ڪاليج واري زندگي کان وٺي سنڌ ۽ سنڌي زبان جي جدو جهد ڪندڙ اهڙو نوجوان جنهن جتي سائين جي ايم سيد جي منشور کي قائم رکڻ لاءِ سن سميت سنڌ جي هر ماڳ تي پهچڻ کي لبيڪ ڪيو اتي ڪراچي جي وسندين ۾ سنڌي ڳوٺن کي جوڙڻ ۽ سنڌين کي ٻهراڙي جي پسماندگي کان شهر جي رونقن تائين پهچائڻ لاءِ هميشه ڪوششون ڪيون ۔۔۔ هڪ اهڙو نوجوان جنهن سنڌ جي حقن لاءِ ديوارن تي چاڪنگ کان وٺي پوليس ۽ فوج جي روايتي ظلمن جي اڳيان ڪالر کولي بيهڻ جهڙا ڪم ڪيا آهن۔۔۔ جي مان اهڙي جوڌي جو ذڪر ڪري رهيو آهيان جنهن سوين نه پر هزارين سنڌين کي ڪراچي جي مختلف ڳوٺن ۾ مفت رهڻ لاءِ ڌارين سان وڙهي پنهنجي مٽي جا مقام ڏياريا پر جڏهن سندس وارو آيو ته پنهنجي ڇپر ٺاهڻ لاءِ کيس سنڌ ڇڏي پرديس وسائي پيسا گڏ ڪرڻا پيا۔۔۔
جي ها دوستو مان سنڌ سلامت جي اهڙي مهربان جو ذڪر ڪري رهيو آهيان جنهن جو تعلق سنڌي ادب سان آهي سائين پاڻ به سنڌي ادب جا هيرا آهن پر سندن گهرواري ۽ سندن نياڻيون پڻ ادب سان لڳائو رکن ٿيون۔۔۔۔ سندن سهرو محترم شمشير الحيدري جن کان ڪهڙو سنڌي واقف نه هوندو۔۔۔۔
سنڌ سلامت جي رڪنن کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندڙ سائين نثار ابڙو جو اڄ جنم ڏينهن آهي۔۔۔ اڄ جڏهن سندن عمر پنجين ڏهاڪي کي لڳڻ واري آهي پر پاڻ اڄ به ڦوهه جواني ۾ لڳي رهيا ۔۔۔
اسان کين سندن سالگره جي موقعي تي سنڌ سلامت طرفان، سالگره جون واڌايون پيش ڪريون ٿا. اسان جي دُعا آهي ته پالڻهار کين وڏي ڄمار نصيب فرمائي. سائين جن جي سنڌ سلامت تي سندن رهنمائي هميشه قائم رهي ۔۔۔۔۔