دِل اَڙجي وئي دمام سان! حصو ٻيو. عوامي آواز ميگزين. 13آڪٽوبر 2013.

'مختلف موضوع' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2013۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    دل اڙجي وئي دمام سان! (الخليج نصف القمر،دمام فُٽ بال اسٽيڊيم ۽ دمام ۾ خريداري)
    پُٺئين ليک ۾ دمام جي جاگرافيائي نقشي، مختصر تواريخ، صنعتي ۽ سياحتي انقلابن ۽ ڪجھ تفريحي ماڳن بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. دمام جي ڪجھ وڌيڪ اهم ماڳن بابت ڳالهيون ڪبيون پر ان کان اڳ ٿورو گھڻو هتان جي موسم بابت حال احوال ٿي وڃي ته جيئن پڙهندڙن کي گھمڻ ڦرڻ سان گڏوگڏ موسم جو اندازو به رهي. موسم جي لحاظ کان دمام انتهائي اڻوڻندڙ علائقو آهي. اڻوڻندڙ ان ڳالھ ۾ ته مارچ جي مهيني کان جو سخت گرمي شروع ٿيندي آهي ته وڃي آڪٽوبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪو سُک جو ساھ کڻبو آهي. ان سموري عرصي ۾ گرمي پَدُ 35 ڊگري سَينٽي گريڊ کان شروع ٿيندو جُون، جولاء ۽ آگسٽ ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچيو وڃي. گرمي ته پنهنجي جاء تي پر ريگستان مان اُٿندڙ ريتيلا طوفان هفتن جا هفتا لڳاتار جاري رهن ٿا، جيڪي مَتِ ئي منجھايو ڇڏين. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي به حالت ٿيندي آهي جو اک نه ڏسي گوڏي کي. ان صورت ۾ وري ماسڪ لڳائڻ لازم ٿيو پوي. گرمين جي آخري مهينن جولاء، آگسٽ ۽ سيپٽيمبر ۾ وري سخت گرميء سان گڏ وري اهڙي گِھمَHumidity جو تَڙُ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. ٿورو ٻاهر نڪرو ته مُلڪ مِڙيو ئي پاڻي. جنوري، فيبروري ۽ مارچ ۾ ٿورو گھڻو مينهن پوي پر نه جَهِڙو. ويچارن پرديسين جون اکيون آسمان ۾ ته مَنَ ڪو ڪڙڪو ٿئي ته ڪو ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪجي پر نه، رُڳي آسرن ۾ وقفي وقفي سان پئي ڦُڙ ڦُڙ پوندي. زمين به اهڙي اُڃايل جو ٻئي ڏينهن خبر ئي نه پوندي ته ڪو مينهن به وسيو هو. هاڻ سوال اهو ٿو اُڀري ته ڀلا اهڙي موسم ۾ به ماڻهو ڪيئن ٿا گُھمن ڦِرن؟ ته جواب اهو آهي ته ڪمري ۾ ويهي سَينوارجڻ کان ته ڇائيء جا ڇَڄَ ڀلا. وندر جي وندر به ٿيو پوي.
    الخليج نصف القمرHalf Moon Bay :
    دمام کان ڏکڻ – اوڀر ۾ تقريبن چاليهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ انتهائي خوبصورت تفريحي ماڳ الخليج نصف القمرHalf Moon Bay آهي. سَوَلي سنڌيء ۾ اَڌُ چنڊ وارو نارُ. هن ماڳ تي اهو نالو ان جي اَڌُ چنڊَ جهڙي شبيھ جي ڪري پيو.خليج ته ٿيو عربي لفظ، سنڌيء ۾ ٿيو نارُ. پر انگريزيء ۾ خليج کي Bay به چئبو ته Gulf به چئبو.هاڻ فني اصطلاح موجب Bay ۽ Gulf هڪئي ڳالھ آهن، ٻنهي ۾ فرق صرف پيمائش جو آهي.Gulf پيمائش ۾Bay کان وڏو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ جو رستو وري سوڙهو ٿئي ٿو، جڏهن ته Bay ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ويڪرو هجي ٿو.
