
مان جڏهن ننڍو هوندو هيم ته اڪثر ماهوار نونهال (اردو) انتهائي شوق سان پڙهندو هيم۔۔ ان وقت منهنجو سوٽ imdad samo روزانو 40 ڪلوميٽر طئي ڪري دادو شهر ۾ ڊگري ڪاليج ۾ پڙهڻ ويندو هو۔۔۔ هو هر مهيني باقائدگي سان اهو رسالو خريد ڪندو جنهن کان پوءِ مان پنهنجي خرچي مجهان اڌ قيمت ۾ وٺي پڙهندو هيم۔۔۔ هن رسالي ۾ شروعات ۾ حڪيم محمد سعيد جون نصيحتون شايع ٿينديون هيون جيڪي پڙهڻ ۽ انهن جو ترجمو ڪري ڊائري ۾ لکڻ منهنجو پسنديده شوق هو۔۔۔
ان ڪري هن عظيم شخصيت بابت مان ننڍپڻ ۾ ئي ڪافي ڪجهه ڄاڻي چڪو هيم۔۔۔ سندس مثالي زندگي آخرڪار اڄ جي ئي ڏينهن يعني 17 آڪٽوبر 1998 تي پوري ٿي جڏهن کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو۔۔۔ مون کي يقين ئي نه ٿي آيو ته هر وقت سادگي ۾ رهندڙ هي ماڻهون ڪنهن لاءِ ايترو خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو جو کيس سرِ عام قتل ڪيو وڃي۔۔۔
حڪيم محمد سعيد هڪ معروف حڪيم، دانشور ۽ انسان ۽ علم دوست شخصيت هيو۔۔ همدرد دواخانه ۽ ٻارن جي رسالي ”نونهال“ کيس پاڪستان ۾ شهرت جي بلندين تي پهچايو۔۔ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب پڻ لکيا۔۔ ۽ هو سنڌ صوبي جو گورنر پڻ رهيو۔۔
وفات کان پوءِ کيس ملڪ جو اعلى قومي اعزاز نشانِ امتياز پڻ ڏنو ويو۔۔۔ اڄ همدرد دواخانو، همدرد يونيورسٽي، ۽ مدينت الحڪمت جهڙا ادارا ۽ همدرد صحت، نونهال ۽ نونهال ادب سندس نالو اڃان تائين زنده رکيو آهي۔۔۔