• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسٽريليا جو ڀارت جو دورو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
168825.3.jpg


ون ڊي ڪرڪيٽ جي نمبر هڪ ٽيم انڊيا ۽ نمبر ٻه ٽيم آسٽريليا جو مختصر دورو جاري آهي۔۔ دوستن جي دلچسپي لاءِ شيڊيول پيش ڪجي ٿو۔۔۔

تاريخ | ڏينهن | ميچ | هنڌ | وقت | نتيجو
\ 10 آڪٽوبر | خميس | واحد ٽي ٽونٽي | راجڪوٽ | شام 9 وڳي | انڊيا 202 ٽارگٽ 6 وڪيٽن تي پورو ڪيو
\ 13 آڪٽوبر | آچر | پهريون ون ڊي | پوني | منجهند 1 وڳي | آسٽريليا 304 ٽارگيٽ ڏئي انڊيا کي 232 تي آئوٽ ڪيو
\ 16 آڪٽوبر | اربع | ٻيو ون ڊي | جي پور | مجهند هڪ وڳي | انڊيا 360 جو ٽارگيٽ هڪ وڪيٽ تي پورو ڪيو
\ 19 آڪٽوبر | ڇنڇر | ٽيون ون ڊي | چندي ڳڙهه | مجهند هڪ وڳي | آسٽريليا 304 رنسن جو ٽارگيٽ 4 وڪيٽن تي پورو ڪيو
\ 23 آڪٽوبر | اربع | چوٿو ون ڊي | رانچي | مجهند هڪ وڳي | بارش سبب ميچ بنا نتيجي ختم
\ 26 آڪٽوبر | ڇنڇر | پنجون ون ڊي | ڪٽڪ | مجهند هڪ وڳي | بارش سبب ميچ بنا نتيجي ختم
\ 30 آڪٽوبر | اربع | ڇهون ون ڊي | جي پور | مجهند هڪ وڳي | انڊيا 350 رنسن جو ٽارگيٽ 4 وڪيٽن تي پورو ڪيو
\ 2 نومبر | ڇنڇر | ستون ون ڊي | بنگلور | مجهند هڪ وڳي | انڊيا 57 رنسن تان ميچ کٽي ورتي۔
 
ٽين ون ڊي ميچ ۾ اڄوڪو نتيجو به واهه جو رهيو ۔۔۔۔ 6 وڪيٽون جلد ڪرڻ باوجود به ڪپتان ڌوني جي شاندار بيٽن سبب هندستان جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 304 رنسون ڪيون۔ ڌوني 121 بالن تي 169 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو۔

جواب ۾ آسٽريليا جو وڪيٽون ڪرنديون ۽ آخري 3 اورن ۾ آسٽريليا کي 44 رنسون گهربل هيون ۔۔۔ پر ڇا ته فلڪنر جي بيٽنگ رهي، هن اشنت شرما جي 48 هي اوور ۾ 30 رنسون ٺاهيون ۽ آسٽريليا ٽي بال اڳ ئي ميچ کٽي ورتي۔ فلڪنر 29 بالن تي 64 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو۔
 
ٽين ون ڊي ميچ ۾ اڄوڪو نتيجو به واهه جو رهيو ۔۔۔۔ 6 وڪيٽون جلد ڪرڻ باوجود به ڪپتان ڌوني جي شاندار بيٽن سبب هندستان جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 304 رنسون ڪيون۔ ڌوني 121 بالن تي 169 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو۔

جواب ۾ آسٽريليا جو وڪيٽون ڪرنديون ۽ آخري 3 اورن ۾ آسٽريليا کي 44 رنسون گهربل هيون ۔۔۔ پر ڇا ته فلڪنر جي بيٽنگ رهي، هن اشنت شرما جي 48 هي اوور ۾ 30 رنسون ٺاهيون ۽ آسٽريليا ٽي بال اڳ ئي ميچ کٽي ورتي۔ فلڪنر 29 بالن تي 64 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو۔
ٽين ون ڊي ۾ جيڪڏهن حيران ڪن ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ آئي ته اڄوڪي ميچ به تباهي هئي۔۔۔ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهڙيون ميچز تمام گهٽ دفعا ڏسڻ ۾ اينديون آهن۔۔۔
جيڪي دوست ڪرڪيٽ جو شوق سوايو رکن ٿا انهن لاءِ آسٽريليا جي رانديگر فلڪنر جي هي شاندار اننگ 1 منٽن اندر ڏسڻ لاءِ هڪ وڊيو هٿ ڪئي اٿم۔۔۔ توهان به ڏسو ۽ ڪرڪيٽ جا بدلجندڙ رنگ ڏسي دنگ رهجو۔۔۔۔

 
ڇهين ون ڊي ۾ به رنسن جي برسات رهي۔ هندستان جي ٽيم هڪ دفعو وري 350 رنسن جو ٽارگيٽ صرف چئن وڪيٽن تي پورو ڪري ورتو۔ پهريان کيڏندي شين واٽسن جي 102 ۽ ڪپتان بيلي جي 156 رنسن جي بهترين اننگز سبب آسٽريليا ڇهن وڪيٽن جي عيوض 350 رنسون ٺاهيون۔

جواب ۾ ورات ڪوهلي جي جارحانه بيٽنگ، شيکر ڌاون جي سينچري ۽ روهيت شرما جي ففٽي سبب ڀارت اسڪور 50 هين اوور ۾ پورو ڪري سيريز برابر ڪري ورتي۔ ڪوهلي 115، شيکر ڌاون 100 ۽ روهيت 79 رنسون ٺاهيون۔
 
شاندار ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملي۔۔۔ انڊيا هڪ دفعو ٻيهر اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو بار بار نه ٿو ڪري سگهجي۔۔۔ ۽ هن دفعي به بدقسمتي آسٽريليا جو مقدر بڻي جو انتهائي شاندار راند ڪندي به کٽڻ جو مزو ماڻي نه سگهي۔۔۔۔
جيڪي دوست ٽن چئن منٽن ۾ پوري ميچ ڏسڻ گهرن ته حاضر آهن جهلڪيون​
 
3206 اٽيچمينٽ ڏسو
ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ وڌيڪ ڊبل سنچري!!! آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ ون ڊي سيريز جي آخري مئچ ۾ ڀارتي اوپنر روهت شرما 158 بالن تي 209 رنسون ٺاهي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سنچري ٺاهيندڙ ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو، سندن دوهيندار اننگز ۾ 16 اُڀ ڏاريندڙ ڇڪا ۽ 12 چونڪا شامل آهن، ياد رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سنچريون هڻندڙ ٽنهي رانديگرن جو تعلق ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم سان آهي، سڀ کان پهرين ڊبل سنچري لٽل ماسٽر سچن ٽينڊولڪر طرفان هنئي وئي، جڏهن ته بعد وريندر سهواڳ پاران 219 رنسن جي اننگ کيڏي وئي، ڀارت پاران آخري 10 اوورن ۾ 151 رنسون ٺاهيون ويون۔ پوري اننگز ۾ 19 ڇڪا لڳا جڏهن ته ڀارت پاران 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 383 رنسون ٺاهيون۔
 
ڀارت آسٽريليا کي 57 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ڇڏي،
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ جاري ون ڊي سريز جي آخري مئچ ۾ مهمان ٽيم ٽاس کٽي ميزبانن کي پهرين کيڏڻ جي دعوت ڏني۔ ميزبان مهمانن جي دعوت جو ڀرپور فائدو ورتو ۽اسڪور بورڊ تي 50اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 383 جهڙو جبل اڏي ويا۔ ڀارت جي اننگز جي خاص ڳالھ نوجوان اوپننگ بيٽسمين جي شاندار ڊبل سنچري هئي، سندس اننگز ۾ 16 ڇڪا ۽ 12 چونڪا شامل هئا۔ اهڙي طرح ڪپتان ڌوني به 38 بالن تي 62 ٺاهي ويو۔ آسٽريليا ڀارت پاران ڏنل 384 جي هدف جو پيڇو ڪندي 326 رنسن تي 29 بال پهرين آل آؤٽ ٿي وئي، آسٽريليا طرفان فالڪنر 116 رنسون ٺاهي آئوٽ موٽيو جڏهن ته ميڪسول جي 60، شين پاٽسن جي 49 رنسن واري دونهيدار اننگز پڻ مئچ ۾ مئچ کي آخر تائين جيئرو رکيو ۔جڏهن ته نائين وڪيٽ تي ڪلنٽ مِڪي ۽ فالڪنر وچ ۾ شاندار 115 رنسن جي ڀائواري پڻ ٿي۔ ڀارت پاران محمد شامي ۽ جديجا 3_3 وڪيٽون وٺي ويا۔ مئچ ۾ ڪاميابي سان گڏ ڀارت سيريز ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي۔ پوري مئڇ ۾ بيٽسمن ڇانيل رهيا، بالرن کي ٻنهي ٽيمن پاران ڪُٽي ناڙ ڪيو ويو۔ پوري مئچ ۾ 39 ڇڪا هنيا ويا جيڪي ڪنهن هڪ مئچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا آهن، مئچ جي خاص ڳالھ روهت شرما پاران 209 رنسن جي اننگز آهي۔ ڊبل سنچري اسڪور ڪرڻ تي شرما کي مين آف دي مئچ ايوارڊ سان نوازيو ويو
۔3207 اٽيچمينٽ ڏسو
 
ون ڊي سيريز جو اختتام ڇا ته جاندار ميچ سان ٿيو۔۔۔ ان ميچ کي مس ڪندڙ شوقينن لاءِ حاضر آهن جهلڪيون۔۔

 
ڇا ته اسڪور ڪيا آهن ڪرڪيٽ جي هنن وڏين ٽيمن ۔۔۔۔ آسٽريليا به خوب کيڏيو، اصل ۾ هن سيريز ۾ بئٽسمينن ته مزا ورتا پر بالرن کي خوب ڪٽڪو مليو۔
 
انڊيا جون پچز هونء به ڊيڊ پچز طور وڌيڪ مشهور آهن۔۔۔ مٿان وري آسٽريليا جهڙي ٽيم کي قابو ڪرڻ لاءِ پنهنجي مضبوط بيٽنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پچز کي وڌيڪ بيٽنگ فرينڊلي بڻايو ويو۔۔۔
 
۽ اسان واري ٽيم کي نه بالنگ تي پڪ آهي ۽ نه بيٽنگ تي ۔۔۔ تنهنڪري ڪم تتر بتر، ون ڊي ۾ لو اسڪورنگ ميچ جو مزو ناهي يار
 
Back
Top