سنڌ ڪيڏانهن پئي وڃي؟ ۽ سنڌ سرڪار ڪٿي آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عوامي آواز جو اڄوڪو ايڊيٽوريل
    ************************************

    سنڌ ڪيڏانهن پئي وڃي؟ ۽ سنڌ سرڪار ڪٿي آهي؟ سنڌ جا ساز سامان، سنڌ جا مهين جا دڙا، سنڌ جي تهذيبي آثارن جون شاهديون، سنڌ جا عوام، سنڌ جون ماريون، سسُيون، موملون، ٻاگهيون، بختاورون، بينظيرون، سنڌ جا شهر، سنڌ جا ڳوٺ، سنڌ جون قبرون، مقبرا، روضا ۽ زيارتون، کيرٿر ۽ گورک، جبل ۽ ميدان، واهه ۽ سنڌو درياءَ سڀ جو سڀ يڪ آواز هڪ شيءِ کي ڳولي رهيا آهن ته سنڌ سرڪار ڪٿي آهي؟

    سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو هڪٻئي کان پُڇن ٿا ته سنڌ جا چاليهن کان مٿي جيڪي کاتا آهن ۽ انهن کاتن هيٺ هلندڙ سوين ادارا آهن، اهي ڪٿي آهن؟ سنڌ ۾ انهن سوين ادارن جي لاءِ اڄ تائين جيڪي کربين رپيا خرچ ٿيا آهن. اهي ڪٿي آهن؟ انهن کربين رپين کي جيڪڏهن ڪروڙين ماڻهن ۾ گذريل 66 ورهين کان رڳو ورهايو وڃي ها ته به صورتحال ٻي هجي ها؟ اها صورتحال ڪٿي آهي؟ سنڌ جي ايجندا ڪهڙي آهي، سنڌ جي رٿابندي ڇا آهي، سنڌ کي ڪيڏانهن سفر ڪرڻو آهي، سنڌ کي ڪهڙي ترقي ڪرڻي آهي، سنڌ جي رواداري جو ڇا ڪرڻو آهي، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ ڪلچر جو ڇا ڪرڻو آهي، سنڌ جي درياءَ کان ويندي سنڌ جي سمونڊ جو ڇا ڪرڻو آهي، سنڌ جي ڳوٺن کان ويندي شهرن تائين ڇا ڪرڻو آهي، وڌنڌڙ آبادي جو ڇا ڪرڻو آهي، گهٽجندڙ وسيلن جو ڇا ٿيڻو آهي؟

    سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو سمجهي رهيا آهن ته اهي هيپيٽائيٽس ( اي، بي، سي، ڊي ۽ اي) جي ڪنهن نه ڪنهن قسم سان مرندا. انهن سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته اهي مليريا( جي پنجن ئي قسمن) سان مرندا. انهن سمجهڻ ۽ يقين ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ڪنهن ڏينهن ڪروڙين ماڻهو ڊينگي، سلهه، ڪالرا، پوليو، شگر، ايڊز، گڙدن ۽ جگر جي مرضن ۾ مري ويندا. جيڪي بچي ويندا سي وري اکين جي روشني کان محروم رهجي ويندا. ڪٿي آهي صاف پاڻي؟ ۽ ڪٿي آهي زهر کان صاف ٿيل پيئڻ جو پاڻي؟ ڪٿي آهي ڊرينيج ۽ ڪٿي آهي اريگيشن؟ ڪٿي آهن وڻ ۽ ڪيڏانهن ويا ٻيلا؟ ڪٿي آهي تعليم ۽ ڪيڏانهن وئي صحت؟

    هاڻي اها ڳالهه روز روشن وانگر عام ٿي رهي آهي ته پاڪستان جي رياست پنهنجي وجود کان وٺي جيڪي به غلطيون ڪندي آئي آهي انهن کان نه رڳو مُڙي نه ٿي، پر اهي غلطيون مسلسل ڪندي اچي ٿي، عوام کي گمراهه ڪرڻ، غلط جي قصيده گوئي، درست کي درگذر ڪرڻ ۽ عوام کي ”اڻ ڇُهندڙ“ سمجهي انهن کي آهستي آهستي وساري ڇڏڻ واري غلطي اسانجي عظيم وطن پاڪستان ۽ ان جي خالق صوبي سنڌ جو رواج بڻجي پئي آهي.

    سنڌ مرضن، اهنجن، المن، ڏکن، اڻهوند، ڏوهن، ڪرپشن، ڪجهه نه ڪرڻ جو ديس … اهڙو ديس بڻجي پئي آهي جو چئن مهينن کان ڪنهن هڪ اڌ وزير کانسواءِ ڪا سرگرمي ڪانهي، سڀ خاموش، مرڻينگ، اڌ مئل ۽ ذميدارين کان پالها لڳا پيا آهن.

    سنڌ جا آفيسر رڳو عدالتن ڏانهن نگاهه ڪيو ويٺا آهن. انصاف جا اهي عظيم صاحب ڇا ٿا چون انهن جي انتظار ۾ هڪ به آفيسر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. عدالتون وري دليل ٻڌي فيصلو ايندڙ شنواين تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪري رهيون آهن. هر شيءِ ”ايندڙ“ ٿي پئي آهي. ”ٿيندڙ“ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. ايندڙ وقت، ايندڙ رٿابندي، ايندڙ ايڪشن، ايندڙ فنڊز، ايندڙ طريقا، ايندڙ مافيا، ايندڙ تباهي، ايندڙ طوفان، ايندڙ ٻوڏون، ايندڙ نقصان ۽ انهن سڀني جي هيٺان دٻايل آهي، سنڌ جي ”ٿيندڙ ترقي“.

    سڄي پاڪستان ۾ صوبا ۽ انهن جي ترقي نظر اچي رهي آهي. انهن علائقن اندرحق ۽ ناحق جي وچ ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾، ايندڙ ۽ ٿيندڙ جي وچ ۾، عوام جي دوست ۽ دشمن جي وچ ۾، درست ۽ غلط جي وچ ۾، معياري ۽ غيرمعياري جي وچ ۾، مصلحت ۽ منافقت جي وچ ۾ هڪ بلڪل سنهي لائين موجود برابر آهي، پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ اها لائين ئي ختم ۽ ڌُنڌلي ٿي ويئي آهي. جنهن ڪري حق ناحق سان، سچ ڪوڙ سان، ايندڙ ويندڙ سان، دوست دشمن سان، درست غلط سان، معياري غيرمعياري سان ۽ مصلحت منافقي سان چهٽيون پيون آهن.

    سنڌ ڪيڏانهن پئي وڃي؟ ۽ سنڌ سرڪار ڪٿي آهي؟ سنڌ جا ساز سامان، سنڌ جا مهين جا دڙا، سنڌ جي تهذيبي آثارن جون شاهديون، سنڌ جا عوام، سنڌ جون ماريون، سسُيون، موملون، ٻاگهيون، بختاورون، بينظيرون، سنڌ جا شهر، سنڌ جا ڳوٺ، سنڌ جون قبرون، مقبرا، روضا ۽ زيارتون، کيرٿر ۽ گورک، جبل ۽ ميدان، واهه ۽ سنڌو درياءَ سڀ جو سڀ يڪ آواز هڪ شيءِ کي ڳولي رهيا آهن ته سنڌ سرڪار ڪٿي آهي؟

    عوام آهي جيڪو پڇي ٿوته : پاڪستان جي چوٿين صوبي سنڌ جي سرڪار ڪٿي آهي؟ اچو ته سڀ گڏجي سرڪار جي ڳولا ڪريون. وزيرن ۽ آفيسرن، کاتن ۽ ادارن، صحت ۽ علم، زندگيءَ ۽ ترقيءَ جي ڳولا ڪريون. جي نه لڀي سگهي ته پوءِ ڪجهه ٻيو ڪريون!!

    آچر 20 آڪٽوبر 2013ع 14 ذوالحج 1434هه
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سٺو ٿيو جو مون نه ڳالهايو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جيسيتائين سنڌ جا سمورا قومپرست پنهنجا ذاتي مفاد ڇڏي هڪ نه ٿيندا تيسيتائين سنڌ جو ڪجھ به نه ٿيندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    عرس جي پسند جو موضوع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو