• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز ڊبل ايڪسپلورر ۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اسان اڪثر فائيل کي ڪاپي پيسٽ ڪرڻ لاءِ يا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ اڪثر ٻه يا وڌيڪ ونڊوز ايڪسپلورر کوليندا آهيون۔۔۔ يا وري بار بار بيڪ بٽڻ کي دٻائيندا آهيون۔۔۔ پر ان سان مسئلو اهو ٿيندو آهي ته ٻنهي ونڊوز کي پنهنجي سهولت موجب سهيڙڻو پوندو آهي يا وري درست لوڪيشن تي پهچڻ لاءِ بار بار سڪرولنگ ڪرڻ پوندي آهي جنهن ڪري وقت ضايع به ٿيندو آهي ۔۔۔ پر انهن سمورين الجهنن جو بهترين حل Windows Double Explorer سافٽويئر ڏنو آهي۔۔۔ هن جي ذريعي ٻن ونڊوز کي هڪ ئي ايڪسپلورر منجهه کوليو آرام سان پنهنجي فائيلز يا فولڊرس کي ڊريگ ڊراپ ذريعي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو۔۔۔

FileDownload.aspx

اهڙي بهترين سهولت ڏيڻ کان سواءِ هن جي اضافي خوبين ۾ پسنديده فولڊرس کي ٻنهي هنڌان فيورٽيز ۾ شامل ڪرڻ، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ تڪڙو رابطو۔۔ ۽ هن پروگرام ۾ آخري لوڪيشن ياد رکڻ جي پڻ سهولت موجود هوندي آهي جڏهن توهان ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪري واپس ورندا آهيو۔۔۔

هي بهترين پروگرام ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

نوٽ: هي پروگرام صرف ونڊوز 7 ۾ ڪار آمد آهي۔۔۔
 
جواب: ونڊوز ڊبل ايڪسپلورر ۔۔۔

هل ادا اهڙا فيچرس ڏسي ڪري ته مان ان کي ڊائونلوڊ ڪرڻ وارو هوس پر توهان جو نوٽ ڏسي ڪري اهڙي شوق تان هٿ کنيو

بهرحال ونڊوز سيون وارن دوستن لا۽ بهترين سافٽ ويئر آهي
 
Back
Top