• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا محبوب آهي

نثارابڙو

نائب منتظم
ننڍڙو عرض؛
دوستو! آسٽرليا جي جڳ مشهور گولف جي رانديگر جوئي ڪرڪ وڊ جا هي لفظ ۽ نثري نظم تمام سهڻو ۽ مٺڙو لڳو، انڪري انکي انگريزيءَ مان ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪيو اٿم ... اميد ته دوستن کي هيءَ ننڍڙي ڪاوش ضرور پسند ايندي ...
لک قرب​
1380128_10151915822973948_1448163418_n.jpg
دنيا منهنجي محبوبه

سج اڀرڻ ۽ لهڻ وقت افق تي شفق جا رنگ
پره جي سانت ۽ ان ۾ پهرين پکيءَ جي لات،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

پٿر ۽ ننديون ۽ انهن ۾ هلندر صاف شفاف لهرون،
لهرائيندڙ گل، وڻن جي ساون پتن جي سرسراهٽ،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

ڏونگر ۽ واديون ۽ صاف نيرو آڪاش،
ساگر ۽ لهرون ۽ بدلجندڙ ڇوليون،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

واريءَ زرڙا ۽ ٿر بر ۽ سج جي چمڪندڙ روشني،
چنڊ ۽ سيارا ۽ ڪاريون ستارن جي جهرمٽ واريون راتيون.
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

پٽ ۽ ساوا سرسبز، نج ۽ اجرا پهاڙ،
ننڍڙا ڳوٺ ۽ باغيچا ۽ ٻنيون ٻارا،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

رستن تي ڦهلجندڙ مٺڙي بهارن جي خوشبو،
اونهاري جا گرم ڏينهن، تهه سياري جي برف،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

گجگوڙ، وڄ جا تجلا ۽ ملهار جي ڦهار،
لهندڙ سج جي گرم ڳاڙهاڻ،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

رحمدليءَ جا لفظ، پيار ڀريو ڀاڪر،
ٻارن جي معصوميت ۽ کلندڙ چهرو،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

دنيا محبوب آهي
دنيا محبوب آهي
دنيا محبوب آهي
دنيا محبوب آهي

جوئي ڪرڪ وڊ​
 
سچ دنيا واقعي محبوب آهي۔ جي اسان عاشق هجون ته !!! هونئن به زندگي هڪ مشاهدو ۽ مطالعو آهي دنيا جو، ڪنهن سهڻي انداز سان۔ ڪنهن پيار ڀري نگاه سان۔
هي به هڪ حقيقت آهي، ته دنيا ڪنهن جي پيار ۾ جنت کان گهٽ ڪونهي۔
سٺي ونڊ بهترين جي ڪو سمجهي ته !!!
 
رحمدليءَ جا لفظ، پيار ڀريو ڀاڪر،
ٻارن جي معصوميت ۽ کلندڙ چهرو،
اهي سڀ حصا آهن زندگيءَ جا، جي محبوب آهن،
اهي سڀ حصا آهن دنيا جا، جي محبوب آهن.

دنيا ته آهي ئي سهڻي پر ڪو ان ڳالهه کي محسوس ڪري ۔۔۔۔
 
Back
Top