ابن قابل قاضي
سينيئر رڪن
آئون سنڌ آهيان
آئون سنڌ آهيان، منهنجي ڪک مان ڄاول، ڏهن کان پنجيتاليهـ سالن جي عمر جا جوان ۽ نوجوان ، مرد ۽ عورتون جن جو تعداد اندازن هڪ ڪروڙ ويهـ لک ٿيندو سي اڻ پڙهيل آهن.جن جو سور ۽ دنيا وارن جا طعنا منهنجي سهپ کان ٻاهر آهن . آئون ڪمزور ۽ پوڙهي آهيان، ڪٿي ايئن نـ ٿئي جو آئون مري پوان ۽ اوهان ڀٽڪندا رهجي وڃو. منهنجي حياتي الله جل شانهُ تا قيامت تائين لکي آهي ، ان کان اڳ آئون مرڻ نٿي گهران،جيڪڏهن چئن ڪروڙ جي انگ مان فقط چار لک رضاڪار ڇهن مهينن جي لا۽ في سبيل الله علم ورهائڻ لا۽ نڪري اچن تـ آئون ٻيهر جوان ٿئي پوان.
رسول الله صلي الله عليـ وسلم جن پنهنجن اصحابـ سڳورن کي فرمايو ـ ڇا اوهان کي خبر آهي تـ سڀ کان وڌيڪ سخي ڪير آهي. اصحابـ سڳورن عرض ڪيو، الله ۽ الله جو رسول صلعم ئي بهتر ڄاڻن ٿا،” فرمايون الله تعالي سڀ کان وڌيڪ سخي آهي، ان کان پوُ سڀ کان وڌيڪ سخي آئون آهيان ۽مون کان پوء سڀ کان وڌيڪ سخي اُهو شخص آهي جنهن علم سکيو ۽ پوء ان علم کي ماڻهن ۾ ڦهلايو_ راوي حضرت ابوهريره رضـ ، ڪتاب مشڪوتـ شريف _ ڪتاب العلم.
ڊاڪٽر محمد سليم ، ڊپٽي ايجوڪيشنل ايڊوائيزر ،وزارت تعليم حڪومت پاڪستان ،ڊائريڪتوريٽ براءِ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم ، تعليم ۽ خواندگي کاتو حڪومت سنڌ پاران ڪوٺائيل سيمينار سکر ۾ چيو تـ جيڪا”قوم ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿئي! ڇا اُها اڻپڙهيلن کي پڙهائي نٿي سگهي“.
ڪاش اها گوءِاسانجي سنڌ کٽي ۽ دنيا جا داناءِ ڏسن، تـ سنڌ ۽ سنڌي ڇا آهن.
اچوتـ سڀ گڏجي سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ لاء پاڻ پتوڙيون . مهرباني
sindhsalamatsaathsal