• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمارٽ فون جي بيٽري کي بچايو...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
original.jpg

ايپل، بليڪ بيري، سامسنگ، نوڪيا، ايڇ ٽي سي ۽ سامسنگ وغيره جهڙيون بين الاقوامي ڪمنيون اڄ ڪلهه بهتر کان بهتر سمارٽ فونز پيش ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن۔۔ اهڙن سمارٽ فونز ۾ طاقت ور آپريٽنگ سسٽم جيئن ايپل آئي او ايس، گوگل اينڊروائيڊ ۽ ونڊوز وغيره استعمال ڪيو پيو وڃي۔۔۔ انهن آپريٽنگ سسٽم ڪري استعمال ڪندڙ پنهنجي سمارٽ فون تي گيمز کيڏي سگهي ٿو، گانا ٻڌي سگهي ٿو، تصويرون ڪڍي ايڊيٽنگ ڪري سگهي ٿو، انٽرنيٽ استعمال ڪري سگهي ٿو، فلمون ڏسي سگهي ٿو ۽ وڊيو چيٽ ڪرڻ کان علاوه ٻيا به کوڙ سارا ڪم ڪري سگهي ٿو۔۔۔
موبائيل فون لاءِ وڌ کان وڌ فيچرز ۽ ڪارڪردگي کي عمده رکڻ لاءِ آپريٽنگ سسٽم بنائڻ دوران جيڪو اهم سوال بار بار اٿندو آهي سو آهي موبائيل فون جي بيٽري متعلق۔۔ هڪ عام موبائيل فون يا سمارٽ فون جي بيٽري ايتري اهم شي آهي جو ڪمپني کان وٺي استعمال ڪندڙ تائين ان جي متعلق هر وقت تشويش جو شڪار رهندا آهن۔۔۔
اڄ ڪلهه سمارٽ فونز جو زمانو آهي۔۔ سسمارٽ فونز پنهنجي بي شمار، دلڪش فيچرز ڪري هر خاص ۽ عام ماڻهن کي پسند آهن پر انهن جو سڀ کان اهم مسئلو بيٽري آهي۔۔ هڪ سمارٽ فون جي بيٽري عام طور هڪ ڏينهن کان ٻن ڏينهن تائين هلندي آهي۔۔۔ ان کان پوءِ ان کي ريچارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي۔۔۔
جيسيتائين هارڊ ويئر ۾ تيزي سان ٿيڻ واري ترقي اسان جي ضرورت مطابق اسان کي بيٽري نه مهيا ڪندي تيسين تائين اسان کي پنهنجي سمارٽ فون جي بيٽري جي زندگي کي بهتر بنائڻ لاءِ ان جي حفاظت ڪرڻي پوندي۔۔۔ بيٽري ۾ موجود توانائي کي اسان منظم طريقي سان استعمال ڪري ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهون ٿا۔۔۔ ته جيئن اسان کي هر وقت چارجر يا اضافي بيٽري گڏ رکڻ جي ضرورت نه پوي۔۔ ٿوري توجه سان بيٽري جي اضافي استعمال کي بچائي سگهجي ٿو۔۔۔
هن موضوع ۾ ڪوشش رهندي ته توهان اهڙين ٽپس سان آگاهي ڏجي ته جيئن توهان پنهنجي سمارٽ فون جي بيٽري هر وقت ڪارآمد حالت ۾ رکي سگهو۔۔۔

conserve-battery-life.jpg
 
وائبريشنز بند رکو۔۔۔
اهڙين جڳهين تي جتي فون وڄائڻ مناسب نه هجي مثلن ڪنهن ميٽنگ دوران وغيره فون جو سائلنٽ موڊ تي هجڻ سٺي ڳالهه آهي۔۔۔ توهان ماحول ۾ ٻين کي ڊسٽرب ڪرڻ بنا فون ڪالز ۽ ايس ايم ايس ذريعي آگاه رهي سگهو ٿا۔۔۔ پر اهڙين جڳهين تي جتي فون ٽون وڄڻ سان ڪو مسئلو نه ٿيندو هجي ڪوشش ڪريو ته فون کي سائلنٽ تي نه رکو۔۔۔ پوري ڪوشش ڪريو ته سمارٽ فون وائبريشن تي گهٽ کان گهٽ رهي۔۔۔ ظاهر آ ته وائبريشنز رنگ ٽون جي مقابلي ۾ بيٽري وڌيڪ استعمال ڪندي آهي ۔۔۔ رنگ ٽونز فون جي اسپيڪر تي گهٽ اثر وجهي ٿي جڏهن ته وائبريشنز ته پوري فون کي لوڏي وجهي ٿي۔۔۔ ان کان علاوه سمارٽ فونز ۾ ٽچ يا ٽائيپنگ تي به وائبريشنز سيٽ ٿيل هوندي آهي جنهن کي پڻ غير فعال رکڻ گهرجي۔۔۔
 
اسڪرين جي روشني هلڪي رکو۔۔۔
هوئن ته اسان کي فون جي روشن ۽ چمڪدار اسڪرين وڌيڪ پسند هوندي آهي پر هي اهڙي شيء آهي جيڪا فون جي بيٽري تي تمام گهڻو اثر ڪندي آهي ۔۔۔ جيڪڏهن اسان فون جي روشني وڌيڪ رکنداسين ۽ بار بار اي ميلز ۽ ميسيجز ڏسڻ لاءِ فون کي چيڪ ڪنداسين ته هي تيز روشني بيٽري کي نچوڙيندي رهندي۔۔ ان جي برعڪس جيڪڏهن اسڪرين جي روشني کي ٿورو هلڪو رکنداسين ته به اسان اي ميل کي آساني سان پڙهي سگهنداسين ۽ ان سان بيٽري جي زندگي پڻ وڌيڪ ثابت ٿيندي۔۔۔

dim-screen.jpg
 
ها ادا منهنجي آي فون سان به هميشه بيٽري جو مسئلو رهندو آهي خير اهي سب ٽوٽڪا آزمائي چڪو آهيان پر انهن سڀني کان وڌ هو ٻيو ٽوٽڪو به آهي ته ڪنهن جي ڪال ئي ريسيو نه ڪيو ته اصل بيٽري جي لايف تمام گهڻي بچندي ههههههههههههه
 
اسڪرين ٽائيم آئوٽ جو وقت مختصر رکو۔۔۔
جڏهن اسان فون کي استعمال ڪري رکي ڇڏيندا آهيون ته اسڪرين ڪجهه دير لاءِ روشن رهندي آهي۔۔۔ جيڪڏهن فون کي لاڪ ڪري ڇڏيون ته اسڪرين گهٽ روشن رهندي آهي پر جيڪڏهن ائين ڇڏي ڏيون ته فون اسان جي مقرر ڪيل وقت تائين روشن رهڻ کان پوءِ مڌم ٿي ويندي آهي۔۔ ان مقرر ڪيل وقت کي گهٽ ۾ گهٽ رکڻ جي ضرورت آهي۔۔ ان کان علاوه فون کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ فورن لاڪ ڪري ڇڏيو ته جيئن اضافي بيٽري استعمال نه ٿئي۔۔۔
 
غير ضروري وقتن ۾ فون کي آف رکو۔۔۔
هوئن ته اهو سچ آهي ته فون کي هر وقت آن رکڻ ان کي ان لاڪ رکڻ کان وڌيڪ بيٽري استعمال ڪندو آهي۔۔۔ پر اڪثر اسان کي ڪئي ڪلاڪ فون جي ضرورت ناهي رهندي۔۔ مثلن جڏهن اسان ننڊ ۾ هجون يا ڪنهن ٻئي ضروري ڪم ۾ مصروف هجون۔۔۔ اهڙن وقت ۾ ڪوشش ڪريون ته فون کي آف رکون۔۔۔ ان طريقي تي عمل ڪرڻ مشڪل ضرور آهيپر سمارٽ فون جي بيٽري کي محفوظ رکڻ لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر حل ڪو ناهي۔۔۔
توهان حيران ٿيندا هوندو ته اسان جڏهن چاهيون بيٽري چارج ڪري سگهون ٿا۔۔۔ ته پوءِ اهڙي طرح ان کي بچائڻ جو ڪهڙو فائدو۔۔۔؟؟ پر توهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته بار بار چارج هجڻ جي صورت ۾ بيٽري جي طاقت گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي۔۔ جيڪڏهن توهان بيٽري کي ان جي اصل حال ۽ اصل طاقت مطابق رکڻ چاهيو ٿا ته ان کي بار بار چارج ڪرڻ بجاءِ چارج ٿيل بيٽري کي بچائڻ جي ضرورت هوندي آهي۔۔۔

turning-off-phone.jpg
 
بيٽري کي درست طريقي سان چارج ڪرڻ
جيڪڏهن فون چارجنگ جي باري ۾ ڳالهه ڪجي ته ٻن طرحن جي چارج ايبل بيٽريز، سمارٽ فونز ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي۔۔۔ پهرين ليٿيم آيون (Lithium-ion) جنهن کي مختصر ڪري (Li-Ion ) چيو ويندو آهي ۽ ٻيو نڪل بيسڊ (Nickel-based)۔۔ نڪل بيسڊ بيٽريز کي نڪل ميٽل هائڊرائيڊ (Nickel-Metal Hydride) ۽ نڪل ڪيڊميئم (Nickel-Cadmium (NiCd)) پڻ چيو ويندو آهي۔۔
نڪل ڪيڊميئم بيٽريز جي چارجنگ ڪيپيسٽي هر دفعي چارج ڪرڻ تي گهٽجندي ويندي آهي پر ان جو لائيف سائيڪل وڌيڪ هوندو آهي۔۔۔ ان کي ان وقت چارج ڪرڻ گهرجي جڏهن هي بلڪل ڊسچارج هجڻ جي ويجهو هجي۔۔۔ جڏهن ته ليٿيم آيون بيٽريز گهڻو هلنديون ته آهن پر انهن کي مسلسل چارج ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن انهن جي اصل ڪيپيسٽي برقرار رهي۔۔
ان ڪري پنهنجي سمارٽ فون جي بيٽري کي وڌيڪ وقت تائين صحتمند رکڻ لاءِ پنهنجي فون ۾ لڳل بيٽري جي باري ۾ ڄاڻو ۽ انهي مطابق ان کي چارج ڪريو۔۔۔

phone-charging.jpg
 
غير ضروري ايپليڪيشنز بند رکو
اسان مان ڪيترائي ماڻهون ايپليڪيشن پر ايپلي ڪيشن کوليندا ويندا آهن پر انهن کي بند ڪرڻ وساري ويهندا آهن۔۔ ايسيتائين جو جڏهن انهن جي ضرورت نه به هوندي آهي تڏهن به انهن کي هلڻ ڏيندا آهن۔۔ اهو ملٽي ٽاسڪنگ اڄ ڪلهه تقريبن هر سمارٽ فون ۾ موجود آهي جيڪو بيٽري کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏيڻ جو سبب هوندو آهي۔۔۔ موبائيل فون توهان استعمال ئي نه پيا ڪريو پر ان جي بيٽري استعمال ٿي رهي آهي۔۔ ان معاملي ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ آهي۔۔
فل چارج فون تي ڪيترن ئي ايپليڪيشنز کي کليل رکي ڇڏڻ سان بيٽري تيزيء سان استعمال ٿيندي اڌ تائين پهچي ويندي آهي۔۔ ان ڪري ايپليڪيشنز کي بند ڪرڻ جي عادت بڻايو۔۔ استعمال ڪرڻ کان پوءِ ايپليڪيشنز کي ضرور بند ڪندا ڪريو۔۔۔ سمارٽ فونز ۾ ٽاسڪ مينيجر موجود هوندو آهي جنهن جي مدد سان توهان غير ضروري هلندڙ ايپليڪيشنز کي بند ڪري سگهو ٿا۔۔۔
 
جي پي ايس کي غير فعال رکو۔۔۔
ڪجهه ايپليڪيشنز ٻين ايپليڪيشنز جي مقابلي ۾ وڌيڪ بيٽري چوسينديون آهن۔۔ خاص ڪري اهڙيون ايپليڪيشنز جيڪي جي پي ايس سسٽم کي استعمال ڪندي توهان جي لوڪيشن جو اندازو لڳائينديون آهن۔۔۔ هي ايپليڪيشنز سيٽلائيٽ جي مدد سان سگنلز وٺنديون ۽ موڪلينديون آهن جنهن سان توهان جي مقام جو تعين ڪري سگهجي۔۔ خاص ڪري نقشي واريون ايپليڪيشنز جيئن گوگل ميپ۔۔۔
توهان جڏهن به ان ايپليڪيشن کي کوليندو ته هي فورن توهان جي موجود مقام جي نشاندهي ڪندي آهي۔۔ جيڪا فيس بوڪ جي چيڪ ان فيچر ۾ پڻ استعمال ٿيندي آهي۔۔۔
توهان جڏهن ان ايپليڪيشن کي کولي ڇڏي ڏيندا آهيو ته هي سگنلز جي وٺڻ ۽ موڪلڻ کي جاري رکندي آهي۔۔ ان عمل کان توهان ته بي خبر هوندا آهيو پر ان ۾ بيٽري جو چڱو ٻيڙو ٻڏندو آهي۔۔ ان ڪري اهڙين ايپليڪيشنز کي يا ته بند رکو يا وري انهن کي غير فعال رکو ته جيئن بيٽري جي لائيف فائدي ۾ رهي ان کان علاوه هي توهان جي پرائيويسي لاءِ به بهتر آهي۔۔۔

smartphone-gps.jpg
 
بلو ٽوٿ وائي فائي ۽ ٿري جي بند رکو۔۔
جڏهن به فون وائي فائي ۽ بليو ٽوٿ وغيره جا سگنلز ڳوليندي آهي ته بيٽري استعمال ٿيندي آهي۔۔ خاص ڪري جڏهن سگنلز گهٽ ايندا هجن ته فون بهتر ڪنيڪشن جي ڳولا وڌيڪ طاقت سان اسڪين ڪندي ڪندو آهي۔۔ سگنلز جي ڳولا ۾ بار بار ٿيڻ واري هي اسڪيننگ سڌو سئون بيٽري تي اثر انداز ٿيندي آهي۔۔۔
چوڻ جو مقصد ته جڏهن به بلوٽوٿ ۽ وائي فائي استعمال نه ڪندا هجو ته انهن کي آف رکو۔۔ انهن کي آن ئي نه ڇڏيو ۽ جڏهن ٻيهر وائي فائي استعمال ڪرڻ جي ضرورت هجي ته ان کي آن رکندا ڪريو۔۔۔ ظاهر آ ۽ توهان کي معلوم به هوندو ته ڪڏهن توهان سگنلز جي رينج ۾ ايندا آهيو ته توهان کي وائي فائي استعمال ڪرڻي هوندي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ ان کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي۔۔۔
 
نوٽيفڪيشن گهٽ ۾ گهٽ رکو۔۔۔
جڏهن اسان انٽرنيٽ سان فون کي ڳنڍيندا آهيون ته نوٽيفڪيشن اچڻ شروع ٿي ويندا آهن۔۔ ڪڏهن ڪنهن ايپليڪيشن جو اپڊيٽ، ڪڏهن اي ميل، ڪڏهن ڪا خبر، ڪڏهن ڪو اسڪور، ڪڏهن ميسينجر تي ڪنهن ميسيج جو نوٽيفڪيشن مطلب ته هر طرف کان نوٽيفڪيشن جي لائين لڳي ويندي آهي۔۔ پر اسان صرف مخصوص نوٽيفڪيشن جهڙوڪ نئين ايس ايم ايس يا واٽس ايپ وغيره جي نوٽيفڪيشن کي وصول ڪرڻ ئي پسند ڪندا آهيون۔۔ انهن غير ضروري نوٽيفڪيشنز اچڻ نه صرف جهنجهٽ هوندا آهن بلڪه فون جي بيٽري کي چٽي ويندا آهن۔۔
هر ايندڙ نوٽيفڪيشن تي فون جي اسڪرين روشن ٿي ويندي آهي ۽ هڪ عدد سائونڊ يا وائبريشن جي ذريعي اطلاع ملندوو آهي۔۔ ان ڪري سيٽنگ مان غير ضروري ايپليڪيشنز جي نوٽيفڪيشنز کي بند رکو ان سان نه صرف توهان پريشانيء کان بچي سگهندو بلڪه توهان جو وقت ۽ فون جي بيٽري جي پڻ بچت ٿيندي۔۔۔

grey-matter-2.jpg
 
فون کي گرمي کان بچايو۔۔۔
شايد توهان ڪڏهن نوٽ ڪيو هجي ته جڏهن سمارٽ فون گرم ٿي ويندو آيه ته ان جي بيٽري وڌيڪ تيزي سان ختم ٿيندي آهي۔۔ ان لاءِ فون کي گرم ماحول جهڙوڪ سڌو سئون اُس ۾ رکڻ کان پرهيز ڪريو۔۔۔ اڪثر گاڏين ۾ اسان فون سامهون رکندا آهيون ته جيئن ميسيج يا ڪال جي خبر تڪڙي پئي پر ونڊ اسڪرين ڀرسان ڊيش بورڊ تي اُس سڌو سئون پوندي آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان بيٽري جي بهتر ڪارڪردگي جانچڻ چاهيو ته ان کي ٿڌي ماحول ۾ رکو جيئن ڪمپيوٽر جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ انهن کي ٿڌي ماحول ۾ رکيو ويندو آهي۔۔۔ ان طرح فون کي به گرمي کان بچائڻ جي ضرورت هوندي آهي۔۔۔
 
