سهائي ٽالپر : سنڌ جي سهائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سُهائي ٽالپر 23 سيپٽمبر 1987ع تي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ ڀائيخان ٽالپر ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو ڊاڪٽر عزيز ٽالپر آهي، هن پري اسڪول جي تعليم سي بي ايس ٽنڊو محمد خان مان ۽ پهرين کان ٽئين ڪلاس تائين جي تعليم شاهه لطيف اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي، چوٿين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين فوجي فائونڊيشن اسڪول ٽنڊو محمد خان مان علم پرايو، 2003ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 2005ع ۾ انٽر، بحريه فائونڊيشن ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو.2007ع ۾ بي ڪام گورنمينٽ زبيده ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو، چارٽرڊ اڪائونٽ ماڊيول اي ۽ بي الحمد اڪيڊمي حيدرآباد مان ۽ ماڊيول سي ايس ڪي اي اين ايس اسلام آباد مان پاس ڪيو، 2011ع ۾ گورنمينٽ زبيده ڪاليج حيدرآباد معرفت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي (اڪنامڪس) جي ڊگري حاصل ڪيائين، سيپٽمبر 2011ع ۾ ڪامپيڪس اڪيڊمي حيدرآباد ۾ سي ايس ايس جي تياري لاءِ داخلا ورتائين، 2012ع ۾ سي ايس ايس ڪئاليفائيڊ ڪيائين، سي ايس ايس ڏئي 2013ع ۾ پوليس کاتي ۾ اي ايس پي جو عهدو ماڻيائين، سُهائي ٽالپر ، ٽالپر خاندان جي ۽ لاڙ جي سرزمين جي پهرين سنڌي نياڻي آهي ، جنهن سي ايس ايس ڪري پوليس کاتي ۾ اي ايس پي جو عهدو ماڻيو
    سهائي ٻالڪپڻ کان تعليم سان چاهه رکندڙ هئي، اهو ئي سبب آهي جو اڍائي سالن جي عمر ۾ هن شاهه لطيف جا 150 کان وڌيڪ شعر ياد ڪيا ۽ 6 سالن جي ڄمار ۾ هن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ” ڊبيٽ مقابلي“ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ننڍي عمر ۾ هن سنڌي ٻالڪ تنظيمن جي پليٽفارمن تان سياسي ، سماجي ، ثقافتي ، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي خود اعتمادي کي جبل جي چوٽي جيان بنايو، اسڪول توڙي ڪاليج ۾ هميشه امتيازي پوزيشنون حاصل ڪندي رهي، هن ڪاليج ۾ تعليم دوران چونڊون کٽي ڪاليج جي” هيڊ گرل“ جا پڻ ڪيترائي ڀيرا اعزاز ماڻيا، ان حوالي سان هن ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻيا.

    (تحرير: اعظم ڀٽي ، ٽنڊو محمد خان)

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سنڌ جي سهائي، سنڌ ڄائي نياڻي سهائي ٽالپر لاءِ دعاڳو آهيان ، الله سائين اسانجي هن نياڻي کي وڏي ڄمار ۽ ترقي عطا ڪري۔ آمين ثم آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو