رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
ڏينهن اڀاري رات کٽايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
سوره سنڌ جا پٽ پيارا
منزل ماڻي پنڌ پڄايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
پنهنجي ٻولي ماءُ جي لولي
دنيا وارن کي ته ٻڌايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
تهذيب تمدن پنهنجو پيارو
اجرڪ ٽوپي وارا آهيون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
دشمن سنڌ جو موذي مرندو
اهڙي اڀ ۾ آس اٿايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
سنڌي سنڌ سپاهي سڄا
دنگ دڙي کي گڏجي بچايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
غير سنڌين جا ڪٽڪ ڪروڙين
دشمن کي سنڌ مان ته ڀڄايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
قلم ڪهاڙي ساڻ سدان ئي
علم اصولي ٻار پڙهايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
جيڪو سنڌ سان دوکو سوچي
تنهن جو ڪنڌڪهاڙي ڪٽايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
ڏينهن اڀاري رات کٽايون
ڏينهن اڀاري رات کٽايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
سوره سنڌ جا پٽ پيارا
منزل ماڻي پنڌ پڄايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
پنهنجي ٻولي ماءُ جي لولي
دنيا وارن کي ته ٻڌايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
تهذيب تمدن پنهنجو پيارو
اجرڪ ٽوپي وارا آهيون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
دشمن سنڌ جو موذي مرندو
اهڙي اڀ ۾ آس اٿايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
سنڌي سنڌ سپاهي سڄا
دنگ دڙي کي گڏجي بچايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
غير سنڌين جا ڪٽڪ ڪروڙين
دشمن کي سنڌ مان ته ڀڄايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
قلم ڪهاڙي ساڻ سدان ئي
علم اصولي ٻار پڙهايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
جيڪو سنڌ سان دوکو سوچي
تنهن جو ڪنڌڪهاڙي ڪٽايون
سوچن جي ڪا باک ڦٽايون
ڏينهن اڀاري رات کٽايون