• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀ کان وڌيڪ ميموري رکندڙ ڪارڊ۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
توهانجي موبائيل ۾ ڪيتري ميموري جو فليش ڪارڊ آهي۔۔۔؟
جواب يقينن 1 جي بي، 2 جي بي يا وري 4 جي بي هوندو۔۔۔ پر مان ائين چوندس ته توهان ٽيڪنالاجي جي ترقي جي رفتار کان گهڻو سست آهيو۔۔۔ ڇو ته هاڻي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي 64 گيگا بائيٽ جي ميموري رکندڙ فليش ڪارڊ۔۔۔۔

andisk64gbsdxc.jpg

SanDisk ڪمپني جو تيار ڪيل هي ڪارڊ 15 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت ڏيندو آهي۔۔۔ ۽ هن ۾ 8 ڪلاڪن تي مشتمل HD ٽائيپ وڊيو اسٽور ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ جنهن کي هي 9 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جي رفتار سان لائيو هلائڻ جي سهولت ڏئي ٿو۔۔۔۔
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ميموري رکندڙ ڪارڊ۔۔۔

وڃ ڀڻا ادا اها پاڪستان ۾ ڪهڙي سال ۾ پهچندي؟ مطلب ته ڪجه سال لڳي ويندس غريب ملڪن ۾ پهچڻ تائين ۔
مهرباني ادا بس اسان فوٽو ڏسي ئي گزارو ڪري ٿا وٺون
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ميموري رکندڙ ڪارڊ۔۔۔

سائين رشيد صاحب ڪنگسٽن ڪمپني جي 64 گيگا بائيٽ جي ميموري رکندڙ فليش ڊرائيو ته ڏٺي هيم پر اڄ 64 گيگا بائيٽ جي ميموري رکندڙ فليش ڪارڊ به ڏٺوسين۔ تمام بهترين معلومات آهي۔

lajwab-sharing
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ميموري رکندڙ ڪارڊ۔۔۔

سائين رشيد صاحب ڪنگسٽن ڪمپني جي 64 گيگا بائيٽ جي ميموري رکندڙ فليش ڊرائيو ته ڏٺي هيم پر اڄ 64 گيگا بائيٽ جي ميموري رکندڙ فليش ڪارڊ به ڏٺوسين۔ تمام بهترين معلومات آهي۔

lajwab-sharing

سائين 320 گيگا جي هارڊ ڊسڪ به مون وٽ آهي پر مسئلو ٿي ڪري۔۔۔ جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا۔۔
 
Back
Top