سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ : ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو

'لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تحقيق ڪندڙ دوستن لاء هڪ ناياب ڪتاب سنڌي صحافت جي ارتقا پيش آهي۔ هن ڪتاب جو ليکڪ ناليوارو اسڪالر عزيز الرحمان ٻگهيو صاحب آهي۔

    هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جي ٿورن سان پيش ڪري رهيا آهيون۔ اميد ته تاريخ ۽ تحقيق لاء ڪم ڪندڙ دوستن لاء هي ڪتاب گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو۔



     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ونڊ آهي ادا

    مون جي ڪم جو آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو صاحب سنڌ جي زيتونن واري ضلعي لاڙڪاڻي، لڳ موهن جي دڙي ڳوٺ ڪاراڻيءَ ۾ 28 فيبروري 1931ع ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. ست درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ 1945ع ۾ لاڙڪاڻي ويو، جتي 1952ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. 1956ع ۾ سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج مان بي. اي ۽ 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان عربيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. پڙهائيءَ دوران سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون لکندو رهيو ۽ پڙهائيءَ جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ ”نئين سنڌ“، ”مهراڻ“ ۽ ”نواءِ سنڌ“ روزاني اخبارن ۾ به ڪم ڪيائين. سنڌي ٻولي جي سچي خدمتگار مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي همت افزائيءَ سبب ماهوار ”نئين زندگيءَ“ ۾ لکندا رهيا۔. ادبي دنيا ۾ مرحوم شمس العلماءِ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي رح کان گهڻو متاثر هئا۔ ۽ علامه دائود پوٽه صاحب جن هن جي علمي ادبي ۽ ذاتي حساب سان تمام گهڻيون مدد ڪئي هئي۔، جيڪا ڳالهه ڊاڪٽر ٻگهيو صاحب پنهنجي ماهوار السنڌ اسلام آباد ٍي پرچي ۾ هڪ انٽرويو ۾ ڪري چڪا آهن۔ ڊاڪٽر ٻگهيو صاحب تو جي بيت ڀانيان سي آيتون آهين جي عنوان سان شاهه جي شاعري تي تمام سٺي لکندا هئا، ۽ سندس اها تحقيق ماهوار السنڌ اسلام آباد ۾ شايع ٿيل آهي، پاڻ حڪومت پاڪستان جي انفرميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هئڻ سبب ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ مقالو لکي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي سنَدِ ورتائين. سندس مقالو ڪتابي صورت ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ 1988ع ۾ ڇپايو . جنهن کانپوء سنڌي ادبي بورڊ وارن ان کي پنهنجي سائيٽ تي پڻ رکيو آهي۔ جنهن کي ڏسڻ لاء توهان هت ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو، ٿا۔
    ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو صاحب صاحب سان منهنجي دعا سلام تڏهن ٿئي هئي جڏهن مان دادو ۾ رهندو هئس، ۽ ات مان رسالي السنڌ جو ميمبر هئس، جيڪو رسالو ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو صاحب جن اسلام آباد مان ڪڍندا هئا۔
    ڊاڪٽر ٻگهيو صاحب سان پنهنجي عليڪ سليڪ خط و ڪتابت جي ذريعي ٿئي، ۽ اهي خط اڄ به مون وٽ موجود آهن۔جيڪي ڪڏهن نه ڪڏهن ڪتابي صورت ۾ پڻ آڻبا۔ انشاءالله۔
    ڊاڪٽر صاحب جي هي ڊاڪٽريٽ ٿيسز صحافت جي دنيا ۾ هڪ بهترين دستاويز آهي، هن دستاويز ۾ تمام سهڻي نموني سان صحافت جي تاريخ رقم ڪئي وئي آهي،۽ صحافت جي طور طريقن ۽ صحافت جي استعمال تي روشني وڌي وئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي ڪتاب منهنجي نظر مان تڏهن گذريو هو جڏهن مان دادو علامه آء آء قاضي لائبريري ويندو هئس، ۽ اتي ويهي ڪري ڪلاڪن جا ڪلڪ ڪتاب رسالا پڙهندو هئس، جيڪي ڏينهن منهنجا يادگار ڏينهن آهن۔ جن جو ذڪر مان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ ضرور ڪندس،
    هن ڪتاب کي سنڌ سلامت جي فورم تي آڻڻ لاء محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جون مهربانيون ۽ احسان آهن۔محترم سليمان وساڻ صاحب جون هي خدمتون ( سنڌي ادب تاريخ سياست مذهب جا بهترين ڪتاب ونڊ ڪرڻ واريون ) ڪڏهن به وسارڻ جون نه آهن۔ دعا آهي ته رب پاڪ کيس هن محنت جدو جهد ۽ ڪوشش ۾ آسانيون پيدا ڪري۔ آمين



     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 ڊسمبر 2013
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ممتاز سائين لک قرب

    اوهان عزيز الرحمان ٻگهيو صاحب بابت تفصيل ونڊ ڪري اسان جي به ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو۔ ٿورا ناهن ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو