• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بدين

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
شمس العماء مرزا قليچ بيگ
اڳي بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو هڪ هو يا گڏ هو ۽ سندن مکيه ڳوٺ بدين *۽ چاچڪ هئا، ۽ جھم جو پرڳڻو ۽ ڳوٺ به اُتي هو. سنه 978ھ : 1570ع ۾ جڏهين اڪبر بادشاه سنڌ ۾ آيو، تڏهين مرزا محمد باقي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا. بدين ۽ چاچڪان جي پرڳڻي تي پنهنجو پٽ مظفر ترخان مقرر ڪيائين ۽ ساڻس علي خان ڪوڪه گڏي موڪليائين. سگهو ئي پوءِ مرزا باقيءِ پاڻ کي ماري وڌو. مظفر پيءٌ جي مرڻ جو ٻڌي ٺٽي ويو، پر سندس ڀائٽي مرزا جاني بيگ کي اڳيئي حڪم ڪيو هئائون. مظفر جي فساد جو ٻڌي مرزا جاني بيگ مٿس ڪاهي ويو ۽ بدين ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مظفر شڪست کاڌي، جو سندس سردار فري جاني بيگ جي پاسي ويا. مظفر ڇڙهو ڀڄي ويو ۽ مرزا جاني بيگ سندس سامان پٺيان ڏياري موڪليو ۽ پاڻ بدين جي قلعي ۾ گھڙيو. سنه 998ھ : 1589ع ۾ جڏهين هو خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ سان وڙهيو، تڏهين بدين ۽ ٻين قلعن ڏي جدا جدا لشڪر ڏياري موڪليائين، جن وڃي اهي هٿ ڪيا. نيٺ مرزا جاني بيگ لڪيءَ وٽ شڪست کائي اُنڙپور ۾ آيو، جتي وري ٻي شڪست کائي ڀڳو. سنه 1158ھ : 1745ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ڪانجي فتح ڪري بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا. ميان نور محمد بهار شاه ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄايو.
 
جهانداد سائين توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو اصل سڄي سنڌ جي شهرن جي تاريخ اسان جي سامهون ڪري رکي آهي.
 
Back
Top