ملالايوسفزئي جو نالو اڄڪلھ ڪنهن کان ڳُجھو آهي؟ ننڍن، وڏن، پوڙهن، پَٽڙن کي خبر آهي ته ته ملالا ڪير آهي، ڪاٿان آئي ۽ ڪيئن سموري دنيا ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا تي ڇانئجي وئي. ان ڳالھ کي به ڪو وڏو عرصو ناهي گذريو جڏهن سندس پهريون انٽرويو هڪ پاڪستاني نيوز چينل تي نشر ٿيو هو. اهو انٽرويو ڏسڻ ۽ ملالا جو ڳالهيون ٻڌڻ کانپوء دماغ جا ڪَپاٽَ کُلي پيا. سندس بردباري ۽ ڳالهائڻ جو انداز ڏسي ڪجھ دير لاء ته يقين نه پئي آيو ته هي ڪا پاڪستان جي نياڻي آهي، سا به سوات جي پختون. ان وقت ڪجھ دير لاء ته اها به سوچ وڃي بيٺي ته ملالا ۾ هڪ بهترين قائد ۽ سياستدان بڻجڻ واريون خوبيون به آهن، ته هن ۾ هر اها خوبي به آهي جنهن سان هوء ڪنهن وڏي اداري کي اعتماد سان پڻ هلائي سگھي ٿي. بهرحال وقت گذرندو ويو، ڪنهن کي ملالا ياد ئي نه رهي. پر هڪ ڏينهن سوشل ميڊيا تي مٿس حملي جي خبر ٻُڌي. اها خبر ٻُڌي ڏک ٿيو ته ههڙي قابل ڇوڪري دهشتگرديء جي وَر ڪيئن چڙهي وئي. ٻئي ڏينهن ته وڏيون خبرون اچي ويون ته صدر صاحب سان گڏ پوري دنيا جي سربراهن جا بيان به اچي ويا ته ڪياني صاحب سندس عيادت ڪرڻ به پهچي ويو، دنيا جو ڪو چينل نه هو جنهن ملالا تي حملي جي خبر نه ڏني هجي، ميڊونا صاحبا جا الڳ شوشا هئا، جنهن پنهنجي هڪ ڪنسرٽ ۾ ملالا جو نالو پنهنجي اڌ اُگھاڙي بُتَ تي لکي کيس ڀيٽا ڏني هئي. اهو سڀ ڪجھ ايترو اوچتو پئي ٿيندو ويو جو ڪا ڳالھ سمجھ ئي نه پئي آئي ته ايترو جلد ڪنهن کي ايڏي ڪَوريج ڪيئن ٿي ملي سگھي، ڪو ته ڪارڻ هوندو ان ڳالھ جو به، نه ته روز ڪيترين ويچارين نياڻين سان ظلم ٿيندا رهن ٿا، ڪيتريون ويچاريون نياڻيون ڪارو ڪاري رسم جي وَر چڙهيو وڃن پر انهن جي لاء ته ڪنهن به انٽرنيشنل ميڊيا اڄ تائين ڪو رَڙ واڪو نه ڪيو، لوڪل ميڊيا ته لڳي رهي ان مسئلي جي پويان پر اهي رسمون، رواج اڄ به نه صرف سنڌ بلڪه پوري پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ نياڻين لاء ناسور بڻجيل آهن. ان ڳالھ کان ته بالڪل به انڪار ناهي ته ملالا بيشڪ هڪ قابل ٻار آهي. سندس عمر ۾ ايتري همت جو پنهنجي علائقي جي مسئلن بابت انگريزي چينلن کي انٽرويو ڏيڻ ڪو عام ٻار نه ٿو ڪري سگھي. ويجھر ئي سندس هڪ انٽرويو “جان اِسٽيوَرٽ” جي هڪ پروگرام “دي ڊيلي شو” ٻُڌي رهيو هئس، جان اسٽيورٽ جنهن سموري دنيا جي سربراهن جا انٽرويو ڪيا، تَنهن کي به ملالا جي ڳالهين آڏو لاجواب ٿيڻو پيو. انٽرنيٽ تي اهو شو ڏسندي ڪمينٽس ۾ هڪ ماسترياڻي جي ڪمينٽ تي نظر پئي، جنهن لکيو هو ته،“ هي انٽرويو مون پنهنجي چوٿين درجي جي ٻارن کي جڏهن ٻڌرايو ته ٻارن ۾ تاڙين جا واڄٽ ٿي ويا.” سندس صلاحيتن جي نفي ڪرڻ بالڪل به غلط ڳالھ ٿيندي. نياڻين جي تعليم عام ڪرڻ لاء هن جيڪي به قدم کنيا سي مثبت ۽ ساراھ جوڳا آهن. تازو ئي کيس نوبل انعام لاء پڻ نامزد ڪيو ويو جيڪو کيس ملي ته نه سگھيو پر هڪ ڀيرو ٻيهر ملالا عالمي ميڊيا جي لائم لائيٽ جي وَر چڙهي وئي. ايتري تائين جو سندس پِي.آر جا معاملا ڏسڻ واري مطابق ته ڪنهن به چينل کي ملالا جو انٽرويو ڪرڻ لاء گھٽ ۾ گھٽ ٽي مهينا اڳ رابطو ڪرڻو پوندو. هن ليک ۾ بحث جو اصل موضوع اُهي ٻه طبقا آهن جيڪي ملالا جي حوالي سان نظرياتي طور تي مخالف ٿي بيٺا آهن. انهن مان هڪ طبقو ته تمام سگھارو آهي، جيڪو ملالا جو حامي آهي، جنهن ۾ تقريبن پوري دنيا اچيو وڃي، ٻيو طبقو وري تمام ڪمزور آهي، جيڪو ملالا جي نياڻين ۾ تعليم عام ڪرڻ واري مهم جي خلاف آهي، جنهن کي ڪير هن وقت ڪَنُ ئي نه پيو ڏئي. ملالا مخالف طبقي جو نظريو اهو آهي ته هي سڀ ڪجھ عالمي ايجنسين جي ڪا سازش آهي، جنهن مان هو پنهنجا ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ان ئي طبقي مان ڪجھ ماڻهن جو وري اهو خيال آهي ته ملالا جو پيء هڪ ڪاروباري ماڻهو آهي، جيڪو سوات ۾ پرائيويٽ اسڪول کوليو ويٺو آهي، سوات ۾ حالتون خراب هجڻ جي سبب سندس ڪاروبار ٺَپِ ٿي ويو سو هن پنهنجو ڪاروبار بچائڻ ڪارڻ اهو سڄو ڊرامو رچايو آهي. هاڻ ان ملالا جي مامَ ۽ ميڊيا جي هامَ پويان ڪهڙا ڳُجھ آهن سي ته رب پاڪ ٿو ڃاڻي. پر هڪ ٻيو سوال اڃا به حل نه ٿي سگھيو. شايد ان سوال جو جواب ملالا جو حامي طبقو ڏئي سگھي ٿو. سوال اهو آهي ته، ٺيڪ آهي ملالا ڪو عام ٻار نه آهي، انڪري کيس ايڏي ڪوريج ڏني وئي يا ڏني پئي وڃي، پر ڇا هر اها نياڻي جيڪا ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي سا عام آهي؟ ڇا انجو رت ايترو سستو آهي جنهن جو آواز اُٿارڻ لاء دنيا وارن جون اکيون به ڪي ملائڪ اچي کولين؟ هيء ڳالھ ڪرڻ کانپوء پڙهندڙن کي منهنجي ملالا مخالف طبقي جو حامي هجڻ جي پَڪَ ٿي ويندي. پر منهنجي نظر ۾ ملالا جو مقام اڃا به اهو ئي آهي جيڪو مٿي بيان ڪري آيس. بس اُلڪو اهو آهي ته جيئن ايم. آء. ٽي مان بايولوجي، اينٿروپولوجي ۽ آرڪيالوجي ڪندڙ عافيا صديقيء وانگي ڪٿي ملالا جهڙي سُلڇڻي نياڻيء کي به ٻيهر ملڪ ڏسڻ نصيب ٿيندو الائي جي نه! ملالا جو مقصد ته تمام نيڪ آهي، ۽ دعا اها ئي آهي ته ملالا جي واڳ غلط هٿن ۾ نه هلي وڃي ۽ هوء ان مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ اسانوٽ تعليم عام ٿي وڃي. ان سان گڏوگڏ اها پڻ دعا آهي ته دنيا وارن جي نظر انهن نياڻين تي پڻ ضرور پوي جيڪي رسمن ۽ رواجن جي آڙ ۾ روز ڪُسجن پيون، جن جو آواز پنهنجي گھر جي چوديواريء کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ئي هميشه لاء بند ٿي وڃي ٿو. فهيم اختر ميمڻ دمام بلاگ لنڪ عوامي آواز ميگزين
سائين اوهان سچ پيا چؤ ان ۾ ڪو شق به ناهي دراصل دنيا جي اندر مغرب جي سازشن اهڙو ته هيجيان پيدا ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي جي هي ڪو ڀلائي جو ڪم به ڪن ته ان ۾ به ڪا نه ڪا بُرائي نظر پئي اچي۔ بيو جيئن قرآن ۾ آهي ته جڏهن حضرت يوسف عليه السلام جي پاڪدامني بابت عورتن کان گواهي ورتي وئي ته زليخان ان انداز سان اقرار ڪيو هو ته (آءُ پناه ٿي گهران نفسِ اماره کان جيڪو هر وقت بُرائي جو حڪم ٿو ڏئي )۔ سو داراصل مغرب لاءِ مشرڪ بلخصوص انصاف پسند ماڻهن جو خيال ان نفسِ اماره جيان آهي جنهن کان کير جي توقع ناهي۔ هن ڇوڪري کي جنهن ماڻهون ميڊيا تي آندو هو هن جي واقعي کان پهريان اهو ميڊيا جو ماڻهون پڻ متضاد آهي منهنجو اشارو جيو ٽي وي جي اينڪر حامد مير ڏانهن آهي۔ هن ماڻهون لاءِ اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته هي آميرڪي ايجنسي سي آءِ جو ماڻهون آهي۔ سو خدشا پنهنجي جاءِ تي مجود آهن۔ وسلام