رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ستائڻ اسانکي زمانا ڇڏي ڏي،
پنهنجي حال تي هي ديوانا ڇڏي ڏي،
اڳي مُرڪ تنهنجي ڪيو قهر ڪافي،
نگاهن جا نرمل نشانا ڇڏي ڏي،
جي اچڻو اٿئي هليو آءُ جاني،
بهارن اچڻ جا بهانا ڇڏي ڏي،
جي سُرڪ هڪڙي نه ڏي سهڻو ساقي،
اها مير محفل مئخانه ڇڏي ڏي۔
حليم باغي