• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سياست تـ سياه ست جو ڪاروبار آهي.

ابن قابل قاضي

سينيئر رڪن
sindhsalamatsaathsal

سياست

پڇيو اُستاد طاهر، هوهڪ ڏينهن مونکان،
مطلب سياست جوسمجهاءِ مون کي،
ٻڌي هٿ ادب سان سمجهايم سائين کي،
اوهين اهيو استاد، وڃي سائين پڙهو ۽ پڙهايو،
سياست جو ڪاروبار اڃان مونکي ئي، سمجهـ ۾ ڪين آيو،
چون ٿا ڏاها سياست لاءِ هن طرح،
سياست تـ سياھـ ست جو ڪاروبار آهي
عوام الناس بيزار ۽ پر يشان آهي
پڇو مونکان ٿا جيڪر سياست جي معنى
فرق صاف ظاهر اوهان لا۽ آهي اُستاد
سياري ۾ سيءُ اُونهاري ۾ آرائيون
ڪنهن کي سارهايون هڙئي جماعتي هڪ جهڙا ! ؟
 
جواب: سياست تـ سياه ست جو ڪاروبار آهي.

sindhsalamatsaathsal

سياست

پڇيو اُستاد طاهر، هوهڪ ڏينهن مونکان،
مطلب سياست جوسمجهاءِ مون کي،
ٻڌي هٿ ادب سان سمجهايم سائين کي،
اوهين اهيو استاد، وڃي سائين پڙهو ۽ پڙهايو،
سياست جو ڪاروبار اڃان مونکي ئي، سمجهـ ۾ ڪين آيو،
چون ٿا ڏاها سياست لاءِ هن طرح،
سياست تـ سياھـ ست جو ڪاروبار آهي
عوام الناس بيزار ۽ پر يشان آهي
پڇو مونکان ٿا جيڪر سياست جي معنى
فرق صاف ظاهر اوهان لا۽ آهي اُستاد
سياري ۾ سيءُ اُونهاري ۾ آرائيون
ڪنهن کي سارهايون هڙئي جماعتي هڪ جهڙا ! ؟

دوست ابن قاضي صاحب، تمام سهڻي منظر نگاري ڪئي اٿوَ، اڄ جي سياست جي ۔۔۔ اوهانجي هن نثري نظم جي پويان جيڪا حقيقت آهي، انکي لفظن جو روپ ڏئي اوهان سچ کي نروار ڪيو آهي ۔۔۔ هن ديس جي سياست جون سياهه ڪاريون ئي آهن، جنهن سبب بکيو اڳي کان بکيو ۽ سکيو اڳي کان سکيو ٿيندو وڃي ۔۔۔ اهي هن ديس جي سياست جون سياهه ڪاريون ئي آهن، جنهن سبب سچ چوڻ وارا زندان جي ڪوٺين ۾ جڪڙيا وڃن ٿا ۔۔۔ اهي هن ديس جي سياست جون سياهه ڪاريون آهن جو ديس جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ مهان اڳواڻن جا لاش پوريا پيا آهن ۔۔۔ جن تي اسين گلن جون چادرون چاڙهي ايندا آهيون ۔۔۔ اهي هن ديس جي سياست جون سياهه ڪاريون آهن جنهن سبب هن ديس جي شهرن ۽ واهڻن جا مالڪ، ڳڀي ڳڀي لئه، سر ڍڪڻ لئه اجهي جي تلاش ۾ آهن ۔۔۔

ڪيترو نه عجيب منظر آهي علم سياست سبب دنيا ترقي ڪري رهي آهي ۔۔۔ علم سياست سبب قانون جي حڪمراني قائم ڪري قومون پنهنجي عوام الناس کي امن ۽ سڪون مهيا ڪري رهيون آهن ۔۔۔ علم سياست سبب مال ۽ ملڪيت جي وارثي ڪري، دنيا جون قومون خوشحالي جا نوان نوان دروازا کولي رهيون آهن ۔۔۔ اهو ساڳيو علم سياست اسان وٽ لاشن، بک، بدحالي ۽ بدامنيءَ جو ڪارڻ آهي ۔۔۔

آهي نه عجيب حالت ۔۔۔!!!

shal judy hujeen
 
Back
Top