ڇا پاڪستان ۾ فيسبوڪ کي بند ڪيو ويو آهي؟

پي ٽي سي ايل ايوو استمال ڪري رهيو آهيان پر اڄ صبح کان فيسبوڪ جي سائيٽ ڪانه ٿي کُلي؟ ڇا ان کي پاڪستان ۾ بند ڪيو ويو آهي؟
 
سائين اڄ صبح جي نيوز جي مطابق چوڌري نثار جو اهو ئي بيان هو ته
سوشل ميڊيا تي پابندي جو ڪو به ارادو نه آهي
پر ڪونه ڪو مسئلو ضرور ٿيو آهي ۔
انهن جي ڪڌن ڪرتون سوشل ميڊيا تي وائکو ڪيو پيو وڃي
انڪري شايد اهڙو فيصلو اندرون خانه ٿي چڪو هجي۔
 
ڪجهه عرصو اڳ مونسان به اها ساڳي ويڌن ٿي هئي۔
جڏهن سنڌ سلامت تي مدد گهريم ته ادا ذيشان رشيد ڪافي ڪجهه سمجهايو، جنهن تي عمل به ڪيم، پر حل ڪو نه نڪتو۔۔۔
پو صبر ڪري ويهي رهيس ۽ هڪ ٻئي جڳاڙ سان فيس بڪ هلائي شوق پورو ڪندو رهيس۔
بعد ۾ اهو مسئلو پاڻهي ئي خود بخود صحيح ٿي ويو۔
 
Back
Top