• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سکر

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
شمس العماء مرزا قليچ بيگ
اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهين سکر انهيءَ جي ويجھو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سنه 927ھ : 1529ع ڌاري جڏهين مرزا شاه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم هو، تڏهين بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جو لاشون پورائي انهن جي مٿان هڪڙو ٺلھ ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي خوني ٺلھ يا منارو سڏيندا آهن. سنه 983ھ : 1575ع ۾ اڪبر بادشاه ڪيسو خان کي موڪليو ته سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿئي. جڏهين هو بکر ۾ آيو، تڏهين بادشاه وٽان ٻيو حڪم آيو ته بکر ۽ لوهريي محب علي خان ۽ مجاهد خان کي ڏئي ۽ پاڻ فقط سکر هٿ ۾ رکي. سنه 998ھ : 1589ع ڌاري، جڏهين خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن کي جاگير ڏيئي ويو، تڏهين آدم شاه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا. تنهنڪري اتي جي زميندارن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر ۾ آني سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا تائين آدم شاه جي ٽڪري ٿي سڏجي.سنه 1168ھ : 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان گدو مل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾ هن کي اچي گڏيو؛ پر بادشاه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽ ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاه ڪوچ ڪري نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي فائدي ۾ حڪم ورتائين. سنه 1258ھ : 1842ع ۾ جڏهين سر چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهين هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي.
 
انتهائي خوبصورت معلومات آهي ادا ان سان منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿيو آهي اهڙي شيئرنگ لا۽ مهرباني
 
جهانداد سائين توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو اصل سڄي سنڌ جي شهرن جي تاريخ اسان جي سامهون ڪري رکي آهي.
 
جهانداد سائين توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو اصل سڄي سنڌ جي شهرن جي تاريخ اسان جي سامهون ڪري رکي آهي.
 
ادا جهانداد صاحب السلام عليڪم!
توهان جون لکڻيون ته تمام بهتر آهن، پر جيڪڏهن تحرير سان گڏوگڏ انهن جون تصويرون به ڏجن ته ڄڻ لکڻيءَ ۾ هڪ نئون روح پيدا ٿي پوندو. مون وٽ سنڌ جي حوالي سان ڪجهه تصويري ڪلپ آرٽ موجود آهي، جيڪڏهن ڪا تحرير شيئر ڪرڻ کان اڳ صلاح وٺو؟ متان اُن تحرير سان ٺهڪندڙ تصوير موجود هجي. آءٌ توهان سان شيئر ڪريان. اميد ته دل ۾ نه رکندا.!
سنڌڙيءَ تان سر ڪير نه ڏيندو؟​
 
ادا جهانداد صاحب السلام عليڪم!
توهان جون لکڻيون ته تمام بهتر آهن، پر جيڪڏهن تحرير سان گڏوگڏ انهن جون تصويرون به ڏجن ته ڄڻ لکڻيءَ ۾ هڪ نئون روح پيدا ٿي پوندو. مون وٽ سنڌ جي حوالي سان ڪجهه تصويري ڪلپ آرٽ موجود آهي، جيڪڏهن ڪا تحرير شيئر ڪرڻ کان اڳ صلاح وٺو؟ متان اُن تحرير سان ٺهڪندڙ تصوير موجود هجي. آءٌ توهان سان شيئر ڪريان. اميد ته دل ۾ نه رکندا.!
سنڌڙيءَ تان سر ڪير نه ڏيندو؟​
ادا جهانداد سمون جي هن بهترين شيئرنگ تي يقينن ادا ابو واصف توهان جون تصويرون سون تي سُهاڳو ثابت ٿينديون ، مٺا ابو واصف بسم الله ڪيو نيڪي ۽ پُڇُ پُڇان اسان شدت سان پيا انتطار ڪريون توهان جي تصويرن جو۔
 
Back
Top