ڇو؟..ڇو؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آخر ڇو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪڏهن ڪڏهن من ۾ ڪجهه عجيب خيال پيدا ٿيندا آهن. ۽ انهن خيالن جي جوابن لاء پاڻ پتوڙيندو رهندو آهيان، مگر جواب ناهن ملندا.انهن خيالن کي مان هت پيش ڪيان ٿو، ڏسون ته ڪو آهي اهڙو دوست جيڪو هنن سوالن جا جواب ڏئي..منهنجا سوال شايد اوهان دوستن کي ڏکيا ته لڳن ۽ عجيب به لڳن مگر سوال ته آهن پوء ڀلي عجيب ڇو نه لڳن. سوال هي آهي ته هميشه جڏهن ڪو به مسئلو ڳالهين سان ناهي نبرندو ته پوء ئي جنگ واري صورت اختيار ٿيندي آهي. ۽ هميشه عقل مند ماڻهون ۽ امن پسند ماڻهون جنگ کان پاسو ڪندا آهن. ( ۽ اهو به ان صورت ۾ وڌيڪ جڏهن آمهون سامهون واريون شخصيتون مسلمان به هجن ۽ قابل احترام به هجن )هڪ طرف ته يزيد امام حسين رضه جن جو قاتل آهي، جڏهن ته هڪ حضور سائين جي مشهور حديث آهي ته جيڪو فلاڻو علائقو (قسطنطنيه) فتح ڪندو اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو ۽ اهو علائقو يزيد رضه جن فتح ڪيو آهي.۽ يزيد هو به مسلمان ۽ نه مشرڪ هو نه ڪافر هو.۽ قرآن مان اهيو به ثابت آهي ته اگر جنهن شرڪ ناهي ڪيو ته اهو نيٺ آخر پنهنجن ڏوهن جي سزا ڀوڳي ۽ جنت ۾ ويندو. يا الله چاهي ته ان جا گناه معاف ڪري ان کي جنت ۾ داخل ڪندو.۽ الله کان ڪير پڇڻ وارو ڪونهي..۽ حديثن مان اهيو به ثابت آهي ته حقوق العباد تڏهن معاف ٿيندا جڏهن اهو پاڻ شخص پنهنجو حق معاف ڪري ۽ حديثن مان اهيو به ثابت آهي ته ڏينهن قيامت جي الله انهن ماڻهن کي جن جا حق هوندا ، انهن کي انهن جي حق جي عيوض جنت جون نعمتون آڇيندو ۽ اهي انهن کي قبول پونديون ۽ انهن عمل جي ڪري انهن کي به معاف ڪيو ويندو جيڪي حق ڏيڻ جا ذميوار هوندا. ڇو جو الله انصاف پسند آهي.۽ انصاف ڪندڙ آهي.نبر ٻه ته حضرت علي رضه جن جي عظيم شخصيت کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، سندس علم عمل بهادري، حضرت محمد صلي الله وسلم جن سان وفا، وغيره.......................۽ هوڏانهن حضرت بيبي عائشه رضه جن جي شخصيت کان به ڪنهن کي انڪار ڪونهي، ۽ سندس علم عمل ذهانت تقوا ۽ حضرت محمد صلي الله وسلم جن سان وفا، وغيره وغيره ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان جي نبي حضرت محمد صلي الله وسلم جن جي پياري گهر واري. جنهن لاء حضور جن جو فرمان آهي ته اي عائشه الله تنهنجا اڳيان پويان سڀ گناهه معاف فرمائي ڇڏيا آهن.۽ اسلام جي تعليم ته اهيو به سبق ڏئي ٿي ته نبي جون گهرواريون مومنن جون مائرون آهن. ۽ ماء لاء وڏو احترام آهي، ( ڇو نه ماء ڪافر هجي )مگر پوء به انهن ٻنهيء شخصيتن حضرت علي ۽ حضرت عائشه جن ۾ جنگ لڳي آهي، پوء اسان ڪنهن کي حق تي سمجهون ڪنهن کي ناحق تي سمجهون. پوء انهن ماڻهن جي علم سجاعت، بهادري صبر جي خطبن واعظن ۽ قولن کي ڪاڏي ڪيون جيڪي حضور جن جي گهروارين سان جنگ ڪن.۽ حضور سان جي نسبت جو به خيال نه ڪن.جڏهن ته اسان جي معاشري جو هڪ جاهل توهم پرست وهمنن ۾ گهيريل موالي به ان سيد کي (جنهن کي نه قرآن جي علم جي ڄاڻ آهي نه اسلام سان سان ڪا دلچسپي آهي نه وري اسلام جي هدايتن تي عمل ڪندڙ آهي ) نسبت ڏيندو آهي، جيڪو سيد پنهنجي آستاني تي ڀنگون، ۽ چرس وڪرو ڪري اسان جي نوجوانن جي زندگين سان پيو کيڏندو آهي.۽ انهن جي زندگي کي ڪنهن ڪم جو ناهي ڇڏيندو.......................ڇو؟..ڇو؟ آخر ڇو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سنڌ سلامت تي هاڻي جيئن جيئن محرم ويجهو پيو اچي ڪافي مذهبي جنون وڌنڌو پيو وڃي خير مان ذآتي طور تي مذهبي بحث کان ڪنارو ڪندو آهيان پر ڪجهه دوستن اهو ٺيڪو کنيو آهي ته مذهبي بحث ۽ مختلف عقيدن سان چيڙ ڇا ڙ ڪئي وڃي جي دوستن جي اها صلاح آهي ته ٺيڪ آهي بابا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادا اوهان جي سوال جو جاوب مون وٽ موجود آهي پر اوهان جو جواب ڏيڻ کان پهريان مان اوهان کان هڪ سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته ۔ حضرت علي ع جن سان بيبي عائشه جنگ ڇو ڪئي ؟؟ ڪهڙو اهڙو گناه هو حضرت علي جو جو بيبي جنگ ڪئي ڇا حضرت علي جي حڪومت برداشتت نه ٿي يا حضرت علي عادل نه هئا يا وري حضرت علي حڪومت زبردستي ڪنهن کان ڇني هئي ؟؟ جو حرمت رسول کي پامال ڪندي بيبي اٺ تي ڇڙهي جنگ جي ميدان جو رخ ڪيو ڇا الله جي رسول جي پڳ بيبي تي هئي يا حضرت علي جي سر تي هئي ؟؟؟ڇو ته حضرت علي ظآهري ۽ باطني خليفه رسول هئا ۔؟؟؟ ۽ جنگ دوران حق تي هجڻ جو تمغو ڪنهن وٽ هو حضرت عائشه وٽ يا حضرت علي ع وٽ ؟؟؟؟ حضرت علي جي باري ۾ الله جي رسول جو قول آهي ته الحق مع علي و علي مع الحق حق علي سان آهي ۽ علي حق سان آهي ۔ادا اوهان جي بقول بيبي عائشه جا اڳيان پويان گناه معاف ڪرائي چڏيا آهين الله جي رسول جيڪو گناه بيبي ڪيو ئي نه هو اهو ڪيئن معاف ٿيندو ؟؟؟؟ اوهان جي بقول حضور کي غيب جو علم نه هو ته پوء ڇا ٿيندو پوء اهي پويان گناه جيڪي بيبي ڪيا ئي نه هئا مثلا حضرت علي سان جنگ اهو ڪيئن معاف ٿي سگهي ٿو ؟؟؟ الله جي رسول جي گهر وارين جي عزت ان ڪري آهي ته اهي الله جي ۽ ان جي رسول جون اطاعت گزار آهين پر جي الله جي اطاعت کان جارج ٿين ته به جنتي آهين اهو قانون مڃڻ ذراعقل کان باهر آهي ۔۔۔ڇو ته حضرت علي السلام جن کي الله جو رسول جنت ۽ جهنم تقسيم ڪرڻ وارو قرار ڏنو آهي ۽ اهو بر فرمايو ته جنهن علي سان جنگ ڪئي ان مون سان جنگ ڪئي سو جي ڪو رسول سان جنگ ڪري اهو جنت ۾ ڪيئن وڃي سگهي ٿو ۔ ۽ اهڙي طرح الله جي رسول امام حسين سان جنگ ڪرڻ واري لاء بها هو فرمايو ته جنهن حسين سان جنگ ڪئي ان مون سان جنگ ڪئي ۽ جنهن الله جي رسول سان جنگ ڪري جنتي نٿو ٿي سگهي اسان هر وقت اها دعا ڇو گهرندا آهيون ته الله سائين عاقبت ڀلي ڪجان؟؟ ڇو ته اسلام ۾ آهي ته اسلام ابتدا کي نه پر انتها کي ڏسندو آهي ته جڏنهن انسان مري ٿو ته اهو دين جو مطيع ٿي ڪري مري ٿو يا گنهگار ٿي مري ٿو يا ڪافي ٿي ڪري مري ٿو ڀلي ان جي ابتدا ڪيتري به ڀلي هجي پر جي اينڊ ۾ هو اسلام جي مخالفت ڪري مري ٿو ته ان کي سزا ضرور ملندي ۔۔۔۔شيطان جي مثال وٺو ان سڄي عمر عبادت ڪئي ۽ جنن مان نڪري ڪري فرشتن جي صف ۾ اچي بيٺو پر هڪ اهڙو گناه ڪيائين جو سڃِ عمر لاء لعنتي ٿي ويو يزيد لاء اوهان علاقي فتح ڪرڻ کي جنتي ٿا ڏسو ان جنهن هيڏو معصوم جو خون ڪيو ۽ جگر رسول جو خون ڪيو ان کي اوهان نٿا ڏسو عجيب ذهنيت آهي اسان جي ادا ۔۔۔