ٻئي پاسي ڏانهن هيلو جو زنانو آواز آيو۔۔۔
ڇوڪري چيو۔۔۔ ”هيلو ميم۔۔۔! ڇا توهان مون کي پنهنجي گهر جي لان جي ڪٽنگ لاءِ ملازم رکندو۔۔۔؟“
عورت جواب ڏنو۔۔۔”پر ان لاءِ ته مون وٽ اڳي ئي ماڻهون موجود آهي۔۔۔“
ڇوڪري چيو۔۔۔”ميم۔۔۔ مان توهان جي لان جي ڪٽڻ لاءِ ان ماڻهونءَ جي مقابلي ۾ اڌ رقم وٺندس۔۔۔“
عورت وراڻيو۔۔۔”توهان جي مهرباني ۔۔۔ پر جيڪو ماڻهون هيئنر ڪم ڪري رهيو آهي۔۔۔ مان ان کان مطمئن آهيان۔۔۔“
ڇوڪري ان هوندي به منٿ جاري رکي۔۔۔
ڇوڪري چيو۔۔۔ ”ميم۔۔۔ مان توهان جي لان جي چوڌاري واري رستي کي ٻهاري پڻ ڏيندس ته جيئن آچر واري موڪل تي توهان جي گهر جو پارڪ خوبصورت نظر اچي۔۔۔“
عورت وراڻيو۔۔۔”توهان جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني۔۔۔۔ پر مان في الحال تبديلي نه ٿي چاهيان۔۔۔“
چهري تي مسڪراهٽ سجائيندي ڇوڪري رسيور ڪريڊل تي رکيو ۔۔۔ ۽ واپسي لاءِ مڙيو۔۔۔
پي سي او جو مالڪ جيڪو ڇوڪري جي پوري ڪال ٻڌي رهيو هو۔۔۔ ۽ ڇوڪري جي ڳالهائڻ ۽ قابليت کان متاثر ٿي لڳو۔۔۔ ڇوڪري کي چيائين۔۔۔ ”پٽ مان تنهنجي مثبت رويي کان متاثر ٿيو آهيان۔۔۔ ۽ مان توکي پاڻ وٽ نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان۔۔۔۔“
ڇوڪري جواب ڏنو۔۔۔۔ ”سر توهان جي مهرباني۔۔۔ دراصل مان پنهنجي نوڪري جي ڪارڪردگي چيڪ ڪري رهيو هئس۔۔۔۔ ڪال تي موجود عورت جي باغيچي جي ڪٽنگ ڪندڙ ماڻهون مان ئي آهيان۔۔۔“