ٿورن منجھ ٿرن مون سين مارئن جي ڪيا،

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ٿورن منجھ ٿرن مون سين مارئن جي ڪيا،
    سنڌ سلامت جي سهڙيندڙن تمام ساٿين کي سلام ۽ لک لک مبارڪون جن ههڙي خوبصورت اوطاق جوڙي آهي دعا آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي اڃان به وڌيڪ ترقي ڪري ۽ شاد آباد رهي

    اِيءُ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
    اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
    پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان.


    sindhsalamatsaathsal
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٿورن منجھ ٿرن مون سين مارئن جي ڪيا،

    سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي، توهان جا ممنون ۽ مشڪور آهن جو توهان بي لوث سلام ۽ اسان کي لک لک مُبارڪون ڏنيون، توهان جون دعائون يقينن ڌڻيءَ در اگهامنديون، سنڌي ٻولي وڌ کان وڌ ترقي ڪندي ۽ سنڌي سدائين سدائين شاد ۽ آباد رهندا۔ اسان کي توهان جي نيڪ مشورن، فنون لطيفه سان سلهاڙيل هر مضمون، ۽ توهان جي قيمتي ڄاڻ جو شدت سان انتظار رهندو۔ اسان سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي توهان جي ڀليڪار انهيءَ دُعا سان ٿا ڪريون ته توهان جتي به هجو هميشهه سنڌ جي تازن گُلابن وانگر مهڪندا مُسڪرائيندا رهو۔ شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي۔ (آمين) هي ڪجهه گُل آهن توهان جي آجيان واسطي مهرباني

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ٿورن منجھ ٿرن مون سين مارئن جي ڪيا،

    ادا اوهان جي وڏي مهر باني اسان جو دعائون اوهان سان گڏ آهن مان ٻين ڀيڻ سان به رابطه ڪري رهي آهيان هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي مبار ڪون مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ههڙي محفل ڏسي اوهانجي ڀيڻ چانڊوڪي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٿورن منجھ ٿرن مون سين مارئن جي ڪيا،

    ڀيڻ چانڊوڪي، اوهانجو نالو ئي اهڙو آهي جنهنجي وجود جي تصور سان ئي هڪ سهڻي مڌم پرنور روشنيءَ جو خيال ذهن ۾ اچي ٿو ۔۔۔ رات جا مسافر جڏهن رستو وڃائي ويهندا آهن ته اها چانڊوڪي ئي هوندي آهي جيڪا سندن رهبري ۽ رهنمائي ڪندي آهي ۔۔۔ رات جا راهي جڏهن سفر جا سانڀاها ڪندا آهن ته چانڊوڪيءَ جو انتظار ڪندا آهن ته جيئن کين سفر ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئي ۔۔۔

    ڀيڻ اسين سڀ سنڌي به رات جا راهي آهيون ۔۔۔ اڄوڪي هن سياسي ۽ سماجي نظام جا ظلم ايترا ته گهرا ۽ گهاٽا آهن جو اکيون اکين جهڙيون ديد لڀي نه جڙي ۔۔۔ نظرون ڪم ئي نٿيون ڪن ۔۔۔ رات جي گهگهه اونداهيءَ جيئان ۔۔۔ سوچون جواب ڏئي وڃن ٿيون پر اهڙي اونداهيءَ ۾ جي ڪي ڪرڻا نظر ايندا آهن ته انتهائي خوشي ٿيندي آهي ۔۔۔

    اوهانجي خيالن ۽ ڪجهه جملن مان ئي لڳي ٿو ته اوهين پنهنجي سيني ۾ قوم جي محبت رکي هلو پيون ۔۔۔ وطن واسين جي خيرخواهي وارا جذبا اوهانجي اندر ڪر کنيون بيٺا آهن ۔۔۔ تمام سٺو ڀيڻ، اسان ڀائرن کي اهڙين ئي چانڊوڪين جي ضرورت آهي، جي اسان جي من ۾ ڪو سوجهرو ڪري سگهن ۔۔۔

    اوهين هن اوطاق تي آيا ۔۔۔ اها اسانجي خوشنصيبي چئبي، ۽ اميد ڪريونٿا ته سنڌ سرتين واري ڌاڳي ۾ اوهين سنڌ جي ڀينرن کي آڻي هڪ اوطاق سجائينديون ۔۔۔ ادو نثار ناز هن اڱڻ جو سربراه ۽ مور دوست اوهانکي گلن جا تحفا ته اڳ ئي ڏئي چڪو آهي ۽ بس اوهانجي اچڻ تي خوشين جو اظهار ڪندي اوهانکي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار چوانٿو ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي ڪوسي واءُ کان بچائي ۔۔۔ آمين
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٿورن منجھ ٿرن مون سين مارئن جي ڪيا،

    ادي اوهان جي هن سنڌي ڀاءُ طرفان به توهان کي سنڌ سلامت جي بي مثال ۽ پرخلوص دوستن جي طرفان بڻايل هن اڱڻ ۾ ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔
    ادي اميد ته اوهان ٻين سنڌي ڀينرن کي به هتي وٺي اينديون. هن صاف سٿري سنڌي محفل جو مقصد سنڌي دوست جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آهن انهن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ته جيئن هو سنڌي ٻولي، ثقافت، تهذيب، تعليم، محرومين ۽ سنڌ جي اڄوڪي حالتن تي پنهنجا ويچار ونڊين ۽ ان کان علاوه سنڌي ٻولي جي واڌاري جي لاءِ عملي طور تي قدم کڻڻ جي شروعات به هاڻي ٿي چڪي آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو