• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 11 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 11 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

11 آڪٽوبر 1792ع درگاھ خانقاھ گهوٽڪيءَ جو ڇهون گادي نشين ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاھ ’ثاني‘جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1907ع تعليمي ماهر ايم ايڇ خواجہ (نوابشاھ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1915ع شاعر ۽ صحافي اظهر گيلاني (گهوٽڪي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1932ع مشھور اديب ارشاد الحق قدسي جو جنم ڏينھن آهي.
11 آڪٽوبر 1936ع شاعر حامد علي انور (ٽنڊو آغا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1942ع باليووڊ جي نامياري اداڪار اميتاڀ بچن جو جنم ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1945ع سياسي ڪارڪن گورڌن داس عرف جي .ايم ڀڳت جو جنم ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1944ع سياستدان ۽ وڪيل اڳواڻ امداد علي اعواڻ (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1949ع قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ عبد الواحد آريسر جو جنم ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1956ع ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ آفتاب احمد آفتاب سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1958ع شاعره نجمہ سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
11 آڪٽوبر 1974ع شاعر نواز ڏاهري جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

11 آڪٽوبر 1860ع مذهبي اسڪالر مخدوم فضل الله جو انتقال ٿيو.
11 آڪٽوبر 2005ع اردو ٻوليءَ جي ناليواري اديب ۽ مترجم شان الحق حقي جي وفات ٿي.
11 آڪٽوبر 2007ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي جي وفات ٿي.۔
11 آڪٽوبر 2008ع مشهور فلمي اداڪار بدر منير جي وفات ٿي.
11 آڪٽوبر 2012ع سياستدان شير افگن خان نيازي جي وفات ٿي.

واقعا

1737ع – ڪلڪتي ۾ زلزلي جي ڪري تقريباً 3 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
1851ع – بمبئي حڪومت ڪيپٽن اسٽيڪ طرفان ڏنل عربي اکر، سنڌي رسم الخط ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني.
1947ع – خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
آخري ترميم:
Back
Top