مهمان، ميزبان ۽ مهمان نوازيءَ تي ساروڻيون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مهمان، ميزبان ۽ مهمان نوازيءَ تي ساروڻيون
    شڪارپور ضلعي جي چڪ وارو فقير منش فنڪار هوندو هئو، نالو هئس فقير گلبهار مهر، پنهنجي وقت جي ڀلوڙ لوڪ ڳائڻي ۽ شاعر مينهل فقير سان سنگت ڪندو هئو. مينهل فقير اهو جنهن جي لوڪ ۽ پر لطف شاعري ٻڌندڙن کي صفا موهي ڇڏيندي هئي جيئن:
    منهنجي دل محبوب سان جيئن حقي مٿان ڦل.
    يا
    منهنجي دل محبوب سان جيئن منڊيءَ مٿان ٽِڪَ....
    سو ان گلبهار مهر جون مهمان نوازيءَ متعلق ڳالهيون ڀلي کِل جوڳيون هجن پر پاڻ صفا انهن جي ابتڙ هوندو هئو. سو هُو چوندو هئو ته:
    ”ابا ڪچهريءَ ۾ مزو تڏهن ٿيندو جڏهن مهمان اسان هجون ۽ ميزبان ڪو ٻيو... نه ته اوطاق به منهنجي، ميزبانيءَ جي ڳاٽي ڀڳي رسم به مان پوري ڪيان ته ڪچهريءَ ۾ وري ڌوڙ مزو ايندو!“
    يا چوندو:
    ”ابا چئن دوستن سان ماڻهو شهر جي هوٽل تي ماني کائي ته ڪوشش ڪري ٽيبل واري ان ڪرسيءَ تي ويهجي جيڪا ڀت واري پاسي هجي... ويهڻ شرط بوٽ جا تسما کولي ويهجن. ڍوُ ڪري ماني ۽ چانهن يا بوتل پي جڏهن پير فقير وائکي ٿيڻ جي ويل اچي ته اوهان اڳ ۾ نه اٿو. پهريون بوٽ جا تسما پايو. پوءِ ڪرسيءَ تان اٿڻ مهل هرو ڀرو وچڙو، تيستائين ڪونه ڪو مٿي ڦريو دوست دخل تي پڄي بل ڀري به چڪو هوندو، بل کان پوءِ ،مياري لهجي ۾ کيس هڪ عدد ڇڙٻ به ڏيڻ ضروري آهي ته اجايو تون ئي ڇو بل ڀريو؟“
    اهڙي نموني سان وري ٽنڊي الهيار جو مير ڪرم علي سائين وري وڏي ٽوڪ ۾ چوندو هئو ته: ”اسان ڀلي اجايون ڊاڙون هڻون ته اسان ماڳهين ٽاپ جا مهمانواز آهيون، پر حقيقت اها هوندي آهي ته کٽ جي پيرانڌيءَ واري پاسي رلهي چوئنڻي ڪري واڏڻ مٿان رلهي رکي، پاڻ ڪانڀ ڪڍي ڪونئر تي ميزبان ويهي مهمان کي ڇڙو وهاڻو سيرانڌيءَ کان ڪري کيس واڻ تي ئي ويهاربو آهي.“
    ڳاله ۾ دم اٿس مير سائين جي!
    وري اسان واري ڳوٺ جو چاچو خاوند بخش چوندو: ”ابا مهمان هوندا هئا اڳي... ير چور به هوندا هئا ته ڀُل چُڪ ۾ ڪيل پراڻيون چوريون باسي پاند پلاند ڏئي ويندا هئا.. ۽ هاڻي؟ قسم بادشاه پير جو، هاڻي ته جي ڪو اوپرو ماڻهو اوطاق تي نظر اچي ته سڄو شجرو وٺي پوءِ کيس ڳڀو گره کارائي، سج لهڻ کان اڳ سندس ڳوٺ جو پتو ٻڌائجيس ته ابا هاڻي رَيهين کينهين ٿي!“
    پر يار رڙ ٿي نڪري ته هاءِ ڙي زمانا!
    ڳوٺن ۾ پَرَ مار چورن جي جڳه تي هاڻي چُلهه مُٽڻا لُچا وڌي ويا.
    ٽي وي وري وي سي آر مٿان وري انڊيا جي ملڪ وارين فلمن، ڊشن، ۽ ڪيٻلين هڻي اوطاقون سُڃيون ڪري ڇڏيون.
    اڳي پاڙي اوڙي وارا هٽ کنڌي تي سيڌو سامان ڏيندا هئا، پر هاڻي اهڙي ته پئي آهي جو کڻي توبنهن ڪجي... سڄو ڏينهن ڀلي بَيک نڪري وڃي ڪمن ۾ پر کيسو چئي اڃان ڳاله ڪاٿي!.... ڳوٺاڻو ماڻهو ڪو مهينن پڄاڻي مڇي وٺي کائي ته مڙيوئي عيد ٿي ڀانجينم نه ته ٻٽالن هڻي هنڌ ڪيو آهي.
    اهڙين حالتن ۾ مهمان گيري سونهين ڪنهن کي ٿي؟
    تڏهن ته چاچو خاندو چوندو آهي... ابا مهمان نوازيءَ کان اُٺ پَيرو ٺاهڻ سولو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو