مذهبن کي نه ڇيڙ جي ته بهتر ٿيندو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2013۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    مذهب ئي آ جنهن انسان کي انسان هجڻ جو شرف بخشيو ورنه انسان حيوان هو ۽ هي آخري مذhب اسلام الهامي مذهب آ ۽ خدا جي طرفان رهبري آ زندگي گذارڻ جي پنهنجي آقاءِ نامدار جي وسيلي ۽ هن ۾ انسان جي طبيعت مطابق گهرجن مطابق راه رستو زندگي کي گذارڻ جو پورو پتو ٻڌايو ويو آهي هاڻي ان ۾ ڪي عقل جا انڌا اگر اڻايون ڪڍن ته ڇا چئجي...جنهننجو انسان خلقيل اهو ئي ٻڌائي ٿو ته زندگي جو ڪارونهن وار هيئن گذار ته ڇا اهو صحيح نه هوندو ...ڪجه سمجه کان ڪم وٺي پو ڪجه چوڻ گهرجي....
    ٻيو ڪجه دوست صوفي خيال جا دل ۾ خيال رکي يا ڪجه دوستن کان يا بزرگن کان مطاثر ٿي نيم حڪيم واري ڏس تي هلن پيا ۽ انهن جا چيل لفظ پيا دهرائين..اڙي بابا جي صوفي خيال جا ٿيڻ ٿا چاهيو ته ان ۾ ته صرف ايثار آ ٻي جي دل نه ڏکائڻ آ توهان ويچاري مولوي کي پيا گهٽ وڌ چئو جي هو مولوي حورن جي ڳاله ڪري ٿو ته مٺڙا قرآن ۾ انهن جو بيان آ ٻڌايل آ ڪو هو پنهنجي طرفان ڪون ٿو چئي جي روزي نماز جي ڳاله ڪري ٿو ته سو به قرآن مجيد ۾ واضع حڪم ٿيل آ 5 وقت فرض ٿيل آ هو ڏوه ڪهڙو ٿو ڪري جو تو کي پسند نه ٿو اچي ڪجه هوش کان ڪم وٺو ۽ ڏاها ٿيو مذهب اسلام خراب نه آهي جي سنڌ ۾ پنجابين ۽ هندستانين پنهنجي مقصد لاءِ پاڪستان ۽ اسلام کي استعمال ڪيو ته ان سان منهنجا بابلا اسلام ته خراب نه ٿيو ...مذهب ۾ قومن جا حق واضع ٿيل آهن ۽ قوم قبيلا شناخت لاءِ استعمال ٿيندا آهن ان کا مذهب اسلام به انڪار نه ٿو ڪري هو ته اڳتي وک وڌائيندي ايثار جي ڳاله ڪري ٿو جيڪا هنن پنجابين ۽ هندستانين ۾ ڪين آهي...سو اهي ماڻهو خراب ٿيا جيڪي اسلام کي پنهنجي مقصد لاءِ ته استعمال ڪن ٿا پر ان ۾ انسانيت جي خدمت جو جيڪو عنصر يا حڪم آ ان کي ڀلائي ويٺا آهن ٻي جو حق کائڻ جي اسلام ۾ منع ٿيل آ..پر هي منافق ائين سنڌين جو حق 1947 کان پيا کائيندا اچن ..انهن کي وائکو ڪرڻو آ پنهنجا حق کسي وٺڻا آهن..
    ٽيون ته جيئي سنڌ وارا ڪجه ڏيهن کا مذهبي مسئلن تي ايترو ته ڪاهجي پيا آهن جو هنن کان اصل مسئلو سنڌ جا حق وسري ويو آ ته پاڻي پنجاب ڪيئ ٿو چوري ڪري يا هتان جا وسيلا تيل گيس ڪوئلو روينيو ڦريون ٿو وڃي ان کا ڪن لاٽار ڪري مذهبي مسئلن ۾ منجهي پيا آهن وتن ٿا ان لاءِ جتن ڪندا اڙي منهنجا دوستو ڀائرو سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي آهي ئي ڪون ته توهان ڇو ان ڪمزور اشو کي کنيون آ ڀائو هڏانهن پئي ڀيل ٿي ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ پيا لڳن اسان جا دانشور اسان جا نه رهيا آهن پو اهي خوف کان يا دغابازي سان سو پنهنجي ٻولي جي واڌاري ۽ استعمال جو سعيو ڪريو ۽ وسيلن جي ڀيل ۽ ۽ ان جي مالڪي طرف ڌيان ڏيو سنڌي شاگردن جي داخلا هر يونيورستي سنڌ جي ۾ يقيني بنايو طالبان يا ڪو ٻيو سنڌين جو دشمن نه آهي توهان جو جيڪو دشمن اول پنجاب ۽ هي هندستاني آهي ان کي سوگهو ڪريو ان جي رستا روڪ ڪريو ان کي ڏانوڻ وجهو ته ڪا ڳاله ٺهي..اسلام خود هڪ سيڪيولر مذهب آهي جنهن ۾ ٻين مذهبن کي پوري آزادي سان ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي جي ڪي نه ٿا ڪن ائين ته هو مسلمان ئي نه آهن...سو شين کي سمجهو جيڪو سنڌ سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي جو دشمن آ ان کي پڌرو ڪرڻو آ نه ڪي ٻين اشوز تي ڌيان ڏيئي پنهنجون انرجيون (طاقتون) ضايع ڪرڻيون آهن...اميد ته دوست سهمت ڪندا
    ...... هاڻي سنڌ جو روينيو سنڌ کي وصول ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڌرتي جي دنگن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سايو ڪرڻ ۽ هر گيس جي ۽ تيل ڪوئلي جي آمدني پاڻ وصول ڪري ۽ ان طرف ڌيان ڇڪائڻ گهرجي ۽ پريشر بلڊ اپ ڪجي.....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو