شٽ ڊائون ڇا آهي...؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    آمريڪا ۾ وفاقي حڪومت پنهنجي انتظام هيٺ مختلف غير ضروري محڪمن ۽ شعبن ۾ ڪم يا پگهارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ جنهن کي ”شٽ ڊائون“ چيو پيو وڃي۔۔۔ هي شٽ ڊائون آخر آهي ڇا۔۔؟
    دراصل آمريڪا ۾ مالي سال 30 سيپٽمبر تي مڪمل ٿيندو آهي ۽ پهرين آڪٽوبر تائين ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن يعني سينيٽ ۽ پارليامنيٽ مان نئين مالي سال لاءِ بجٽ منظور ڪرڻ ضروري هوندو آهي۔۔۔ ان منظوري ۾ ناڪامي جي صورت ۾ حڪومت کي پنهنجي سمورن غير ضروري خرچن کي بند ڪرڻو پوندو آهي ۽ مخصوص ادارن ۽ انهن جي ملازمن کي بغير پگهار جي موڪل تي موڪلڻو پوندو آهي يا جيڪڏهن انهن کان ڪم ورتو ويندو آهي ته انهن کي پگهار نه ڏني ويندي آهي۔۔۔
    آمريڪا ۾ آخري دفعو شٽ ڊائون 1996 ۾ بل ڪلنٽن جي دور ۾ ٿيو هو جڏهن صدر ۽ پارليامينٽ جا نمائنده بجٽ جي معاملي تي راضي نه ٿي سگهيا هيا۔۔۔ اهو شٽ ڊائون 28 ڏينهن جاري رهيو هو۔۔ ۽ ان کان پوءِ هاڻي يعني 17 سالن کان پوءِ هي وري موقعو آيو آهي جو آمريڪا جي حڪومت کي ائين ڪرڻو پيو آهي۔۔۔
    هاڻي واري ”شٽ ڊائون“ کان پوءِ قومي عجائب گهرن کان وٽي خلائي پروگرامن تائين سمورا محڪمن ۾ في الوقت ڪم نه پيو هلي۔۔ ۽ جيڪڏهن هلي به رهيو آهي ته حڪومت انهن کي پگهار نه پئي ڏئي۔۔۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي شٽ ڊائون آمريڪي معاشي پيداوار کي روزانو 300 ملين ڊالرس جو نقصان پهچائي رهيو آهي۔۔ پر اصل مسئلو اهو آهي ته هي شٽ ڊائون آخر هلندو ڪيسيتائين۔۔۔ جيڪڏهن هڪ مهيني تائين ڊيڊلاڪ جي اها صورتحال موجود رهي ته ان سان آمريڪا جي ”جي ڊي پي“ کي 4۔1 سيڪڙو وزني نقصان پهچندو۔۔۔
    ڪنهن حد تائين ته هي آمريڪا لاءِ پريشاني جي صورتحال چئي سگهجي ٿي۔۔۔ ڇو ته ملڪ تازو ئي معاشي بحران مان ٻاهر نڪتو آهي ۔۔۔ خير مجموعي طور هن شٽ ڊائون کي آمريڪا جو موت به نه ٿو چئي سگهجي۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    الله پاڪ کان دعا آهي ته مسلمانن جو قتلِ عام ڪندڙ هر ملڪ ۾ اهڙا شٽ ڊائون وقت به وقت ٿيندا رهن۔۔!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو