السلام عليڪم ادا مون وٽ سنڌي انسٽال ڪرڻ لا ايسٽ ايشين لئينگيج انسٽال ڪرڻ کان پو به عربي يا فارسي ٻولي جو نالو نشان ظاهر نه پيو ٿئي تصوير هيٺ ڏجي ۔ منهنجي مدد ڪندا ته شگرگذار رهندس، 3185 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا توهان وٽ ونڊو جي سي ڊي ۾ شايد اهو فائيل صحيح موجود نه آهي ورنه ان آپشن کان پوء عربي نظر اچڻ گهرجي۔
توهان کي گهرجي ته توهان هڪ دفعو ٻيهر سڪرپٽ انسٽال ڪريو۔۔۔ ان سلسلي ۾ هن موضوع مان پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ جيڪڏهن انسٽاليشن دوران توهان کا ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ 0۔2 پڇيو وڃي ته هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
ادا در اصل مون وٽ ونڊوز سروس پيڪ 3 آهي ۽ اُن جون لڳ ڀڳ 3 سيڊيون (ڊسڪ) وٺي چيڪ ڪيون ، سروس پيڪ 2 جون 5 ڊسڪ اڳ ئي موجود هيون سي به چيڪ ڪيم پر ڪم نه ٿيو ۔ الله ڀلو ڪري ادا ذيشان رشيد جو جنهن مون وٽ هڪ لنڪ موڪليو ۽ وري الله ڀلو ڪري واپڊا جو اها فائل ڊائونلوڊ ٿي ئي رهي هئي مٿان وري لائٽ شريف پنهنجي ماڳ ڏانهن واپس هلي ويئ ۔اصل ڪم اڌورو رهجي ويو۔ والسلام
اميد ته توهان جو ڪم ٿي ويندو ڪڏهن ڪڏهن سي ڊي رام صحيح نه هجڻ ڪري به فائيل صحيح ريڊ نه ٿيڻ ڪري انسٽال نه ٿيندو آهي بهرحال ڪوشش جاري رکو نيٺ ڪاميابي ٿيندي۔