دوستو منهنجو نالو نعيم علي سمون آهي منهنجو جنم وارو سال 1985ع آهي منهنجي تعليم ميٽرڪ آهي، ان کان علاوه ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ رکان ٿو جنهن ۾ هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر، ايم ايس ورڊ ، ان پيج ، ايڊوب فليش ۽ مختلف پروگرام، ان کان علاوه انترنيٽ جي باري ۾ پڻ ڪافي ڄاڻ رکان ٿو۔ منهنجو شهر مطلب جنم ڀومي ٽنڊو محمد خان آهي، مونکي منهنجي مامي سائين نثاراحمد ناز سنڌ سلامت جي اڱڻ جي ڄاڻ ڏني۔ مونکي ادبي ڪتابي ديني ڪتاب پڙهڻ جو به شوق آهي، راند ۾ ڪرڪيٽ راند وڻندي اٿم۔ ننڍڙن ٻارڙن جون تصويرون جمع ڪرڻ جو پڻ تمام گهڻو شوق اٿم۔
جواب: دوستو آئون آهيان نعيم سمون سهڻا نعيم سمان، اوهين ادي محترم نثار ناز جا ڀاڻيجا يعني اسانجا پڻ ڀاڻيجا ئي ٿيا، پر هروڀرو وڏن جي فهرست ۾ شامل ڪري شرمائجو نه اسانکي پاڻ جيترو ۽ پنهنجو دوست به سمجهجو ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا، جي آيا ۔۔۔ دل چوي ٿي ته اوهانجي اچڻ ته هي گانو ڳايان ۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ اوهانجي اچڻ سان سهڻن دوستن جي فهرست ۾ اضافو ٿيو آهي ۔۔۔ اوهانکي هيءَ اوطاق ڪيئن لڳي ۽ جيئن ته اوهين پڻ ڪمپيوٽر جي دنيا جا شينهن آهيو، هن اوطاق مطلق ڪي سٺا ۽ ڪارائتا رايا ۽ صلاحون هجن ته ونڊ ڪندا ۔۔۔ چوندا آهن ته لائجي ته نڀائجي ۔۔۔ جيئن اوهانجو مامو لائي نڀائيندو آهي، بلڪل ايئن ئي اوهان مان به اميد آهي ته همشه هن اڱڻ تي اچي ڪچهرين ۾ حصو وٺندا ۔۔۔ رب العالمين ترقي جون منزلون طع ڪرڻ ۾ اوهانجو حامي ۽ مددگار رهي ۔۔۔ آمين
جواب: دوستو آئون آهيان نعيم سمون ادا نعيم علي ڀلي ڪري آيا سائين نثار ناز جن ته اسان جا محسن آهن اوهان جي اچڻ سان هڪ محسن جو وڌيڪ اضافو ٿيو اسان کي خوشي آهي اميد ته توهان کي اسان جي ساٿ ۾ رهي ڪري خوشي محسوس ٿيندي پنهنجي تجربن سنگت سان شيئر ڪندا رهندا الله تعالي توهان کي خوش رکي۔ سائين نٿار جن کي هن عاجز طرفان سلام عرض ڪندا ۔ الله حافظ۔ اسان جي طرفان لاء هي تحفو قبول پوي.
جواب: دوستو آئون آهيان نعيم سمون وعليڪم السلام ادا نعيم۔۔۔۔ اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ سائين نثار ناز صاحب جن هن سنڌي اوطاق جا روح روان آهن۔۔۔ اوهان جهڙي حساب سان پنهنجي ڪمپيوٽر جي قابليت جي باري ۾ ٻڌايو آهي اميد ته اوهان کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو۔۔۔۔
جواب: دوستو آئون آهيان نعيم سمون ادا نعيم مون جي وري ڀاڻيج جو نالو نعيم آهي :d:d:d:d ادا نعيم اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ادا مست چواڻي ته اسان کي اوهان مان سکڻ لا۽ گهڻو ڪجهه ملندو ادا سائين اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جوانتظار رهندو سدائين گڏ