قيدي نمبر 1500

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    12 آڪٽوبر 1999 کي گذرندي اڄ پورا 14 سال پورا ٿيا۔۔ اسان مان گهڻن کي اهو ڏينهن ياد هوندو جڏهن هڪ چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت کي ختم ڪري جنرل پرويز مشرف ملڪِ پاڪستان جون واڳون سنڀاليون هيون۔۔ هي ملڪ جي تاريخ ۾ چوٿون ڀيرو اهڙو موقعو هو جڏهن ملڪ جي فوج ثابت ڪيو ته ملڪ اچي اڌ صدي جي عمر کي پهتو آهي پر هتي جا اصل حاڪم عوام يا سياستدان نه پر فوج آهي۔۔۔
    پر ان ڏينهن جڏهن چونڊيل نمائندن جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته تقريبن پوري ملڪ ۾ مٺايون ورهايون ويون۔۔ ملڪ جو عوام حڪومت مان تنگ هجڻ ۽ سورن جي خاتمي تي ايترو خوش ٿيا جو هن غير قانوني عمل تي ڪنهن به طرف کان مخالفت نه آئي۔۔ ائين ٿي لڳو ته ڀٽو جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ آيل ري ايڪشن ٻيهر شايد بلڪل به نه اچي۔۔ سبب ڪجهه به هجي پر عوام پنهنجي ئي چونڊيل حڪمران جي ذلت آميز رسوائي ٿيندي ڏسي به خاموش رهيا۔۔۔
    پر ڇا اها حيرت جهڙي ڳالهه ناهي ته ان ساڳي عوام جنهن نواز شريف کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو ۽ جهمريون پاتيون وري جڏهن ان ئي وزير اعظم جو تختو غير قانوني طور ختم ڪيو ويو ته ٻيهر جهمريون پاتيون ۽ اڄ ساڳي ماڻهون کي وري وزير اعظم بڻائي جهمريون پاتيون آهن۔۔ ان مان ثابت ٿيو ته اسان اها قوم آهيون جيڪي اکيون پوري هڪ دائري ۾ ڦرندا هجون۔۔۔
    بحرحال تاريخ ڪنهن به ڏوهاري کي لڪائي نه رکندي آهي۔۔۔ ڪالهه جو قيد اڄ جو حڪمران آهي ۽ ڪالهه جو طاقتور ترين حڪمران اڄ جو قيدي آهي۔۔۔ ۽ حيرت ته اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه عوام ئي ڪيو آهي ۽ عوام کي خبر ناهي ته هن ڇا ڪيو آهي۔۔۔ ڇا ڪرڻ گهرجي ها۔۔۔ کين اها به خبر ناهي ته ڪير سچو هو ۽ ڪير ڪوڙو۔۔۔

    بحرحال جيڪي دوست ملڪ جي سياست ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندا هجن انهن لاءِ هتي دنيا نيوز طرفان ”قيدي نمبر 1500“ نالي هڪ ڊاڪيومينٽري وڊيو پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ گهڻو نه ته ڪجهه ئي صحيح حقيقتن تان پردو کنيو ويو آهي۔۔۔ ڊاڪيومينٽري ڏسو ۽ معلوم ڪريو ته ماضي جون اصل حقيقتون ڇا هيون۔۔۔ اميد ته وڊيو جي اڙدو هجڻ کي نظر اندا ڪندا۔۔۔

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو