ابو واصف
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
اوهان کي خبر هوندي ته سنڌي ڪمپوزنگ ۾ سارٽنگ جو آرڊر موجود ناهي. ڪافي وقت اڳ جڏهن ’اياز شاهه‘ جو ڪي بورڊ استعمال ٿيندو هو، تڏهن هڪڙي ’سارٽنگ يوٽيلٽي‘ ٺهي هئي، جنهن ۾ سنڌيءَ جي سارٽنگ ٿيندي ته هئي، پر جيئن ته اهو ڪي بورڊ ’يونيڪوڊ‘ جي معيار تي نه هو، انهيءَ ڪري تمام گهٽ عرصو هليو. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪڙي مهربان دوست وٽان ايم.بي سنڌي جي ڪي بورڊ تي ’سارٽنگ يوٽيلٽي‘ ملي، اُها اوهان سان شيئر ڪريان ٿو، ممڪن آهي ته وقت سر ڪنهن دوست کي ڪم اچي وڃي.
’سارٽنگ يوٽيلٽي‘ جو طريقيڪار
سڀ کان پهريان اوهان مائڪروسافٽ ورڊ جو ڪو به فائل کوليو، جنهن ۾ اوهان کي سارٽنگ ڪرڻي آهي. ان کان پوءِ “Tools” مينو ۾ اچي“Templates And Add Ins” تي ڪلڪ ڪريو ۽ ان کان پوءِ Add کي ڪلڪ ڪريو. (وضاحت لاءِ هيءَ تصوير ڏسو)
هاڻي پنهنجي ڊرائيو جي بيڪ اپ مان ’سارٽنگ يوٽيلٽي‘ وارو ٽيمپليٽ اپلاءِ ڪرايو. اها يوٽيلٽي اپلاءِ ڪرڻ سان اوهان جي اسڪرين تي هيءُ ميسيج ظاهر ٿيندو:
اوهان هن کي Enable Macros کي ڪلڪ ڪندا. ان کان پوءِ مائڪروسافٽ ورڊ جي مينيو تي هن قسم جي ٽيمپليٽ ظاهر ٿيندي:
هاڻي اوهان ان کي ڪلڪ ڪندا ته وري هيءُ مينيو ملندو:
هاڻي اوهان مليل هدايتن تي عمل ڪندي Start Sorting کي ڪلڪ ڪريو. ٿوري دير کان پوءِ اوهان جي کُليل ڊيٽا هن يوٽيلٽي جي ذريعي ترتيبوار آرڊر موجب ٿي ويندي.