    دمام يا الخبر کان هن ماڳ تي پهچڻ جيترو آسان آهي اوترو ئي مشڪل به. بظاهر ته چاليھ ڪلوميٽر معنى ويھن منٽن يا اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو آهي پر ڳالھ اصل ۾ اها آهي ته هِت روڊن ۽ پُلين جو اهڙو ته ڄار وڇايل آهي جو ٿوري به غلطي ڪئي ته يُو ٽَرن وٺڻ لاء هليا وڃو ويھ کن ڪلوميٽر اڳتي. ٻيو ته ڇھ سالن ۾ اسانکي ڪو اهڙو ڏينهن نه مليو جنهن ۾ روڊن، پُلين ۽ فُٽ پاٿن جي اڏاوت جو ڪم ڪو بند ٿيو هُجي. روز پراڻا روڊَ پيا ڊهندا ۽ نوان پيا ٺهندا رهندا آهن. ان صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته وِکَ وِکَ تي ڊيٽور لڳا پيا هوندا آهن. ڊيٽور لڳائڻ جو مقصد ٽريفڪ کي متبادل رستو ڏيڻ ۽ اڳيان هلندڙ اڏاوتي ڪم جي تنبيه ۽ اشارا ڏيڻ آهي. ڊيٽور جي چڪرن ۾ اسان جهڙا سِڌي سَنئين روڊ جي سائن بورڊن کي ڏسي هلڻ وارا ڊرائيور ڀُلجيو پون، پوء ته اڌ ڪلاڪ جو پنڌُ به ٻه ڪلاڪ وٺيو وڃي.
    خليج نصف القمر جي ڪنارن کي وري انتظامي حساب سان اهڙي طريقي سان ورهايو ويو آهي جو انهن جو ڪجھ حصو گورنمينٽ جي انتظام هيٺ آهي ته وري ڪجھ حصو خانگي ڪمپنين جي انتظام هيٺ ڏنو ويو آهي. گورنمينٽ جي انتظام هيٺ ايندڙ حصي ۾ پِرنس محمد پارڪ، ڪِنگ فهد يونيورسٽي بِيچ جيڪو ڪِنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز (KFUPM) سان لڳو لڳ آهي. گورنمنٽ جي انتظام هيٺ خليج نصف القمر تي انهن ٻنهي ماڳن کي تمام سهڻي نموني سينگاريو ويو آهي. ڪناري جي وِکَ وِکَ تي تقريبن اڌ ڪلوميٽر تائين ڪنڪريٽ جا پڪا رنگا رنگي ڇَپَرَ ٺاهيا ويا آهن، اهڙن ماڳن تي مسجدون به ٺاهيون وڃن ٿيون ته جيئن وقت تي ڪنهن کان فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نهٿي وڃي. مڇي پڪڙڻ Fishing، ٻيڙيء جو سفر Sailing، آبي ڪَلَ جي مدد سان تيراڪي Snorkeling وغيره جهڙيون سرگرميون گُهمڻ وارن کي ڪجھ وقت لاء گھرگھاٽ ئي وساريو ڇڏين. گڏو گڏ کاڌي پيتي لاء هوٽلون به جام آهن، جتي گھڻو ڪري ته سامونڊي خوراڪ Seafood تي ئي لَٺ لڳي پئي هوندي آهي.
    خانگي ڪمپنين جي انتظام هيٺ ايندڙ ڪنارا ته وري جهڙازمين تي جنت جا ٽُڪرا. بَودَل ريزورٽ، زمرد ريزورٽ، گولڊن ٽيولپ ريزورٽ، پام بيچ ريزورٽ، هاليڊي اِن ريزورٽ ۽ سعودي آرامڪو بِيچ جهڙن ماڳن کي ڏسڻ ساڻ ئي قصن ڪهاڻين ۾ ٻڌل شَداد واري جنت ياد اچي ويندي آهي.هنن خانگي ريزورٽس ۾ آرام، آسائش ۽ عيش عشرت جو سمورو سامان موجود آهي. انهن ماڳن ۾ وڃڻ وارو به ڪو جهڙو تهڙو نه ٿو ٿي سگھي. هڪ کان وٺي پنجن ڪمرن تائين ڪناري تي جوڙيل وِلا جن ۾ ضرورت جو هر سامان موجود رهي ٿو، ٻه هزار ريال هڪ رات جي حساب سان شروع ٿين ٿا.
    جيٽ انجڻ سان پاڻيء تي هلندڙموٽر Jet Ski ، موٽر ٻيڙيء سان ٻَڌل پيراشوٽ جي وسيلي هوائي سير Parasailing، هوا ۾ اُڏندڙ ٻَيڙي Fly Board، ورزش جو هال، تيراڪيء لاء هٿرادو تلاء Swimming Pool، گھوڙي سواري، گولف ۽ اِنڊور راندين جهڙن تفريحن جي ڪري ئي ملڪي توڙي غير ملڪي سياح هنن ماڳن ڏانهن ڇڪجيو اچن. ڪمپنيء جي طرف کان هڪ ڀيري اسانکي پام بيچ ريزورٽ تي پورو ڏينهن گُذارڻ جو موقعو ملي ويو. هاڻ اهڙو موقعو ڪير ڇڏي؟
    وڃڻ ساڻ ئي ريزورٽ جي طرف کان پيڪيٽن ۾ بند ٿيل عمده قسم جو ناشتو مليو. تنهن کانپوء جهڙا وائڙا ٿي وياسين ته هاڻي گُهمڻ ڦرڻ شروع ڪاٿان ڪجي. هڪڙي پاسي سُوِمنگ پول هجي ته ٻئي پاسي اِنڊور راندين جو هال، هڪ پاسي جيٽ اِسڪي هجي ته ٻئي پاسي ٻيڙيء جو سير. ماڻهن جي پِيھ هجي. ڪيڏانهن وڃي ڀلا تيل ما ڪمايل پئسو، سڀ ته اسان وانگي مولائي ڪمپنيء جي خرچ تي ڪونه آيا هوندا. بهرحال منجھند جي ماني ڪانه ملي جو ناشتو اهڙو هو جو رات تائين وري بُکَ ئي ڪانه لڳي. رات ٿي ته سُوئمنگ پول جي چوڌاري پَٽيء تي ٽيبلُن تي دسترخوان لڳي ويا. جتي ڪانٽينينٽل ۽ لوڪل کاڌا آڏو هئا. کائڻ وارا ڀلي ڦاٽيو مري وڃن پر کاڌو کُٽڻ جهڙو نه هو.هتان جي ماڻهن ۾ وري اها ڳالھ ڏاڍي خراب آهي. اڌ کائبو ته اڌ اُڇلائبو. پارٽين وغيره ۾ ته هر جاء تي ائين آهي پر هت گھر گھر ۾ ائين ٿئي. چانورن جو ٿالھ جيڪڏهن آڏو آيو ته ان مان سڄو گوشت هڙپ ڪبو باقي چانور جهڙا جا تهڙا ٽوڪريء ۾. اسان مولائن ۾ وري بچائي رکڻ وارو رواج ته ڀلا رزق کي ائين ضايع ڇو ڪجي، ٻئي ڏينهن گرم ڪري کابو. اسانجي اها ڳالھ عربن کي ڪونه وڻي، هنن جي ڳالھ وري اسانکي ڪونه وڻي. پر اسان ته آهيون نَڪَ جا پڪا، سو پاڻ تي اثر ئي ڪونه ٿئي.
    دمام فُٽبال اسٽيڊيم:
    35000 تماشائين جي گُنجائش رکڻ وارو پِرنس محمد بن فهد اسٽيڊيم جو بنياد 1973ع ۾ رکيو ويو ۽ هي دمام جو وڏي ۾ وڏو اسٽيڊيم آهي، جيڪو دمام جي گورنر شهزادي محمد بن فهد جي نالي تي آهي. عرب سڳورا فُٽ بال جا شيدائي. پاڻ وٽ جيئن شوقينن کي هر ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جا نالا ۽ پيدائش جون تاريخون تائين به ياد هونديون آهن تيئن ئي هت وري اهڙا فُٽ بال جا شوقين آهن. گھٽيء گھٽيء ۾ ننڍا وڏا شام ٿيندي ئي ننڍن ننڍن ميدانن ۾ پيا ڊوڙندا. ائين کڻي چئجي ته وڌيڪ آساني ٿيندي سمجھڻ ۾ ته جيئن ڪرڪيٽ اسانجي رڳ رڳ ۾ ڊڪي ٿي تيئن ئي فٽ بال وري هنن جي رڳ رڳ ۾ آهي. پر هن معاملي ۾ سوال اٿيو ته ڀلا جي ايترا ڪو شوقين آهن ته پوء ورلڊ ڪپ ۾ ڪهڙو تَپُ ٿو چڙهين. سو انجو هڪ سبب ته اهو ٿو لڳي ته هتان جا ماڻهو آهن عيش عشرت جي زندگي گذارڻ وارا ۽ هڏ حرام سو انهن مان ڪا اميد به نه ٿي رکي سگھجي.
    دمام ۾ خريداري:
    هاڻ ڳالھ ڪجي دمام ۾ خريداريء جي ته هت خريداريء جا اڻ ڳڻيا مرڪزَ آهن. بس رُڳي ريالَ هجن کيسي ۾. جيئن پُٺئين ليک ۾ ڳالھ هلي ته هت عام واهپي جي شين جون صنعتون نه هجڻ جي باوجود به برانڊيڊ شين کان وٺي لُنڊي جي مالَ تائين هر شيء دستياب آهي. باقي شيون ته پنهنجي جاء تي پر پاڻ ڳالھ ڪنداسون سونَ جي خريداريء جي. هونئن ته شاپنگ به پنهنجي جاء تي هڪ هُنُرُ ئي آهي پر هت سَونَ جي خريداريء لاء ڪجھ وڌيڪ اک پٽڻي پوي ٿي. پنهنجي مُلڪَ پاڪستان مان ته سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن انگَل ڪري ڇڏيو ته ادا هن ڀيري اچين ته سون وٺيو اچجانء ايڏانهن مڙئي سَجھيءُ خالص ٿو ملي. پر کين اها خبر ئي ناهي هوندي ته هت سونَ جي مارڪيٽ ۾ ڪهڙي کِچڻي پئي پچندي آهي. دمام ۾ سَون جي خريداريء جا ٻه وڏا مرڪز آهن. هڪ ته آهي حيات پلازه ٻيو وري آهي دمام سٽي سينٽر يعني صدر جي ليڊيز مارڪيٽ. ٻنهي هنڌن تي سون جي وڪري جي الڳ ڪهاڻي. شروع ڪيون ٿا حيات پلازا کان. هت 18 کان 24 ڪيرٽ جو سون ملي ويندو. ڊزائنن جي حساب سان وري 21 ڪيرٽ جو سون عام جام آهي. هاڻ جيڪر ڪو نئون اڻڄاڻ شخص جي هنن جي هٿ چڙهي ويو ته صحيح کَلَ لاهيندَس. اهو ائين جو 21 ڪيرٽ واري سون ۾ هڪڙا هٿ تي ٺهيل نمونا ته ٻيا وري مشين تي ٺهيل. هٿرادو نمونن جي قيمت وري مشين وارن نمونن کا وڌيڪ ٿئي ٿي. ٻيو وري چڪر اهو ته 10 گرام کان گھٽ سون کي توري ڪونه ڏيندا. ان جي بس ٻڌي قيمت ٿئي ٿي. پوء ان ۾ ڪا رعايت ڪَيَن ته ٺيڪ. تنهنڪري بهتر اهو ئي رهندو آهي ته چار پنج دڪان ڏسجن ته جيئن قيمتن جو صحيح اندازو ٿئي. دمام سٽي سينٽر ۾ وري ڪهاڻي ٻي آهي. اُتي اوهانکي 21 ڪيرٽ جي سون جي بجاء 22 ڪيرٽ جي نالي سان چريو ڪيو ويندو. ظاهر آهي پوء 22 ڪيرٽ جي قيمت به ٿوري وڌيڪ آهي. هاڻي اسان جهڙن کي ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙو 21 ڪيرٽ ڪهڙو 22 ڪيرٽ. هن مارڪيٽ ۾ وري ڪنهن به سون جي دوڪان تي چڙهبو ته اهو ٻُڌڻ ۾ ايندو ته هن شيء جو وزن هيترو، قيمت ٿي هيءَ ۽ مزدوريء جا ٿيا سورنهن سيڪڙو، ڪُلُ ملائي ٿيا هيترا. اتي وري سڄي ڳالھ ان مزدوريء واري سيڪڙو ۾ آهي. ان کي جيترو گھٽ ڪرائي سگھجي ته ڪرائجي، ٿوري گھڻي مٿي ماريء کانپوء ته 12 سيڪڙو تائين به لَهي ايندا آهن. هاڻ هڪ ته سون جي اصل قيمت ۾ ريٽيل واري قيمت هڻي اڳ ۾ انکي مٿي کڻي ويا ٻيو وري 22 ڪيرٽ جو ڊرامو ٽيون وري مزدوريء جا سورنهن سيڪڙو. اسانجا اڻڄاڻ حاجي سڳورا به عمري يا حج تي اچن ته پوء جيڪو کين ملي سو وٺي خوش خوش ٿي هليا وڃن. پر حقيقت ۾ ڳالھ اها آهي ته سون وٺڻ کان اڳ ٿورو هوم ورڪ ڪجي ته بهتر رهندو. انٽرنيٽ تي سون جي انٽرنيشنل قيمت ڏسي ان کان پندرنهن يا ويھ ريال مٿي مزدوريء جو اندازو لڳائي پوء مارڪيٽ ۾ نڪرجي ٿو ته ڪم سولو ٿيو پوي.

    اليڪٽرانڪس جي شين لاء وري بهترين مارڪيٽ ايڪسٽرا مارڪيٽ آهي. جتي تقريبن هر قسم جو اليڪٽرانڪس جو سامان آسانيء سان هڪ ئي ڇِت هيٺان مليو وڃي. باقي گھرو ضرورت جو شيون، کاڌي پيتي جو سامان، تازيون ڀاڄيون، فروٽَ، تازو گوشت، گارمينٽس، ميڪ اپ جو سامان وغيره لاء وري مختلف وڏا وڏا مالز آهن، جن ۾ پانڊا، تَمِيمي مارڪيٽ، فارم مارڪيٽ، لُولُو سپر مارڪيٽ، ڪارفور ۽ نَيسٽَو وغيره جهڙيون سُپَر مارڪيٽون هر شهر ۾ موجود آهن، جن جو ڄارُ سعودي عرب جي تقريبن هر شهر ۾ آهي. ان کان علاوه دمام سٽي سينٽر (دمام جي صدر مارڪيٽ) وڃبو ته اُتي ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي خريداريء جون مارڪيٽون آهن. دمام جو اهو علائقو ٿورو وري سوڙهو به آهي، مٿان وري قطارن سان دڪان، ماڻهن جا ڳاهٽ، گاڏين جي پِيھَ دماغ گُهمايو ڇڏي. پنهنجي گاڏيء ۾ ان علائقي ۾ وڃڻ کان اڳ اڌ ريال جا سِڪا ضرور ساڻ هجن جو چئني طرف پَيڊ پارڪنگجون مشينون لڳل آهن. لوڪل گورنمينٽ جو اهو انتظام نهيات ئي ساراهڻ جوڳو آهي. ان سبب جي ڪري ئي دمام وارو صدر ڪراچيء واري صدر کان ٿورو گھڻو مختلف نظر ايندو آهي. پر پوء به گھڻي قدر مُشابهت ۾ آهن ڇاڪاڻ جو ڪراچيء واري صدر ۾ رُڳي پاڪستاني آهن، پر هتان واري صدر ۾ ته پاڪستاني، هندوستاني، بنگالي، سريلنڪي، نيپالي، فلپيني، سُوڊاني وغيره وغيره سڀ موجود آهن، وڌيڪ پاڻ ئي سمجھي وڃو.دمام جو قصو کُٽڻ وارو ناهي. انهي کي جيترو پيو ڇڪبو ويندو ربڙ وانگي ڇڪجندو. هن ليک ۾ دمام بابت ڪجھ وڌيڪ معلومات ڏيڻ کانپوء اڳئين ليک ۾ دمام جي اوسي پاسي جي مختلف شهرن ۾ موجود مختلف ماڳن، کاڌي پيتي جي لوڪل ڊِشِز، عرب سڳورن جي خارجين سان روين، بابت قصي کي جاري رکبو.
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زبردست ۔۔۔۔ مطلب ته هاڻي سفرنامي جي شروعات ٿي وئي۔ سعودي جي شهر دمام بابت شايد سنڌي ۾ اهو پهريون سفرنامو هوندو۔ تمام سٺو انداز ۽ ججهي معلومات
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    لک لائق ادا وساڻ صاحب۔۔ ۽ عيد واڌايون اوهانکي ۽ سنڌ سلامت جي سموري سنگت کي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    دل اڙجي وئي دمام سان سلسلي جو ٽيون ڀاڱو مڪمل ڪري شايع ٿيڻ لاء موڪلي ڇڏيو آهي، اميد ته جلد سنگت کي پڙهڻ لاء ملي ويندو۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو