جميل سومري جي هن غزل جي هر سٽ، هر بند لاجواب آهي۔ اهڙي خوبصورت غزل کي شيئر ڪرڻ تي دل چاهيو ۽ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو۔ غزل جميل سومرو سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايوفطرت سان کُليل پيار تي پهرا نه لڳايو هر شوخ ڪلي واءُ ۾ آزاد ڇڏي ڏيواحساس تي اظهار تي پهرا نه لڳايو نيڻن ۾ رکي خواب سنهرا جو وڌي پيومسڪين جي هن ٻار تي پهرا نه لڳايو پئِي امن محبت سڄي دنيا ۾ پکيڙيصوفيءَ جي سوچ سار تي پهرا نه لڳايو ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياريراڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو هي شاه ، سچل پيار جي پيغام جا داعيڪنهن بيت جي جهونگار تي پهرا نه لڳايو
ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياري راڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو سهڻو ۽ وڻندڙ خيال، لطيف جيئن ٻيجل کي ڳايو ۽ راڳ کي ساراهيو تيئن هن غزل ۾ پڻ راڳ ۽ سنگيت جي وڪالت خوب ٿيل آهي۔ اهو سنگيت جيڪو انسان ۾ انسانيت، پيار، محبت ۽ اخلاص پئدا ڪري ان تي پهرا لڳائڻ ڄڻ ته انسانيت تي پهرا لڳائڻا آهن ۔۔۔ پاڻ ته راڳ کي روح جي راحت سمجهون ٿا ۔۔۔ باقي ڪنهن کي واڱڻ وائي ڪنهن کي بصر بادي ۔۔۔ سدا سلامت رهو ۔۔۔
سوچ ته ڀلي آ ۔۔۔ هوئن به شاعري جي هر بند ۾ موجود شين ته پهرا آهن ئي ڪونه۔۔۔ ها بس ڪليءَ واري ڳالهه تي متان پهرا هجن۔۔۔ ۽ شايد اهڙا پهرا ڪليءَ لاءِ بهتر به هوندا جو هتي ڀوئنرا به جام آهن۔۔۔ ڪي رس پياڪ ته ڪي رت پياڪ۔۔۔
هتان جي محبت تي پهرا ڪهاڙيون ۽ لٺيون نه گوئٽي ڏٺيون ۽ نه غالب ڏٺيون۔ شاعرن جي زبانن تي تالا ۽ جُٺيون نه گوئٽي ڏٺيون ۽ نه غالب ڏٺيون۔