ڀورو ڀيل اسان جو آئينو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ میر چند طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2013۔

  1. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    سنڌ‎ ‎۾‎ ‎ڪجھ عرصي کان مدرسن جي تعداد وڌٹ ڪا عام ڳالھ نہ آھي۔ گذریل چونڊن ۾‎ ‎اسلامي مذھبي ادارن پاران پفلیٽ‎ ‎ورھائي ھندو امیدوارن کي ووٽ‎ ‎نہ ڏيٹ واري ڳالھ بہ ڪنھن کان لڪل ڪين آھي۔ ھندن سان ڏاڍاین جي وڌٹ جو سلسلو ڪو نئون نہ آھي۔ اھو ورھاڱي جي وقت کان وٺي جاري و ساري آھي۔ فرق فقط اھو آھي تہ اڳ‎ ‎مؤثر میڊیا جي نہ‎ ‎ھجٹ ڪري اھي خبرون عام ماٹھن تائین نہ پئي پھچي سگھیون۔

    حڪومت جو طالبانن سان ڳالھیون ڪرٹ جو صاف مطلب بہ اھو آھي تہ ھاٹ پاڪستان سرڪار طالبانن جي ایجنڊا تحت ڪم ڪرٹ لاءِ‎ ‎تیار آھي۔ گذریل مھیني پشاور ۾‎ ‎ٿيل چرچ تي بم حملي جي رد عمل ۾‎ ‎طالبانن جو چوٹ ھو تہ اھو حملو اسان نہ ڪيو آھي پر اھو اسلام مطابق جائز ھو۔ تقریبن سمورن ھندوئن سان مسلمانن طرفان مذھبي بحث مباحثي ڪرٹ واري ڳالھ بہ نظر انداز جوڳي ھرگز نہ آھي ۔ انھن سمورین ڳالھین مان اھو صاف ظاھر پیو ٿئي تہ ھتي ھن صوفین ۽‎ ‎سنتن جي ڌرتي سنڌ‎ ‎تي روز بروز مذھبي جنونیت ۾‎ ‎ا‎ضافو پیو ٿئي۔ اھو بہ چڱي ریت اسان ڄاٹون ٿا تہ مذھبي بحث و مباحثي ڪرٹ مان اسان ڪا مثبت شيءِ‎ ‎حاصل مشڪل سان ئي ڪري سگھندا آھیون، فقط اسان ھڪٻئي کي گھٽ‎ ‎وڌ‎ ‎ئي چوندا رھندا آھیون ۽‎ ‎دلین ۾‎ ‎نفرتن جا ٻج پوکیندا رھندا آھیون ۽‎ ‎اھي ٻج وڌ‎ ‎وٹ ٿي پوندا آھن تہ ھڪ‎ ‎وڏي تباھي جو سبب بٹبا آھن۔ ان کان بھتر آھي تہ اسان ڪنھن سان بہ ڪنھن بہ مذھبي بحث کان پاسو ڪریون یا ایئن ئي کٹي چئجي تہ ''اھو سون ئي گھوریو جیڪو ڪن ڇني۔‎''‎
    پنگریو ۾‎ ‎ڀورو ڀيل جي لاش ٿيل تذلیل ڪو معمولي واقعو نہ آھي اھو انھن ھندوئن لاءِ‎ ‎اکيون کولٹ لاءِ‎ ‎ڪافي آھي، جيڪي پنھنجي عزيزن جي میتن کي چتا تي چاڙھٹ جي بجاءِ‎ ‎اھي دفنائیندا آھن۔ انھن ۾‎ ‎خاص طور تي ڀيل، اوڏ، مینگھواڙ‎ ‎۽‎ ‎ڪولھي وغیرہ اھم آھن۔ انھن سمورن کي گھرجي تہ ھو پنھنجي لاءِ‎ ‎حڪومت کان الڳ‎ ‎قبرستان جي زمین جي گھر ڪن ، ھر پلیٽ‎فارم تي ھو مطالبو رکن۔ انھن سڀني کي گڏجي جدوجھد ڪرٹ جو وقت آھي۔ انھن سمورن کي گھرجي تہ ھو سرڪار ۾‎ ‎ویٺل اقلیتي نمائیندن تي پٹ زور وجھن۔

    ڀورو ڀيل جو واقعو اسان جون اکیون کولٹ لاءِ‎ ‎ئي ڪافي آھي۔ اھو واقعو اسان لاءِ‎ ‎ھڪ‎ ‎چتاءُ‎ ‎بٹجي سامھون آیو آھي۔ جيڪڏھن اسان سنجيدگي سان ان واقعي تي غور نہ ڪيو تہ اڳتي ھلي اھو واقعو ٻين ھندوئن سان پٹ پیش اچي سگھي ٿو۔

    سن شھر جيڪو قومپرستن لاءِ‎ ‎اھم حیثیت رکي ٿو آئون اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ ڪيترائي سال پھرین سن شھر ۾‎ ‎ڪجھ اوڏ‎ ‎رھائش پذير ھئا جڏھن انھن جي ھڪ‎ ‎عورت سرڳواسي ٿي تہ انھن مسلمانن جي قبرستان ۾‎ ‎دفن ڪرٹ پئي چاھیو پر مسلمانن اتي ان عورت جي میت کي دفن ڪرٹ جي اجازت ھرگز نہ ڏني پوءِ‎ ‎ان عورت کي قبرستان جي ڪافي پري دفن ڪيو۔ اگر ڪنھن کي بہ منھنجي ڳالھ تي اعتراض آھي تہ ھو سن شھر جي قبرستان جو جائزو وٺي سگھي ٿو۔ حاصل مطلب تہ ڀورو ڀيل جي لاش سان تذيل جھڙا انیڪ‎ ‎واقعا اڳ‎ ‎بہ ٿيندا رھیا آھن پر میڊیا تي نہ اچٹ ڪري منظرعام تي نہ اچي سگھیا آھن۔
    اگر ھن وقت ھندوئن گڏجي الڳ‎ ‎قبرستان جي باري ۾‎ ‎سنجیدگي سان ویھي ڪجھ نہ ڪیو تہ پوءِ‎ ‎اھڙا واقعا رونما ٿيٹ معمول بٹجي ویندو پوءِ‎ ‎شاید اسان ۾‎ ‎اھو سڀ‎ ‎سھٹ جي شاید طاقت ئي نہ رھي۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي ڪٽرپڻي تي ڳڻتي آهي۔ اسلام امن جو مذهب آهي ۽ هو ٻين مذهبن کي به آزادي ڏئي ٿو ته هو آزاد گهمن ۽ زندگي گهارن۔ پر افسوس جو ڪجهه مت وڃايل ماڻهن، مفاد پرست ماڻهن ان کي غلط انداز سان پيش ڪيو آهي۔

    ڀوري ڀيل واري واقعي تي سخت ڏک ۽ افسوس ٿيو هو۔ اسان سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي آهيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو