• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قلم ۽ ڪهاڙي

قلم به کڻبو ڪهاڙي ساڻ
علم وڌائي ڏبي هي ڄاڻ
قلم سان علم جا خزانه کوٽيون
ڪهاڙي هٿ ۾ رکون سڄاڻ
قلم به کڻبو ڪهاڙي ساڻ
علم وڌائي ڏبي هي ڄاڻ
سنڌ جو ويري ڪبو سڀ ڍيري
اڙٻنگ ارڏا اٿي پئو پاڻ
قلم به کڻبو ڪهاڙي ساڻ
علم وڌائي ڏبي هي ڄاڻ
قلم سان علمي عقل وڌايون
علم سان سنڌ ۾ ٿي سرهاڻ
قلم به کڻبو ڪهاڙي ساڻ
علم وڌائي ڏبي هي ڄاڻ
هلائي حربا ٿو سنڌ جو ويري
سنڌي ڳالهائڻ ڪري ٿو آڻ
قلم به کڻبو ڪهاڙي ساڻ
علم وڌائي ڏبي هي ڄاڻ
صدين جي سنڌ آ صدين جي ٻولي
قيامتن تائين رهندي هاڻ
قلم به کڻبو ڪهاڙي ساڻ
علم وڌائي ڏبي هي ڄاڻ۔۔۔۔
 
Back
Top