کدڙي جو پٽُ (ڪهاڻي) عباس ڪوريجو هن اهو سوچي شهر جي مشهور کدڙي کي پنهنجو پي بڻايو ته: ” حرامي ٻار سڏرائڻ کان کدڙي جو پُٽُ سڏرائڻ هزار دفعا بهتر آهي۔“
دوستم اسد کوکر جا هن ڪهاڻيءَ بابت تاثراتي رايا هتي ونڊيان پيو۔ ” سماج ۾ هر فرد لاءِ پيءُ َضروري آهي، جيڪو ڏڍ بڻجي حفاظت ڪري ٿو، بنا پيءُ ٻار ڊنل هيسيل رهي ٿو۔ اهڙا ڪردار جيڪي اهڙي ڪيفيت مان گذرن ٿا سماجي روين جي ڪري اذيتون برداشت ڪن ٿا ۽ اذيتن جي سلسلي مان گذرندي اهي اهڙي ذهني خلفشار دور ڪرڻ لاءِ اهڙي فرد کي به پنهنجو پيءُ بڻائڻ لاءِ راضي ٿي وڃن ٿا جيڪو نه ته ڪڏهن پيءُ بڻجي سگهي ٿو ۽ نه ئي پيءُ چوائڻ جي لائق آهن، بلڪه هڪ گار آهن، پاڻ لاءِ ۽ سماج لاءِ۔“