ڦارون جا فائدا

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2013۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڦاروا

    گجراتي : فالسه ڦالسه
    سنسڪرت پروسڪ
    بنگالي فلوسه
    انگريزي
    لاطيني grewia Asiatica
    خاندان Tiliaceae
    سڃاڻپ: هن جو وڻ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي شربتي ڦاروو هي مني ميٽر کان 2 ميٽر تائين ٿيندو آهي هن جو ڦاروو پهرين کٽو پوءِ مٺو چاشني دار ٿئي ٿو انهيءَ ۾ پاڻي زياده هوندو آهي سنڌ ۾ عام ٿئي ٿو پنجاب ۽ احمد پور شرقيه ۾ به ٿئي ٿو
    ڦاروو شڪري هن جو وڻ توت وانگرلڳ ڀڳ اڍائي ميٽر دگھُ ٿئي ٿو هن ۾ پاڻي گھٽ هوندو آهي پهرين هي کٽ مٺوبعد ۾ مٺو ٿي وڃي ٿو هن جي کل ۽ ڦل ڪم اڇي ٿو هن جو ڦل: ڇاپرو ٻير جيڏو ٿيندو آهي جڏهن ڪچو هوندو آهي ته سفيد سبز ڪسارو ۽ پچڻ کان پوءِڪاراڻ مائل ٿي وڃي ٿوذائقو کٽ مٺو پچڻ کان پوءِ مٺو ٿي وڃي ٿو.پن توت کان به وڏا ۽ ڪنارن تي لڪيرون هونديون اٿس گل هيڊاڻ مائل ڳاڙهو هوندو آهي هي مارچ جي آخر آگسٽ تائين ڦل ڏي ٿو ڦل کان هڪ مهينو پهرين گل لڳن ٿا
    مزاج کٽو سرد خشڪ 2 مٺو سرد تر
    مقدارو خوراڪ 50 گرام

    فائدا
    صفرا جي حدت ختم ڪرڻ سان گڏ سائي ۾ کارائڻ انتهائي مفيد آهي الٽين ۽ اٻڙڪن ۾ به ڪارائتو آهي مقوي دل و معده آهي هن جي پاڙ جي کل حڪيم اجمل خان ۽ٻيا شريفي خاندان جا طبيب پيشاب جي ساڙِي ۾ سوزاڪ لاءِ استعمال ڪرا.ئيندا هئا هي اڃ ۽ صفراوي جوش کي ختم ڪري ٿو قبض هئڻ ڪري بطور نقوع ذيابيطس ۾ پيارڻ مفيد آهي.هي گرم بخارن لا3 مفيد آهي دل جي ڏڙڪي ۽ خفقان ۾ مفيد آهي هن جي پاڙ جي کل هن سوزاڪ ۽ ذيابيطس ۾ مفيد آهي ڪٽي ڇاڻي صبح وشام هڪ گرام کارائجي .هي صفراوي دست هڏڪوئي ۽ الٽي بند ڪري ٿو تپ دق ۾ به ڦاروا فائدو ڪن ٿا عورتن جي مرض ليڪوريا ۾ ٻه ڦرواا ڪارآمد آهن وڻ جي کل5تولا پاڻي ۾ پسائي صبح جو پيارڻ سان شگر ۾ فائدو ٿي وڃي ٿو هن جي پاڙ جي کل 20 گرام ڪاڙهي پيارڻ سان سنڏن جي سور ۾ فادو ٿي وڃي ٿو

    مفرد علاج
    ڦارون جو رس 25 گرام کند 10 گرام ملائي پياريو گرمي لاءِ انتهائي مفيد آهي.
    2 ڦارون جي وڻ جي کل 100 گرام کنڊ هڪ حصو ٻنهي کي پيهي سفوف ٺاهي 6 گرام نيم گرم کير سان پياريو .

    مجربات
    فالسه آسو
    هن جي وڻ جي کل 5 ڪلو ڪٽي 52 ڪلو پاڻي ۾ ڪاڙهيو جڏهن 13 ڪلو رهي گل منڊي ڪلو گل ڌاوا 780 گرام کنڊ 5 ڪلو کنڊ ملائي هڪ ڏينهن رکي وري 3.5 ڪلو کنڊ وجھي ٿانو جو منهن بند ڪري سامان وجھي حسب دستور آسو تيار ڪريو . آسو تيار ڪرڻ جي ترڪيب ڪتابن ۾ موجود آهي اتي ڏسڻ گھرجي. 20 کان ٽيهن ڏينهن ۾ آسو تيار ٿي ويندو آهي انهيءَ کان پوءِ ڇاڻي صاف ڪري رکجي
    مقدارو خوراڪ 60 ملي لٽر صبح وشام پياريو
    فائدا حيص جي گھڻائي پيشاب جو ساڙو ۽ رڪاوٽ لاءِ انتهائي مفيد آهي

    مرڪبات: شربت فالسه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب سائين حڪيم صاحب ۔۔۔ اوهان ڀيرو ڀريو۔

    گهڻن ڏينهن کانپوء اوهان جو قيمتي ليک پڙهڻ لاء مليو۔ گرمي جي مند ۾ ڦاروا شوق سان کائيندو آهيان ۽ ان جو جوس پڻ۔ اوهان ڦارون جي فائدن بابت وڌيڪ تفصيل ڏنا ۔۔۔ مهربانيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو