شگر جي بيماري يعني ڊائيبيٽيس (Diabetes) جو دل جي بيماري سان تمام ويجهو تعلق آهي۔ جيڪڏهن دل جي بيماري ڪنهن ماڻهو کي پهرين کان هجي ۽ کيس شگر جو مرض به ٿي وڃي ته پو سندس پهرين مرض ۾ وڌيڪ شدت پيدا ٿي سگهي ٿي۔ ساڳي طرح جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي صرف شگر جو مرض آهي ته اهو دير يا سوير دل جي بيماري جو به ضرور شڪار ٿي ويندو۔ شگر جي مريضن کي اها ڳالهه چڱي طرح سمجهي وڃڻ گهرجي ته اگر اهي پنهنجي رت ۾ شگر جي مقدار کي نارمل نه رکندا ته اهي تمام جلد دل جي مرض جو به شڪار ٿي ويندا۔ شگر ۽ دل جي مرض سان ٿيندڙ نقصانبدقسمتي سان اسان وٽ اڪثر ڪري شگر جي مريضن کي اها خبر ئي نه هوندي آهي ته کين شگر جي بيماري لڳي چڪي آهي، جڏهن اهي دل جي تڪليف جي ڪري ڪارڊيولاجسٽ (Cardiologist) وٽ ايندا آهن ته ان وقت اها ڳالهه ظاهر ٿيندي آهي ته کين ڊائيبيٽيس به آهي۔ ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي 40 سالن کان مٿي عمر وارن سڀني ماڻهن کي گهرجي ته اهي وقت به وقت پنهنجي فاسٽنگ شگر ليول ( خالي پيٽ يا نيراني شگر ليول) ضرور چيڪ ڪرائيندا رهن۔ خاص طور تي اهي ماڻهو جن جي خاندان ۾ شگر جي بيماري پهرين کان موجود آهي۔ دل جا اهي مريض جن کي شگر جي بيماري به هجي ۽ اهي اينجيوپلاسٽي به ڪرائي چڪا هجن، انهن جي رت جي رڳن کي کليو رکڻ لا اسٽينٽ (Stent) پيل هوندو آهي، اهو اسٽينٽ شگر جي بيماري جي ڪري جلد بند ٿيڻ جو امڪان تمام وڌي ويندو آهي۔ انجائنا جي تڪليف ۾ عام طور تي سيني ۾ سخت سور پوندو آهي پر اگر ڪنهن ماڻهو کي شگر آهي ته کيس اهو سور محسوس ئي ناهي ٿيندو ، ان مريض کي صرف ساهه ۾ سهڪو ٿيندو آهي، اها هڪ خطرناڪ صورتحال آهي۔ جيڪڏهن دل ۽ شگر واري مريض جي با پاس سرجري ڪئي وڃي ته ان جي جسم ۾ لڳايل گرافٽ (Graft) بند ٿيڻ جو امڪان شگر جي مرض جي ڪري وڌي ويندو آهي۔ انکان علاوه اهڙن مريضن کي سيني ۾ انفيڪشن جو خطرو به ٿئي ٿو۔ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته عورتن ۽ گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ دل جو مرض تمام گهٽ ٿئي ٿو پر جيڪڏهن کين شگر جو مرض به هجي ته اهي ننڍي ڄمار وارا به جلد ئي دل جي مرض جو شڪار ٿي سگهن ٿا۔ رت ۾ شگر جي مقدار تي قابو نه رکيو وڃي ته دل کي رت پهچائيندڙ رڳون پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان نه ڪنديون آهن۔اهڙي صورتحال ۾ دل کي شگر ۽ آڪسيجن جي درست مقدار نه پهچندي آهي۔ جنهن جي نتيجي ۾ مريض جي دل جي ماپ وڌي ويندي آهي گڏوگڏ انجائنا جو خطرو، دل جو دورو ۽ دل جي پَٺن ۾ به سوڄ ٿي سگهي ٿي۔ اهي مريض جن کي بلڊ پريشر وڌي وڃڻ جي شڪايت هجي ۽ کين شگر جو مرض به هجي ته انهن کي دل جي دورن کانسوا فالج جي حملن جو به خطرو رهي ٿو۔ خطرن کان ڪيئن بچون۔۔؟ اهڙا مريض جيڪي هڪ ئي وقت دل ۽ شگر جي مرض جو شڪار هجن انهن کي گهرجي ته اهي دل ۽ شگر جي ماهر ڊاڪٽرن سان رابطي ۾ رهن ۽ انهن جي مشورن مطابق دوائن جو پابندي سان استعمال ڪندا رهن۔ رت ۾ شگر جي ليول کي باقائدگي سان چيڪ ڪندا رهن۔ ها بلڊ پريشر کي قابو رکن ٻي صرت ۾ وڌيڪ نقصانن جو انديشو آهي۔ اگر انهن مريضن جو ڪوليسٽيرول ليول نارمل کان وڌيڪ رهي ته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي۔ ايل ڊي ايل (نقصانڪار ڪوليسٽيرول) جي مقدار 100 تائين رکڻ گهرجي۔ ان کان علاوه ٽرا گلائيسرائيڊ (Triglyceride) ( رت ۾ چڪنائي) جو مقدار به 150 کان گهٽ هئڻ گهرجي۔ پنهنجي غذا متوازن رکڻ گهرجي ۽ روزمره ۾ هلڪي ڦلڪي ورزش به ڪرڻ گهرجي۔ مريض کي پنهنجو وزن غير ضروري وڌائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔ اگر مريض تماڪ نوش آهي ته ان کي فوري طور تي اها عادت ختم ڪرڻ گهرجي۔ ڊائيبيٽيس ۽ دل جي مرضن بابت وڌ کان وڌ معلومات پاڻ وٽ رکو ته جيئن وقت کان اڳ انهن مان ٿيندڙ نقصانن کان بچي سگهجي۔(حواله: الشفا نيوز، ميڊيڪل جا مختلف ڪتاب ۽ نيٽ تان ورتل تصويرون)