• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 20 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 20 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

20 آڪٽوبر 1868ع ڀڳت واڌورام و جنم ڏينھن آهي.
20 آڪٽوبر 1890ع مشھور سياح رچرڊ برٽن جو جنم ڏينھن آهي.
20 آڪٽوبر 1898ع سياسي، سماجي شخصيت ۽ بينڪار حاتم علي علوي جو جنم ڏينھن آهي.
20 آڪٽوبر 1918ع شاعر فقير علي گوهر شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1922ع شاعر عارف المولا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1939ع سياستدان مير ممتاز علي ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1944ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس غلام رباني جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1950ع نامور صحافي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، سهيل سانگي جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1956ع شاعر ايم اسلم صابر انصاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1957ع شاعر اختر اداسي جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1959ع شاعر منير عاجز جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1964ع سنڌ جي نامور پوليس عملدار ثناءُ الله عباسيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1968ع شاعر غني ٻٻر جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1969ع سماج سڌارڪ نظير چاچڙ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1969ع صحافي رزاق کرل (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
20 آڪٽوبر 1978ع ڪرڪيٽر ورندر سهواگ جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

20 آڪٽوبر 1863ع مشهور بزرگ خواجہ عبدالحئي نقشبندي جي وفات ٿي.
20 آڪٽوبر 1890ع مشهور انگريز سياح، ليکڪ ۽ ٻولين جِي ماھر رچرڊ ايف برٽن جي وفات ٿي.
20 آڪٽوبر 1906ع ڪتاب مهراڻ آف سنڌ جي ليکڪ ايڇ جي راورٽي جي وفات ٿي.
20 آڪٽوبر 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج چيتومل جي ديهانت ٿي.
20 آڪٽوبر 1950ع شاعر عبدالله بسمل ٽکڙائي جو انتقال ٿيو.
20 آڪٽوبر 1976ع مولانا خوش محمد ميروخاني وفات ڪئي.
20 آڪٽوبر 1980ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ايوب کهڙي جي وفات ٿي.
20 آڪٽوبر 1991ع هاري اڳواڻ رئيس بروهي جو انتقال ٿيو.
20 آڪٽوبر 1994ع ڪلاسيڪل فنڪار استاد ارباب علي خان کوسي جو انتقال ٿيو.
20 آڪٽوبر 2010ع سياستدان ۽ اڳوڻي صدر فاروق لغاري جو انتقال ٿيو.
20 آڪٽوبر 2011ع لبيا جي اڳوڻي حڪمران ڪرنل معمر قذافي کي قتل ڪيو ويو.
20 آڪٽوبر 2013ع شاعر مضمون نويس ۽ تعليم دان آغا روشن علي پٺاڻ جو انتقال ٿيو.
20 آڪٽوبر 2022ع شاعر ۽ قومپرست ڪارڪن جمن ’دربدر‘ جو انتقال ٿيو.

واقعا:

1820ع – اسپين فلوريڊا جو ڪجهہ حصو آمريڪا کي پنج ملين ڊالر ۾ وڪرو ڪيو.
1909ع – سبي ۽ لورالائيءَ وچ تي باغ ۽ شاهپور ويجھو 60 ڪلوميٽرن جي گھرائيءَ ۾ 7.0 درجي جو زلزلو آيو. هن واقعي ۾ 100 کن ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪافي ڳوٺ تباهه ٿي ويا.
1947ع – پاڪستان ۽ آمريڪا پهرين دفعي سفارتي لاڳاپن جي شروعات ڪئي.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
آخري ترميم:
Back
Top