انمول ڪميونٽي اسڪول جي استادن ۽ ٻارن جي مطالعتي دوري جو احوالھنڌ:پي آءِ اي پلانٽوريم ۽ پي اي ايف ميوزيم رپورٽ:خالده بلوچپرنسپالانمول ڪميونٽي اسڪول انمول ڪميونٽي اسڪول جي استادن ۽ ٻارن پنھنجي مدد پاڻ مطالعتي دوري جو پروگرام ڪيو. پروگرام جي تياري ڪافي ڏينھن کان ھلندڙ ھئي ٻار آھستي آھستي پئسا جمع ڪرايا ويا. 10 سيپٽمبر 2013 تاريخ مقرر ڪئي وئي. پي آءِ اي پلانٽوريم وارن سان رابطو ڪري بڪينگ ڪرائڻ لاءِ سوچيو ويو ڇو جو اتي پھرين بڪينگ ڪرائي ويندي آھي. مختلف ماڻھن سان رابطو ڪيو پر ڪنھن وٽان به فون نمبر نه ملي سگھيو، آخر ڪار اھو فيصلو ڪيو ته ڪنھن ماڻھو کي موڪلي بڪينگ ڪرائي وڃي. انھيءَ سوچ ويچار تي ھوندي اوچتو ملير، سي ڊي اين ۽ ڪميونٽي اسڪولن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ادا سليم حيدري جي ياد آئي کيس فون ڪئي ساڻس بڪينگ لاءِ حال احوال ڪيو ويو. پاڻ ان ئي وقت حامي ڀريندي چيائين ته آئون انٽر نيٽ تان ڪوشش ڪري نمبر معلوم ڪري رابطو ڪريان ٿو. ھن نه رڳو رابطو ڪيو پر آخر تائين بڪينگ ڪرائي پي آءِ اي پلانٽوريم جي ڪوآرڊينيٽر محترمه حميره جو نمبر ڏنو ساڻس اسڪول، ڪميونٽي ۽ سي ڊي اين ملير پسمانده علائقي ۾ تعليم لاءِ جاکوڙڻڻ واري پوري ڪم کان آغا ڪيو ويو. آخر ڪار مقرر ڪيل تاريخ خير سان آئي ٻارن پنھنجي پنھنجي تياري ڪري صبح جو سوير اسڪول پھتا معصوم گلن جھڙن ٻارن جي چھرن تي گمھڻ (پڪنڪ) جي خوشي عيد جيان لڳي رھي ھئي. سڀئي ٻار بس جي انتظار ۾ ھئڻ سان گڏوگڏ پاڻ ۾ پلاننگون ڪري رھيا ھئا، اسان ھن سيٽ تي ويھنداسين، آئون ھن سان گڏ جھڙيون ڪچھريون ٻڌي دل خوش ٿي رھي ھئي. وڏن ڪلاسن جا ٻار سفر ۾ کڻي ويندڙ سامان جھڙوڪ: چٽايون، پاڻيءَ لاءِ ڪولر ۽ کاڌي پيتي لاءِ برتن وغيره ساري گڏڪرڻ سان گڏ ٻارن کي ساري سنڀالڻ واري ذميواري ۾ استادن سان گڏوگڏ رھيا. انتظار جون گھڙيون ختم ٿيون بس پھتي مطالعتي دروري جي پوري ٽيم دعا خير پڙھي پنھنجي سفر جي شروعات ڪئي. سي ڊي اين ملير جي مرڪزي آفيس مان پروگرام ڪوآرڊينيٽر شفيع درس کي کنيو ويو سليم بلوچ صدر سي ڊي اين ملير ٻارن ۽ استاد گڏ اسڪول مان ئي آيو ھو. سي ڊي اين کان ٿيندا اسان جي بس ميمڻ ڳوٺ جو رخ ڪيو جتان اسان ڪجھه ضرورتون جون شيون ورتيون ۽ چانورن جي ديڳ جو پھريائين آڊر ڏنل ھو کڻي منزل طرف رواڻا ٿياسين اسان جي بس منزل طرف ھلڻ لڳي رستي ۾ ڪي ٻارن شھر جي روڊن تي گاڏين جي قطارن کي ڏسي رھيا ته ڪي پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رھيا ھئا. اسان پنھنجي پاران وقت جي خاص خيال رکندي 10:45 ڊرگ روڊ واري پل چڙھي رھيا ھئاسين ته اوچتو پي آءِ اي پلانٽوريم پاران فون آئي جن تصديق ڪئي ٿي ته توھان اچي رھيا آھيو يا نه جن سان شفيع درس ڳالھايو کين ٻڌايو ته اسان اچي رھيا آھيون رستي ۾ آھيون. ڇو جو انھن کي 11:00 وڳي پھچڻ جو وقت ڏنل ھو. وقت بي پرواھ بادشاھ آھي ڪنھن جو انتظار ڪونه ڪندو آھي ڪراچي جي رستن تي ڳٿيل ٽريفڪ جي ھئڻ ڪري اسان 11:15 وڳي پي آءِ اي پلانٽوريم گلشن اقبال پھچي وياسين.مين گيٽ تي اسان ٻارن کي لاھي قطار ڪرائي تيستائين شفيع اندر وڃي ليٽر جمع ڪرائي اسان کي اندر وٺي ويو. سڀ کان پھرين اسان کي جھاز ۾ ويھاري شو ڏيکاريو ويو جنھن ۾ جھاز جي بلندي تي ھلڻ وغيره جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏني وئي. تنھن کان بعد اسان سياره ڏسڻ لاءِ وياسين جتي گول نما جڳھه ھئي اندر گول دائري ۾ ڪرسيون لڳل ھيون لائيٽ بند ڪئي وئي ھلڪو ھلڪو انديرو ٿي ويو ائين محسوس ٿي رھيو ھو مغرب جو وقت ٿي ويو سج لھي چڪو ھو. ڪمري جي ڇت تي تارا نظر اچي رھيا ھئا. اردو ۾ ھر سياري جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو. انھن ٻنھي شو کان پوءِ اسان پي آءِ اي پلانٽوريم جي پارڪ ۾ ئي ٻارن، استادن ۽ سي ڊي اين ملير جي ٽيم گڏجي لنچ ڪيو جنھن کان پوءِ اسان پي اي ايف ميوزيم وياسين. جتي ٻارن مختلف جنگي جھاز، ۽ انھن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. استاد پنھنجي پنھنجي گروپ جي ٻارن کي انھن جي باري ۾ لڳل بورڊ پڙھي سمجھايو. تيستائين شام ٿي وئي پارڪ ۾ ئي لڳل جھولا به اسٽارڊ ٿي چڪا ھئا. ٻار مختلف جھولن تي چڙھي مزا ورتا. شام جو 6:00 وڳي اسان جي پوري قافلي جي گھر ڏانھن روانگي ٿي. واپسيءَ ۾ ننڍن ننڍن ٻارن بس ۾ بلوچي گيتن جي ميوزڪ تي ايترو ته انجواءِ ڪندا ڪندا شام 7:30 بجي تائين خير سلامت سان پنھنجي گھر پھچي وياسين. نوٽ: ھيءَ رپورٽ اسان جي پياري ڀيڻ ادي خالده لکي ھئي جنھن کي جيئن ھئي تيئن ئي صرف ڪمپوز ڪري پيش ڪئي وئي آھي.