• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 19 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 19 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

19 آڪٽوبر 1897ع پاڪستان جي نامور ڪيميادان ۽ سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي لکنئو ۾ پيدا ٿيو.
19 آڪٽوبر 1940ع نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، قنبر ۾ پيدا ٿيو.
19 آڪٽوبر 1940ع گلوڪاره ۽ صداڪاره روبينا قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1949ع اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش ٻگھيو گچيرائي جو جنم ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1952ع شاعر غلام حسين شوق جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1955ع شاعر ۽ ٽي وي ڊائريڪٽر سميع بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1956ع باليووڊ اداڪار سني ديول جو جنم ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1967ع صحافي جاويد نهڙي (پٿورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1974ع صحافي، ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ سيد مراد علي شاھ بڪيرائي جو جنم ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1979ع ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نويس امداد ڪانھيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1981ع شاعر انور جروار جو جنم ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1982ع شاعر علي ساحل جو جنم ڏينهن آهي.
19 آڪٽوبر 1982ع تي شاعر نور الدين ”نور“ مھيسر جو جنم ڏينھن آهي.

وڇوڙو:

19 آڪٽوبر 1914ع مير رستم خان ثاني جي وفات ٿي.
19 آڪٽوبر 1918ع شاعر سيد ڀاون علي شاھ ساقي (بدين) جو انتقال ٿيو.
19 آڪٽوبر 1919ع سماج سڌارڪ ۽ سياستدان سيد الهندو شاهہ جو انتقال ٿيو.
19 آڪٽوبر 1959ع شاعر پيرو محمد سائل جو انتقال ٿيو.
19 آڪٽوبر 1963ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپر جي وفات ٿي.
19 آڪٽوبر 1976ع شاعر ۽ ڊراما نگار آغا عبدالنبي عليگ جي وفات ٿي.
19 آڪٽوبر 1989ع فلم ۽ ٽي وي جي مشھور اداڪار سليم ناصر جي وفات ٿي.
19 آڪٽوبر 2008ع شاھ لطيف جي رسالي جي مرتب ۽ شارح ٻانھي خان شيخ جو انتقال ٿيو.
19 آڪٽوبر 2013ع گلوڪاره زبيده خانم جو انتقال ٿيو.

واقعا:

1940ع – ٻئين جنگ عظيم جي دوران جرمني، ڊنمارڪ ۽ ناروي تي حملو ڪيو.
1947ع – مصر سڀ کان پھرين پنھنجو سفارتخانو پاڪستان ۾ قائم ڪيو.
1988ع – برطانيوي حڪومت آئرش ريپبلڪ جي ڪيترن ئي نمائندن جي ٽي وي ۽ ريڊيو انٽرويو تي پابندي مڙي ڇڏي.
1993ع – بينظير ڀٽو 121 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان چونڊجي وئي، جڏهن نواز شريف 72 ووٽ کنيا.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top