• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبو روبو آل ان ون سمارٽ فون مئنيجمينٽ سافٽ ويئر

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو
فقير جو واپسي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
دوستو جيئن ته اڄ ڪلهه ادا رشيد سمارٽ فون سيٽ جي شئيرنگ بابت روز نئون ٽول متعارف ڪرائي پيو سو ان ڪري هڪ ٽول مون جي نظر ۾ به هيو سو سوچيم ته ائين نه ٿئي جو ادا رشيد اهو ٽول به متعارف ڪرائي وٺي
دوستو سافٽ ويئر جو نالو اهي موبو روبو
هتان ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا
دوستو موبو روبو هڪ سادي قسم جو سافٽ ويئر آهي جنهن جي مدد سان توهان آئي فون يا اينڊرائيڊفون کي پنهنجي سسٽم جي مدد سان ڊائريڪٽ ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا يو ايس بي ڪيبل يا وائرليس ٻنهي طريقن سان ڪنٽرول ڪرڻ جي سهولت موجود اٿس ڪنيڪٽ ڪرڻ کان پو۽ توهان پنهنجي سمارٽ فون کي مڪمل طرح سان پنهنجي سسٽم مان آپريٽ ڪري سگهو ٿا ڪو به گانو ٽرانسفر ڪرڻو اهي يا ڪانٽيڪٽ ۾ ڪا تبديلي ، ايس ايم ايس ڪرڻو هجي يا ڪا سافٽ وئير انسٽال يا ان انسٽال ڪرڻو هجي توهان اهو موبو روبو جي مدد ڪري پنهنجي سسٽم تي ويهي ڪري ڪري سگهو ٿا
هن سافٽ وئير جي وڏي خوبي اها اهي ته توهان آئي فون جا ڪانٽيڪٽ اينڊرائيد فون ۽ اينڊ رائيڊفون جا ڪانٽيڪٽ آئي فون ۾ ٽرانسفر ڪري سگهو ٿا ۔
اميد ته توهان کي هي ننڍڙو ٽول پسند ايندو
 
گذريل ڪجهه هفتن کان گوگل طرفان ايشين ايريا ۾ ان سافٽويئر جي اشتهاري مهم ۽ هل هلان لڳي پئي آهي۔۔۔ هوئين ته هي سافٽويئر اصل بهترين آهي۔۔۔ پر ڪجهه لوڊنگ ڪري ۽ وري ان شڪ ڪري ته توهان جي موبائيل فون ڊيٽا کي ايڪسيس ڪندي توهان جي پرائيويسي جو ٻيڙو ٻوڙي سگهي ٿو۔۔۔ ان ڪري بهتر آهي ته انٽرنيٽ سان منسلڪ هجڻ دوران ان کي استعمال نه ڪجي۔۔۔ باقي هڪ ڳالهه سمجهه نه آئي۔۔۔
يو ايس بي ڪيبل يا وائرليس ڪيبل ٻنهي طريقن سان ڪنٽرول ڪرڻ جي سهولت موجود اٿس
يار اها وائرليس ڪيبل واري ڪهڙي ٿيندي آهي۔۔۔؟:)
 
يو ايس بي ڪيبل يا وائرليس ڪيبل ٻنهي طريقن سان ڪنٽرول ڪرڻ جي سهولت موجود اٿس
يار اها وائرليس ڪيبل واري ڪهڙي ٿيندي آهي۔۔۔؟:)[/quote]

ادا هي هڪ نئون فيچر آهي جيڪو توهان جي سمجهه کان زور آهي ۔۔

ههههههههههههههه

سدائين گڏ
 
Back
Top