ها ادا منهنجي آي فون سان به هميشه بيٽري جو مسئلو رهندو آهي خير اهي سب ٽوٽڪا آزمائي چڪو آهيان پر انهن سڀني کان وڌ هو ٻيو ٽوٽڪو به آهي ته ڪنهن جي ڪال ئي ريسيو نه ڪيو ته اصل بيٽري جي لايف تمام گهڻي بچندي ههههههههههههه

هي ڳالهـ وڻي آهي، بيٽري جي زندگي ۽ گهٽ خرچ اوچي اڏام۔ ها ها ها ها ها
 
original.jpg

ايپل، بليڪ بيري، سامسنگ، نوڪيا، ايڇ ٽي سي ۽ سامسنگ وغيره جهڙيون بين الاقوامي ڪمنيون اڄ ڪلهه بهتر کان بهتر سمارٽ فونز پيش ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن۔۔ اهڙن سمارٽ فونز ۾ طاقت ور آپريٽنگ سسٽم جيئن ايپل آئي او ايس، گوگل اينڊروائيڊ ۽ ونڊوز وغيره استعمال ڪيو پيو وڃي۔۔۔ انهن آپريٽنگ سسٽم ڪري استعمال ڪندڙ پنهنجي سمارٽ فون تي گيمز کيڏي سگهي ٿو، گانا ٻڌي سگهي ٿو، تصويرون ڪڍي ايڊيٽنگ ڪري سگهي ٿو، انٽرنيٽ استعمال ڪري سگهي ٿو، فلمون ڏسي سگهي ٿو ۽ وڊيو چيٽ ڪرڻ کان علاوه ٻيا به کوڙ سارا ڪم ڪري سگهي ٿو۔۔۔
موبائيل فون لاءِ وڌ کان وڌ فيچرز ۽ ڪارڪردگي کي عمده رکڻ لاءِ آپريٽنگ سسٽم بنائڻ دوران جيڪو اهم سوال بار بار اٿندو آهي سو آهي موبائيل فون جي بيٽري متعلق۔۔ هڪ عام موبائيل فون يا سمارٽ فون جي بيٽري ايتري اهم شي آهي جو ڪمپني کان وٺي استعمال ڪندڙ تائين ان جي متعلق هر وقت تشويش جو شڪار رهندا آهن۔۔۔
اڄ ڪلهه سمارٽ فونز جو زمانو آهي۔۔ سسمارٽ فونز پنهنجي بي شمار، دلڪش فيچرز ڪري هر خاص ۽ عام ماڻهن کي پسند آهن پر انهن جو سڀ کان اهم مسئلو بيٽري آهي۔۔ هڪ سمارٽ فون جي بيٽري عام طور هڪ ڏينهن کان ٻن ڏينهن تائين هلندي آهي۔۔۔ ان کان پوءِ ان کي ريچارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي۔۔۔
جيسيتائين هارڊ ويئر ۾ تيزي سان ٿيڻ واري ترقي اسان جي ضرورت مطابق اسان کي بيٽري نه مهيا ڪندي تيسين تائين اسان کي پنهنجي سمارٽ فون جي بيٽري جي زندگي کي بهتر بنائڻ لاءِ ان جي حفاظت ڪرڻي پوندي۔۔۔ بيٽري ۾ موجود توانائي کي اسان منظم طريقي سان استعمال ڪري ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهون ٿا۔۔۔ ته جيئن اسان کي هر وقت چارجر يا اضافي بيٽري گڏ رکڻ جي ضرورت نه پوي۔۔ ٿوري توجه سان بيٽري جي اضافي استعمال کي بچائي سگهجي ٿو۔۔۔
هن موضوع ۾ ڪوشش رهندي ته توهان اهڙين ٽپس سان آگاهي ڏجي ته جيئن توهان پنهنجي سمارٽ فون جي بيٽري هر وقت ڪارآمد حالت ۾ رکي سگهو۔۔۔

conserve-battery-life.jpg
ادا، اوهان تمام بهترين ونڊ ڪئي آهي، سلسلو جاري رکو.
 
Back
Top