• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

4 مارچ ۔۔۔ سنڌي شاگردن جو ڏهاڙو

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! اڄ 4 مارچ آهي ۔۔۔ سنڌي شاگردن جي جدوجهد جو ڏهاڙو ۔۔۔ هن ڏينهن تي سنڌ جي شاگردن، ايوبي آمريت طرفان لڳايل ون يونٽ خلاف تاريخي جدوجهد ڪري، سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو هو ۔۔۔ هن ڏهاڙي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن، مهان اڳواڻن جي سربراهي ۾ ون يونٽ خلاف آواز بلند ڪيو ۽ ڄامشوري پل تي ايوبي آمريت جي خلاف اعلان جنگ ڪيو هو ۔۔۔
ون يونٽ جنهن ۾ قومن جي سڃاڻپ تي ڪارو وار ڪيو ويو هو ۔۔۔ جنهن ۾ اهو چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ ڪو به سنڌي، ڪوبه بلوچ ۽ ڪوبه پٺاڻ ناهي بس پاڪستان هڪ قوم آهي ۽ پاڪستان جي زمين سڀني پاڪستانواسين لئه ڪار خئير آهي ۔۔۔ جنهنکي جت وڻي ات وڃي پنهنجو گهر وسائي ۽ نوڪريون حاصل ڪري ۽ ڪاروبار ڪري ۔۔۔ ظاهر آهي ان حڪم سان سنڌين کي سڀ کان گهڻو نقصان ٿيڻو هو ۔۔۔ سنڌي ٻين صوبن ۽ قومن جا حق مارڻ واري قوم نه هئي نه آهي پر ٻين پاڪستاني قومن لئه سنڌ هڪ سوني ڪڪڙ جيئان سونا آنا ڏيڻ واري ڌرتي هئي ۔۔۔ انڪري ان ظالمانه حڪم خلاف سنڌين کي ئي جدوجهد ڪرڻي هئي ۔۔۔
سلام آهي انهن جوڌن کي جن هن ڏهاڙي تي سنڌ ۾ اهڙا ته احتجاج ڪيا جو ايوب پنهنجي آمريت سميت ٻڏي ويو ۔۔۔۽ اهو ڪارو قانون ختم ٿيو ۔۔۔
4 مارچ سنڌ ۽ سنڌين جي قومي جدوجهد جو ڏينهن ۔۔۔ 4 مارچ سنڌ جي نجات جو ڏينهن آهي ۔۔۔ 4 مارچ سنڌ جي قومپرستي واري نظرئي جي جنم جو ڏينهن آهي ۔۔۔
سنڌ جا سڄڻ دوستو، اچو ته هن ڏينهن تي وچن ڪريون ته سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏبو ۽ قوم جي رهبري ڪندي کين آزادي ۽ خوشحاليءَ لئه پاڻ ارپي پاڻ ملاهبو ۔۔۔
سلام سنڌ جي جوڌن کي ۔۔۔۔ سلام سنڌ جي سڄڻن کي​

sindhsalamatsaathsal​
 
Back
Top