• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق تکي ڪنهن ڪنڊي وانگي

عباس ڪوريجو

سينيئر رڪن
عشق تکي ڪنهن ڪنڊي وانگي
مَنُ پٿريلي ڳنڍي وانگي
منهنجي دل آ بينڪ تجوري
تنهنجي اک آ غُنڊي وانگي
توکي پورو ڪونه ڍڪيو،
پاجامي ڪنهن لُنڊي وانگي
ضد تي آيو مور نه مڙندو
جوڌو وڌندو منڊي وانگي
هردم واءُ ۾ جهُلبو رهبو
آزادي جي جهنڊي وانگي
ڪنڌ ۾ پورو توکي ايندم
ڦاهيءَ جي ته ڦنڌي وانگي
وڌندو رهندو عشق هي منهنجو
ميمڻ، شيخ جي ڌنڌي وانگي
ڌرتيءَ دشمن لئه ٿي ڏينڀو!
ڏنگ هڻ تنهن کي ڏنڊي وانگي
ڊاهي توکي ٻيهر لکبو
واڻيي واري کنڌي وانگي
دشمن کان دڳ پڇبو ناهي،
هلجي توڙي انڌي وانگي
سڀ کي ڪين عباس پسند آ
ڇوڪر مچلي چنڊي وانگي.
background-winter-emo-sensitive-wallpapers-67795-jpg.3186

 
Back
Top