شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو راڳ ۽ ان جا راڳائي تي ڊاڪومينٽري فلم ٺاهڻ تي ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر ناز سهتو کي تنڊو محمد خان پريس ڪلب پاران آجياڻو ڏنو ويو.
16 فيبروري 2010ع تي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب پاران ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتوکي هڪ آجياڻو ڏنو ويو، هن تقريب جي ٻين مهمانن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ بهترين ڪمپيئر محترم نصير مرزا، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او مهر صاحب، روزاني شام اخبار جو ايڊيٽر زاهد ملڪ، ضلع حيدرآباد جو انفارميشن ڊاريڪٽر، نامور ڏاهو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر سائين پير بخش پياسي، پروفيسر سائين فدا احمد سرهيو، ڊاڪٽر جي ايم گُل، ضلع جو نائب ناظم پير اشفاق جان سرهندي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان جو سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر مشڪور ڦلڪارو، يونين ڪائونسل جو سابق ناظم محترم خليل ميمڻ، کان علاوه صحافي برادريءَ جي وڏي انگ ۽ شهر جي معززين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته هن تقريب جي صدارت خيرپور يونيورسٽي جي سابق وائيس چانسلر ۽ نامور اديب محترم حميد سنڌي ڪئي.
سڀني ڳالهائيندڙن ناز سهتي جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ ۽ ان جا راڳائي جي ڊاڪومينٽري واري ڪم جي تمام گهڻي تعريف ڪئي. اها ڊاڪومينٽري قسطن ۾ ڪي ٽي اين تان ڏيکاري وئي هُئي. آخر ۾ ناز سهتي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان وارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ جا اڃا به ڪيترا ئي رنگ عوام الناس جي سامهون اچي نه سگهيا آهن، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اهي رنگ محنتن سان ئي نڪري نروار ٿي سگهن ٿا، هن شاهه جو راڳ ۽ ان جا راڳائي جي ڊاڪومينٽري ٺاهڻ جي باري ۾ ڪافي ساريون ساروڻيون ونڊيون. پيش آهن هن آجياڻي جي تصويري ڪهاڻي. دوستن کي اهو ٻُڌائيندو هلان ته اهي تصويرون مون 16 فيبروري 2010ع تي ڪڍيون هيون پر ڪجهه ڳاٽي ڀڳل مجبورين سبب بروقت توهان سان ونڊ نه ڪري سگهيس . پر سائين نثار ابڙو جِي چواڻي موجب دير آيد درست آيد .
پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران تمام خوبصورت ۽ وڏو بينر لکرايو ويو جيڪو ٻن حصن ۾ توهان جي خدمت ۾ پيش آهي
محفل جو مور ڪي ٽي اين نيوز سنڌي چينل جو سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو اجرڪ جي پٽڪي ۾ تمام خوبصورت لڳي رهيو آهي
جناب قلندر شاه لڪياري، محترم حميد سنڌي، محترم نصير مرزا ۽ ناز سهتو اسٽيج تي موجود آهن
جيئن ته 16 فيبروري 2010ع تي سيءُ تمام گهڻو هو، ان ڪري سائين نصير مرزا شال ۾ ۽ محترم ناز سهتو اجرڪ ۾ ويڙهيا پيا آهن
جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو
ادا
ناز سهتي صاحب جي شخصيت جنهن ڪاوش سان شاهه صاحب جو راڳ ۽ ان جا راڳائي واري ڊاڪومينٽري فلم تيار ڪئي آهي ان لاء کيس جيتري بـ جس ڏجي تـ بـ گهٽ آهي، جنهن لاء لطيف سرڪار ، ناز صاحب کي پاڻ نوازئيندو ، ڇو تـ الله وارن جي صحبت ۽ سندن پيغام جي پرچار ئي انسان جي شخصيت کي باوقار بنائي ٿو.
ان سان گڏ اوهان جنهن حب سان ناز کي ڏنل آجياڻي کي تصويرن ۾ سموئي پيش ڪيو آهي ان لاء اوهان کي داد ڏيڻ کان لئوائي نٿو سگهجي
جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو
ادا نثار ناز ! ... ناز سهتي تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ اسانکي اها خبر پئي ته ڪي ٽي اين جي سهڪار سان شاه جي راڳ ۽ راڳائن تي ڪا مفصل ڪهاڻي ٺهي آهي، پر ان سان گڏ ان ڊڪيومينٽِري جي ڪا جهلڪ هجي ها ته هوند سون تي موتين جو ڪم ٿي پوي ها ۔۔۔
جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو
ناز سهتو جي تحقيقي ڪم جي تعريف نه ڪرڻ واقعي بي واجبي هوندي۔۔۔ هوئن ته پاڻ سنڌ جي مسئلن بابت به ڪافي ڊاڪيومينٽريز بڻايون آهن۔۔۔ سنڌ جي مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا انٽرويوز پڻ ورتا آهن۔۔۔ پر سندس لطيف سرڪار جي راڳ بابت ڊاڪومينٽري فلم شاهه جو راڳ ۽ راڳائي ڪافي مشهور ٿي ۔۔۔ ان ڊامڪيو مينٽري فلم جون ڪجهه جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔۔