سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي واڌايون جو مان پوري ويب سائيٽ کي ڏٺو آ جنهن ۾ مونکي ٻين ويب سائٽن کان وڌيڪ جاندار سهڻي سٺي ۽ اثرائتي لڳي ۽ ٻين ويب سائٽن کا نمودار نروار نڪور ۽ لاڀائتي پنهنجي جوڙ جڪ جي لحاظ کان تمام اتم آهي منهنجي طرفان سڄي سٿ کي سلام ۽ مبارڪون ۔۔ان اميد سان ته اڃا ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ تبديلي جو بهترين انداز ۾ پير پير سان ملائي پيا هلنداسين ۽ سنڌي قوم کي هن دنيا جي گلوبل ڳوٺ ۾ گڏوگڏ ريسپانس ڏيندا رهندا سين ۽ پنهنجي جڳه والارينداسين رهنداسين
سائين اسان هن اڱڻ تي جڏهن به آياسون تڏهن پنهنجائپ محسوس ٿي حقيقت ۾ سائين منتظم اعلى سائين مانواري رشيد سمون اسان سان پنهنجائپ جو اهو سلوڪ ڪيو جيئن سُر ڄام تماچي ۾ لطيف سرڪار محبوب کي سمون ۽ پاڻ کي گندري ڪري سڏيو آهي مون ادا کي سٿ سميت ان دوست تي جي اڱڻ تي به ويندي ڏٺو آهي جنهن جي ڪاوڙ اجائي ، ڪنهن هڪ نه پر ڪئي دوستن سان سندن هميشه ڳنٺڻ وارو سلوڪ رهيو۔ ان ڳالھ کان به انڪار ناهي ته سائين سليمان وساڻ به ٻولي سان عشق جو ثبوت ڏيندي هر جاءِ تي گڏ هو جڏهن به سائين وساڻ صاحب سان ملاقات ٿي ته تذڪرو سنڌ سلامت جو ئي رهيو۔ هنن دوستن هميشه هن فورم کي اڳي کان اڳرو رکڻ جو سلسلو جاري رکيو خدا وندِ متعال سندن هن قوم پرستي تي اجرِ عظيم عطا ڪري۔ سندن توفيقات ۾ اظافو فرمائي ۔ وسلام
مان سدائين عرض ڪندو رهيو آهيان ته سنڌ سلامت دوستن جي گڏيل جدوجهد جو نالو آهي۔ هي اهڙو گلدستو آهي جنهن ۾ ڪيئي گل گڏجي پنهنجي هڳاء ۽ خوشبو ذريعي ان جي اهميت وڌائن ٿا۔ اوهان دوستن جو ساٿ رهيو ته سڀ گڏجي سنڌي ٻولي جي هن اڱڻ کي سدائين آباد رکنداسين۔ محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو انهيء جي ويڙهي پاڻ ئي ايندو شاهه