۽ اوهان جي ذهن ۾ اهو به هجڻ گهرجي ته جنگ جمل وقت حضرت علي ظآهري ۽ باطني خليفي وقت به هيا ۽ الله جي رسول جي خليفي سان جنگ ڪرڻ الله جي رسول سان جنگ ڪرڻ آهي ۔۔۔۔۽ رسول سان جنگ ڪرڻ کان ان جنگ ۾ جيترا بي گناه ماڻهون مئا ان جي ذميداري ڪنهن تي آهي ؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاء توهان منهنجي سوالن جو جواب ناهي ڏنو، توهان ته پنهنجي مخصوص فڪر جي روشني ۾ پنهنجي ڳالهه صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مان هت ڪنهن فرقي جي ڳالهه نه ٿو ڪريان نه ئي مان ڪنهن فرقي ۾ ويهي ڪري سوال ڪيا آهن۔ سو ڀاء ڪوشش ڪري پنهنجي فرقي کان ٻاهر نڪري ڪري جواب ڏيو۔ توهان جي جواب مان ته ملاڻي فتوا اچي وئي آهي ۽ توهان ته هڪ دم پنهنجي فرقي جي روشني ۾ بيبي عائشه کي ڏوهي ڪرار ڏئي ڇڏيو۔ الله توهان تي شل رحم ڪري۔ توبهن الله جي در تي، باقي بيبي عائشه عمر جي آخر تائين الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن جي فرمانبردار رهي آهي، ڪجهه رحم ڪيو اهڙا دليل ته نه ڏيو۔۔۔۔۔ڪجهه غور فڪر ڪيو۔ نبي ( حضرت محمد مصطفه صلي الله وسلم ) جي گهروارين جو شان اصحابن جي شان کان وڌيڪ آهي۔ ان ڳالهه جو خيال رکندا ڪيو مهرباني۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    مهنجا سهڻا اوهان جيڪا ڳالهه ذهن ۾ رکي ڪري ڳاله ڪري رهيا آهيو اها به هڪ خاص مذهب جي عقيدي جي بنا تي ڪري رهيا آهيو جڏنهن اوهان ذهن ۾ اهو ئي رکيو آهي ته جي اسلام جي عام ماڻهون مخالفت ڪري يا ڪو گناه ڪري ته ان کي سزا ڏيڻ گهرجي پر جي ڪو صحابي (اوهان جي بقول يزيد ) گناه ڪري ته اهو جنتي آهي ۔اهڙي طر ح جي مون جهڙو ماڻهون حضرت علي سان جنگ ڪري ته جهنمي آهي ۽ سزا جو مستحق آهي پر جي بيبي عائشه جنگ ڪري ته سچي آهي ۽ حق تي آهي اهو فيصلو اوهان پهنجي ذهن مان ڪيو آهي اسلام رشتن کي نه پر ڪردار کي ڏسندو آهي جنهن جو ڪردار ۽ عمل ڀلو آهي ڀلو اهو بلال حبشي ڇو نه هجي اهو اسان جي اکين تي آهي پر جي ڪردار ان جو خراب آهي ۽ دشمن اسلام آهي ته ڀلي ابو لهب ڇو نه هجي اسان ان کي ناهيون مڃيندا ۔ ۽ اهو ئي اسلام جو حڪم آهي پر اوهان ڪجه رشتيدارين جي بنا تي اوهان اهڙي قسم جو فيصلو ڪري رهيا آهيو حآلانکه حضرت نوح جو قصو اوهان جي سامهون آهي ته حضرت نوح جي گهر واري حضرت نوح جي نافرماني ڪئي ته اها غرق ٿي وئي حالانڪه نبي جي زال هئي ۔۔هاڻي اوهان قطع نظر ڪنهن به رشتي جي بيبي عائشه ۽ حضرت علي جي جنگ کي ڏسو اوهان خود فيصلو ڪرڻ لاء تيار ٿي ويندا ته ڪير حق تي هو ۽ ڪير ناحق تي ۔۔ حضرت علي وقت جا خليفه ۽ جانشين رسول هئا رسول جي خليفي سان جنگ رسول سان جنگ ڪرڻ برابر آهي اهو ئي اوهان جو مذهب چوي ٿو ۔۔۔۔۔ اوهان مون کي پهرين سوال جو جواب نه ڏنو پر وري به هڪ سوال اوهان کان پڇان ٿو ته جي بيبي عائشه حضرت عمر سان جنگ ڪري ها ته اوهان بيبي عائشه جي باري ۾ ڪهڙو نظريو قايم ڪيو ها ؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم
    ادا ممتاز ڳالهيون ٻنهي جون ڳريون آهن، آئون جيڪر مُلان هجان ها ته فتوى اهڙي ڏيان ها جو ٻئي خوش ٿي وڃو ها،
    وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي اٿو!
    هڪ حديث شريف جو مفهوم آهي ته ”مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان سان ڪنهن ٻئي مسلمان جي دل آزاري نه ٿئي “
    اسلام ۾ جيڪر اسان فرقن کي ڏسون ته گهڻا ئي فرقا ٿي پيا آهن، توهان ڏِسو قرآن شريف ۽ حديث شريف کي جيڪو ان ۾ لکيل آهي ان تي عمل ڪريو۔۔۔۔ باقي تون تون مان مان ڪئي سون ته الله ڪري پاڻ کي بهشت به نصيب ٿئي (حضور اڪرم صه جن فرمايو مَن کَان لااِله الا الله دَخَل الجنت يعني جنهن به ڪلمو پڙهيو سو جنت ۾ ويندو) اگر اسان ٿورو به فرقه کان ٻاهر نڪري سوچون ته اسان وٽ قرآن شريف آهي اُن تي عمل ڪجي۔۔ پو جنت ملي يا جهنم اها نصيب جي ڳالهه آهي۔ باقي جي هينئر به هتي سنڌ سلامت سائيٽ تي ويهي مذهب متعلق بحث ڪنداسين ته هڪ ٻئي جي دل آزاري ٿيندي ۽ پو اسان مسلمان نه رهنداسين ڇوته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حديث جو مفهوم آهي ”مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان سان ڪنهن ٻئي مسلمان جي دل آزاري نه ٿئي “۔
    والسلام
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا ميان عقل سک عقل ڪا ڪم جي ڳالھ ڪر جتي دليل جي عزت هجي اتي ٽائيم وڃاءِ جيڪا ڳالھ اهميت جي حامل هجي ان کي قيمتي اهميت ڏيو آءُ ذاتي طور تي ڄاڻان ٿو اوهان وٽ فضول وقت ناهي ڪم ڪار وارا ماڻهون آهيو ۔ وسلام
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا لڳي ٿو ته قصي کي اتي ئي بند ڪجي۔ ڇو جو ڪم وڌي ويو آ۔ منهنجي سوالن جا جواب ڪو فرقي کان ٻاهر ٿئي ڪري ڏئي ڪو نه ٿو۔ مٿان وري ڏسان ٿو ته ٻيا هم فڪر هم مسلڪ يار به ميدان تي پهچي ويا آهن۔۽ علم ادب جي جاکوڙ ۽ دليلن کي فضول ٽائيم ٿا سمجهن۔هت ڪم ٿئي ويو۔ الٽو۔ هت حب علي ناهي پر بغز معاويه وارو ڪم آهي۔سو الله سڀني تي رحم ڪري۔ خاص ڪري انهن تي جيڪي پاڻ ڀيري وڏا وڏا مضمون لکندا آهن ۽ جن جي مضمون جو ڪو پتو به ناهي پوندو ته مضمون لکيل ڇا تي آهي اتي انهن کي ٽائيم جو ڪو احساس ناهي ٿيندو۔ ،پر هت فضول ٽائيم ٿو نظر اچي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڏاڏل صاحب لڳي ٿو توهان کي منهنجي ڳالهه وڻي ۽ دل سان لڳي آهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جنهن لاء اوهان جي مهرباني نوازش
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاء مان به عمل جي بنياد تي چئي رهيو آهيان نه ڪي رشتيداري جي بنياد تي۔بيبي عائشه نه صرف حضور سائين جي گهرواري هئي پر سندس ڪردار به بلند ڪردار هو۔ توهان صحيح پيا چئو ته اسلام ۾ رشتيداري تي ناهي هوندو پر عمل ۽ تقوا تي هوندو آهي۔ اگر رشتيداري تي هجي هان ته حضور سائين ابو طالب لاء روئن نه هئا۔ حضور سائين ابو طالب لاء ان ڪري روئيندا هئا جو ابوطالب جن مرڻ گهڙي تائين ڪلمو نه پڙهيو ۽ مسلمان نه ٿيا۔ جڏهن ته حضور سائين جا شفيق چاچا هئا۔۔ جڏهن ته اسلام جي هڪ بلند ترين شخصيت ( حضرت علي رضه جن ) جا والد آهن۔جڏهن ته رشتي ۾ حضور سائين جا چاچا هئا۔مگر اسلام ان کي قبول ان ڪري نه ٿو ڪري جو انهن اسلام قبول نه ڪيو۔
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    حضرت عمر رضه حضرت بيبي عائشه سان جنگ ڪڏهن به ناهي ڪئي پر جي ڪن هان ته منهنجو سوال ساڳو رهي هان۔ڀاء دنيا جو دستور ڏسو اگر توهان ڪنهن سان محبت ڪندا آهيو يا ڪنهن سان توهان جي دوستي هوندي آهي ته پوء توهان ان جي گهرواري ۽ ٻار ٻچن جو به احترام ڪندا آهيو۔۽ عام اهيو جملو به استعمال ٿيندو آهي ته يار مون کي ته فلاڻي شخص ڏانهن ڏسڻو آهي ( خيال ڪرڻو آ لحاظ ڪرڻو آ وغيره )۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مشهور ڳالهه آهي ته حضور سائين قيد ٿيل حاتم طائي جي ڌيءُ کي ان ڪري آزاد ڪيو هو ته هو هڪ سخي شخص جي ڌيءُ هئي ۽ ۽ (سخاوت جي ڪري حضور صلي الله وسلم جن حاتم طائي کي پسند ڪندا هئا۔)حضور صلي الله وسلم جن به ان ڳالهه جو خيال رکيو پر افسوس جو اهڙو خيال هت نه رکيو ويو۔ڇو؟ ڇو؟ ڇو؟ ڇو؟ جڏهن ته حضرت علي عمر جي حساب سان به وڏا هئا، صاحبِ اقتدار هئا۔علم جا دروازا هئا وغيره وغيره۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڀاء توهان هي جملا ڪهڙي حساب سان لکيا آهن ته اسلام ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪنهن جو خاتمو ڪئين ٿو ٿئي، سو ان لاء عرض ته حضرت بيبي عائشه جو خاتمو ايمان تي ٿيو هو ۽ اهو به بلند مقام جو ايمان۔ ۽ جڏهن نبي جي گهرواري صاحبِ ايمان هجي تقوا واري هجي، علم و عمل واري هجي ته ان جو درجو هڪ اصحابي ( حضرت علي رضه ) کان ڪئين درجا مٿي هوندو آهي۔ حضرت بيبي عائشه هڪ عالمه هئي، ۽ حضرت بيبي عائشه گهرواري جي حيثيت سان حضور جن سان تمام گهڻو ويجهو رهي آهي، ۽ ان ڪري حضور سائين جي علم جو ڊاريڪٽ واسطو رهڻ جي ڪري تمام گهڻيون حديثون پڻ روايت ڪيون اٿن۔ ۽ نبي جون گهرواريون تمام مومنن جون مائرون آهن ۽ مائرن جو وڏو احترام آهي اهو به انهن مائرن جو جنهن جو ڪو مثال نه هجي۔۔۔۔توهان حضرت نوح جي گهرواري جو هت مثال ڏنو آهي ان لاء عرض ته اها صاحب ايمان نه هئي۔ ۽ صاحب ايمان نه هجڻ جي ڪري گهرواري ڇا پر اولاد ماء پي به اسلام کان خارج آهن جئين حضرت علي رضه جن جو والد ابو طالب ايمان نه آندو ۽ اهي اسلام کان خارج آهن۔۽ ابو طالب جي ڪري ئي حضور سائين الله جي اڳيان گڙگڙائيندا هئا ته ان جي معافي ٿئي مگر پوء قرآن جي اهيا آيت لٿي جنهن جو مفهوم هي آهي ته توهان چاهي مشرڪن لاء ڪيتري به دعا ڪيو انهن جي بخشش ڪانهي توهان صحيح لکيو آهي ته اسلام رشتن کي نه پر ڪردار کي ڏسندو آهي۔۔اگر رشتن کي اسلام ڏسي هان ته پوء ابو طالب اسلام کان خارج نه هجن هان۔ ڇو جو ابو طالب حضرت علي رضه جا والد آهن۔ڀاء توهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حضرت علي السلام جن کي الله جو رسول جنت ۽ جهنم تقسيم ڪرڻ وارو قرار ڏنو آهي۔ ادا اهيا ڳالهه ته ڪوڙي ٿي لڳي۔ سو ادا اهيا ڳالهه مون کي سمجهه نه آئي۔ جنت ۽ دوزخ الله جي هت ۾ آهي۔ جنت ڪا ڪنهن جي جاگير ڪونهي جو وتي ورهائيدو۔ڪجهه ته خيال ڪيو۔
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا محرم مهيني ۾ ته هي سنڌ سلامت جو فورم سنڌ سلامت نه پر شيعه سلامت فورم بڻجي ويندو آهي۔ ۽ انتظاميه به خبر ناهي ڇو مجبور ٿئي ويندي آهي۔ جڏهن ته انتظاميه کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته هت شيعه دوستن جا ٻيا ڪيترا ئي فورم آهن ۔ ان ڪري هن ( سنڌ سلامت ) کي گهٽ ۾ گهٽ بچايو وڃي۔اميد ته انتظاميه هن دفعي ان ڳالهه جو خيال رکندي۔ڇو ته هي فورم علمي ادبي ۽ مذهب اسلام جو فورم آهي هن کي ڪنهن فرقي جو فورم نه بنايو وڃي۔
     
  12. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري هن فورم تي اهڙا بحث نه ڪيا وڃن جن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي۔ باقي رهي ڳالهه اسلام جي، جنهن جو جيڪو عقيدو يا طريقو هوندو، قيامت ۾ الله پاڪ جي آڏو ان کي ئي جوابده ٿيڻو آهي، ۽ ها جيڪڏهن ڪنهن کي اهڙا بحث ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي اهو عالمن سان ان جو حل معلوم ڪري سگهي ٿو۔
    اميد آهي ته ڪو به ڀا منهنجي هن ڳالهه تان ناراض نه ٿيندو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها اوهان پنهنجي سوچ جا مالڪ آهيو جيڪو مطلب وٺو اوهان جي مرضي ان سان اسان جو ڇا ۔وسلام
     
  14. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا اوهان جي تقرير مان ۽ ٽيل جملن مان اوهان جي علم جي خبر پوي ٿي جي حضرت عائشه حضرت علي کان افضل هئي ته پوء مهنجي خيال ۾ سڀني خليفن کان افضل هوندي جي سڀني خيلفن کانافضل هوندي ته مهنجي خيال ۾ پوء نبي کان بعد حضرت عائشه کي مسلمانن جو خليفو بڻجڻ گهرجي ها ڇو ته اوهان جي بقول ابيبي سڀني کان افضل هئي جي اوهان اهو جواب ڏيندا ته عورت خليفو نٿي ٿي سگهي ته پوء مهنجو اوهان کان اهو ئي سوال آهي ته جي عورت خليفو نٿي ٿي سگهي ت عورت جنگ به نٿي ڪري سگهي اها اوهان جي بقول امت جي ماء آهي ته ماء اولاد سان جنگ نٿي ڪري سگهي خاص ڪري وقت جي خليفي سان اوهان مون کي وقت جي خليفي جي خلاف خروج ڪرڻ وارو حق تي آهي يا باطل تي واري سوال جو جواب نه ڏنو آهي ۔ باقي رهي ڳاله حضرت ابو طالب جي ته اسا جي في الحال بحث بيبي عائشه ۽ حضرت علي جي باري ۾ آهي اوهان هيڏي هوڏي بيلچا نه هڻو جنهن محسن جي گهر رسول ڪريم 3 سال تربيت حاصل ڪئي هجي ۽ کاڌو پيتو هجي اان کي اوهان ڪافر چئو ٿا اهو اوهان جي بد نصيبي آهي ڇو ته حضور ڪنهن به ڪافر جي گهر کائڻ پسند نه ڪندا هئا نه پيئڻ ۽ نه ئي رهڻ پسند ڪندا هئا پوء حضرت ابو طالب وٽ ڪيئين رهيا ۽ ڪيئن کاڌائون معذرهات سان معاذ الله )نقل ڪفر ڪفر نباشد )ڇا رسول خدا حضرت ابو طالب جي هٿان نجس ڱاڌو يا حرام ڱائيندا هئا نعوذ با الله من ذالک ۔ اوهان اهو ڪڏنهن سوچيو ئي ناهي ته اوهان هڪ شي کي حلال ڪرڻ لاء 500 شين جي حرام جي فتوا ڏئي ويندا آهيو ۽ هڪ مسئلو حل ڪرڻ جي دليل دوران 5 ٻيا مسئلا به جيڪي غلط هوندا آهين صحيح ڄاڻآئي ويندا آهيو او

    ن جو نتيجي جي طرف ڪڏنهن به غور نه رهو آهي ڇو ته اوهان وٽ علم رٽيل آهي قصاس ۽ ٻڌ تي مبني آهي جنهن م ڪا به منطق ۽ عقل جو استعمال ئي ناهي ۔۔ خير بيبي عائشه جي فضيلت ۾ ايتريون روايات ۽ حديثون ڏيکاريو جيتريون حضرت علي جي باري ۾ آهين مان اوهان جي افضليت واري ڳالهه مڃڻ لاء تيار آهيان ۔۔
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    محرم هجي يا صفر هجي اسان ڪڏنهن به سنڌ سلامت هجي يا ڪو ٻِو فورم اسان هرو ڀرو ڪنهن کي ناهيون چيڙِندا هر جاء تي اوهان بحث شروع ڪري ڏيندا آهيون ٻين تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيو پهنجي مفتين مولوين ۽ اسڪالرن جون تحقيقون ۽ فتواون ٻين تي پيا مڙهيندا آهيو اسان ته ڪڏنهن به ڪنهن کي برو ناهيو چيو اوهان ڪافر به چئو ته به ڪجه ناهي جي اسان پهنجو دفاع ڪيون ته اسان گنهگار آهيون سنڌ سلامت کان مان ان ڪري پاسيرو رهيو آهيان جو مان اهڙي قسم جي بحثن جو حصو ناهيان بڻجڻ چاهيندو جنهن ۾ ڪا جنگ و جدال هجي ليڪن اوهان جهڙا ڪافي دوست خبر ناهي ڇو اهڙي قسم جا مسائل چيڙڻ پسند ڪندا آهين ته هي ڪفر آهي هي غلط آهي هي هڪڙي فرقي وٽ آهي هن باري ۾ هي فتوا آهي فلاڻي عالم جو هن باري ۾ هي عقيدو آهي هن سان ايمان خراب ٿو ٿي هي صحيح عقيدو آهي هي غلط آهي هڪڙي فرقي جي جواب م لکيل هي تحرير انهن جو مطلب ڇا آهي اوهان مسلمانن کي ۽ خليفن جي پي کا ڪافر سڏيو ۽ لعنتي ۽ شرابي ۽ قاتلن کي صحابي سڏيو ته به ڪجه نه آهي پر جي ڪو دفاع ۾ ڪجه چوي ته اوهان هن فورم کي شيعا فورم جو نالو ڏيندا آهيو اوهان مون کي ايترو ٻڌايو ته اوهان جي مسلڪ جون پوسٽون زياده هتي شيئر ٿينديون آهين جا مهنجي مسلڪ جون ؟؟؟ اسلام سيڪشن کولي ته ڏسو هن فورم تي ايترو ته ناني ويڙهو آهي جو حضرت علي هجي يا ڪو ٻيو امام ڪڏنهن به انهن جي زندگي تي ڪنهن سني مسلڪ يا اوهان روشني ناهي وڌي اوهان عبدالقادر جيلاني يا گيلاني کان وٺي ڪري نايڪ ذاکر جي زندگي تي به روشني وجهو ٿا پر اوهان ڪڏنهن به امام صادق علي السلام جي زنگدي تي ڪو موضوع لکيو هجي ڇا امام صادق جي عزت زآڪر نايڪ جيتري به نه آهي ؟؟؟؟؟ اهو ڇو نه ٿا چئو ته سڌو سنئون اهو اهل تشيع مذهب سان حقد آهي ۽ جنهن به شخصيت کي اهي مڃن ٿا ڀلي هو ڪيترو به ڀلو ڇو نه هجي اوهان ان کي نه مڃيندا ان کي چئبو آهي حقد جيڪو اوهان سميت سنڌ سلامت جي ڪافي دوستن ۾ موجود آهي جيڪي ڏاڙهي ڪوڙ ملا آهين ۽ پاڻ کي سيڪولر سڏرائيند آهين پر اصل ۾ هو طالباني ذهن رکندڙ آهين ۽ لکير جا فقير آهين ان ڪري پهنجي اصلاح ڪريو ۽ ڪنهن تي تهمت هڻڻ کان پهريان پهنجي گريبان ۾ ڏسو ته اوهان ڪيترا جانبدار آهيو ۔۔۔
     
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاء توهان شيعت کان ٻاهر اچو ئي ڪو نه ٿا سو اسان بحث کان ئي بس ڪئي۔بس ڪجهه حقيقتون هيون جيڪي مون سنڌ سلامت جي دوستن تائين پهچايون۔ ۽ الحمدالله پهچي ويون۔
     
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    اوهان يزيد کي صحابي سڏيو ڪوڙيون حديثون پيش ڪيون ڪوڙيون نسبتون بيان ڪيون يزيد کي رحمت الله ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي خدا اوهان کي يزيد سان گڏ شمار فرمائي آمين ليڪن مان سنڌ سلامت جي دوستن سامهون ڊآڪٽر طاهر القادري جي هي ويڊيو پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ضرور ڏسندا جنهن ۾ ادا ممتاز جي سڀني ڳالهين جو جواب آهي ادا ممتاز اها ڳاله به ڪئي ته الله جي مرضي قيامت ۾ جنهن کي بخشي ۽ قيامت ۾ الله امام حسين ۽ يزيد جو صلح ڪرائيندو افسوس جو اسان يزيد کي خوش ڪرڻ لاء ڪجه ه چئي ويندا آهيون لليڪن اهو نه سوچيندا آهيون ته اهو الله جي عدل جي خلاف آهي يا نه جي سڀني قاتلن ۽ مقتولن جو الله صلح ڪرائي ها ته پوء جهنم ۾ ڪو به قاتل نه وڃي ها پوء الله جهنم ئي بند ڪرائي ڇڏي ها ڇو ته سڀ کان وڏو گناه قتل جنهن کي الله پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو آهي ۽ ان گناه کي به الله معاف ڪندو ته پوء ته مهنجي خيال ۾ جهنم به ختم ٿي ويندي ۽ ڇو ته يزيد کي الله معاف ڪندو ته پوء سڀني کي معاف ڪندو نه ته يزيد ۾ اها ڪهڙي خوبي آهي جيڪا ٻين قاتلن ۾ نه آهي بلڪي يزيد ته الله جي رسول جي نواسي جو قاتل آهي ان کان وڌيڪ ڪو بد بخت قاتل ٿي نٿو سگهي پوء به اسان جي لاء قابل احترام آهي يزيد ته يقينن الله جي رسول سان غداري ۽ ان جي حق ۾ بد ديانتي چئبي ۔۔خير هي ويڊيو ٻڌڻ کان پوء عقل وارا دوست پاڻهي فيصلو ڪندا ته ڪير حق تي آهي ۽ ڪير سچ تي
    يزيد تي جنت حرام آهي بقول مولانا طاهر القادري هي ويڊيو پيش آهي

    ادا ممتاز جي ڪوڙين حديث جو جواب ڊآڪٽر صاحب تمام سٺِي نموني ڏنو آهي

    يزيد کي رضي الله چوڻ وارن لاء مولانا طارق جميل جو هي ويڊيو ڏسڻ کان پوء پهنجي دل تي هٿ رکي ڪري پهنجي ضمير سان انصاف ڪري ٻڌائين ته هو اولاد رسول ۽ رسول جا دشمن آهين يا سڄڻ؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    افسوس۔۔۔اهي وڊيوز پاڪستان ۾ يو ٽيوب جي بند هئڻ ڪري نظر نه پيون اچن۔
    ادا @ذيشان کي عرض ته انهن وڊيوز کي پاڪستان ۾ هلائڻ جو ڪو جڳاڙ ڪري۔ مهرباني۔
     
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا جنت ۽ دوازخ جي ته خبر صرف رب کي آهي۔اسان ته يزيد لاء حضور سائين جي حديث جي روشني ۾ ڳالهه ڪئي هئي، باقي ڪنهن جي خبر نه آهي ته ڪير جنتي آهي ڪير دوزخي۔ توهان حديث کي نه ٿا مڃون اهو توهان جو ايمان آهي۔ ۽ دنيا ۾ اگر جنت جي خوشخبري ٻڌائي آهي ته اها خوشخبري حضور صلي الله وسلم جن ڏهه اصحابن لاء ٻڌائي آهي۔جيڪي عشره مبشره ۾ اچن ٿا۔۔۔ جنهن کي توهان ايراني مذهب وارا ( شيعه مذهب وارا ) ڪو نه مڃيندا آهيو ۽ اهيا به افسوس جي ڳالهه آهي ته جن شخصيتن کي حضور صلي الله وسلم جن جنت جي بشارت ڏين ان ڳالهه کي توهان شيعه ڪو نه مڃو...ڀاء ڪنهن کي دوزخ يا جنت ڏيڻ وارو ڊاڪٽر طاهر القادري ڪير ٿيندو آهي، جيڪو شخص پاڻکي ماڻهن کان سجدا ڪرائي اهو ڪهڙو ماڻهون چئبو۔ ان جو ته سڀ علم شيطان جو علم چئبو. جنهن جا ويڊيوز فيس بڪ ۽ ٻين سائيٽن تي پڻ هلي چڪا آهن ان کان علاوه طاهر القادري جون ٻيون حرڪتون به دنيا ڄاڻي ٿي ته هي يهودي ايجنت آهي ۽ پاڪستان اچي ڪري مختلف پروپيگنڊا ڦھيلائيندو رهندو آهي.ادا اصل موضون هو ته حضرت علي حضور صلي الله وسلم جن جي پياري گهرواري بيبي عائشه رضه جن سان جنگ ڇو ؟ ڪئي، توهان هرو ڀرو هر ڳالهه ۾ يزيد کي اچي کنيو آ. ادا باقي مون ڪڏهن به اهيو ناهي چيو ته ڪي يزيد کان غلطيون ناهن ٿيون، پر ائين به ناهي جيئن توهان شيعن جو فڪر آهي. ڀلا جن ماڻهن رسول الله جو ڏنل ڪلمو ڦيرائي ڇڏيو هجي. انهن ماڻهن تاريخ پنهنجي مرضي جي نه ڦيرائي هوندي.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔رسول ڪهڙو ڪلمو ڏنو هو ۽ توهان جو ڪلمو ڪهڙو آهي. جڏهن ته سڄو دارومدار ئي ڪلمي تي آهي. جنهن جو ڪلمو رسول وارو ڪلمو ناهي. انهن جي ٻئي ڪهڙي ڳالهه تي يقيين ڪجي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ڀاء قرآن جو ئي حڪم آهي ته رب پاڪ شرڪ ۽ ڪفر معاف نه ٿو ڪري باقي جنهن کي چاهي معاف ڪندو۔۔۔۔۔۔ ۽ الله جو انصاف برابر حق تي آهي مگر حديث مان اهيو به ثابت آهي ته ڏينهن قيامت جي جنهن ماڻهون جو ڪو حق هوندو ته ان شخص کي الله ان حق جي عيوض جنت جون نعمتون آڇيندو ۽ اهي اهو قبول ڪندو ۽ ان جي عيوض ان کي به معاف ڪيو ويندو جنهن ڏانهن ان شخص جو حق هوندو مگر شرط اهيو آهي ته اهو هجي صاحب ايمان ۽ شرڪ جي حالت ۾ نه مري ويو هجي۔۔۔۽ اسلام صرف ايمان ۽ تقوا کي ٿو ڏسي اهيو ڪو نه ٿو ڏسي ته فلاڻو ڪنهن وڏي شخصيت جو والد آهي۔ وغيره۔ ۽ توهان اهيا به حديث ٻڌي هوندي ته هڪ شخص سوُ 100 خون ڪيا هئا مگر ان جي به بخشش ٿئي وئي۔ هاڻ چيو ته اهيا حديث به ڪوڙي آهي۔ ادا عبدالقادر جيلاني رح به اوهان کي ان ڪري ڪو نه ٿو وڻي جو ان به شيعت جي خلاف لکيو آهي، ۽ ان تي شيعن کي اسلام کان ئي خارج ڪري ڇڏيو آهي۔ سندس مشهور ڪتاب غنيت الطابين آهي۔پڙهي ڏسو۔۔ افسوس ته هن ڳالهه جو آهي ته اسان جا دوست جيڪي حضرت عبدالقار جيلاني رح جا مريد ته سڏرائيندا آهن مگر ان جا ڪتاب ناهن پڙهندا۔۽ موجوده دور جي لٽيرن مرشدن کان پيا ڦربا آهن ۽ پاڻ وري ادارن ۾ وري ماڻهن کي ڦريندا آهن ( رشوت جي صورت ۾ ) ۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو