رحيم بخش
ايڊيٽر
80 سال جو پوڙهو پيء صوفي تي پنهنجي گهر ۾ پنهنجي اعلى تعيلم يافته نوجوان پٽ سان گڏ ويٺو هو۔ اچانڪ هڪ ڪانء ڀت تي اچي ويٺو .
پيء پٽ کي چيو هي ڇا آهي؟
پٽ جواب ڏنو هي ڪانء آهي.
چند منٽ ترسي وري پيء پڇيو هي ڇا آهي؟
پٽ جواب ڏنو ته بابا مون هاڻي توهان کي ٻڌايو ته هي ڪانء آهي.
ٿورو ترسي وري ٽيو ڀيرو پوڙهي پيء پڇيو هي ڇا آهي ؟
پٽ هن ڀيري ڪجهه لهجو ڪڙڪ ڪندي چيو هي ڪانء آهي ڪانء..
وري ٿوري ترسي جهوني پيء چوٿون ڀيرو پٽ کي مخاطب ٿيندي چيو هي ڇا آهي؟
هن ڀيري پٽ تمام زور دار آواز ۾ پيء تي ناراض ٿيندي چيو ڇا لاء ساڳيو ئي سوال مون کان بار بار پڇي مون کي تنگ ڪري ڇڏيو اٿوَ هالانڪ توهان کي ڪيترا ڀيرا ٻڌائي چڪو آهيان ته هي ڪانء آهي... ڇا توهان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي.
ٿوري دير ترسي پوڙهو پيء اندر ڪمري ۾ ويو ۽ هڪ پراڻي ڊائري کڻي آيو جيڪا هن پنهنجي پٽ جي پيدا ٿيڻ واري ڏينهن کان شروع ڪئي هئي . هڪ صفحو کولي پٽ کي چيائين هي پڙهه . جنهن ۾ لکيل هو ته:
اڄ منهنجي پٽ جيڪو ٽن سالن جو آهي مون سان گڏ صوفي تي ويٺي جڏهن هڪ ڪانء ڀت تي ويٺي ڏٺو ته منهنجي پٽ مون کان 23 ڀيرا پڇيو ته هي ڇا آهي؟ ۽ مان هن کي 23 ئي ڀيرا پيار مان جواب ڏيندو رهيس ته پٽ اهو ڪانء آهي.
سبق : والدين ننڍي هوندي پنهنجي اولاد سان ايترو پيار ڪندا آهن سندن هر انگل پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن سندن هر سوال جو جواب محبت سان ڏيندا آهن ليڪن ساڳيو پيء پوڙهو ٿي اهو انگل جيڪو ننڍي هوندي سندس پٽ ساڻس ڪيو هو، ڪري ٿو ته پٽ ان کي بيوقوف سمجهي ان کي نظر انداز ڪري ٿو ڇڏي يا ان کي جهڻڪي ٿو ، اها اولاد جي بي پرواهي رب جي ناراضپي جو سبب بنجي ٿي انڪري سڀني کي پنهنجي والدين جو احترام ۽ عزت ڪرڻ گهرجي. سندن هر جائز خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي . الله ۽ الله جي حبيب جو اهوئي فرمان آهي۔